پاڪستانسنڌ

سال 2022ع ۾ مهانگائي جا نوان رڪارڊ، غريب طبقو ڀاڄي کائڻ کان به ويو!

سال 2022ع ۾ مهانگائي جا پراڻا رڪارڊ ٽٽي ويا، غريب ماڻهو لا هڪ سير اٽو وٺڻ به ويتر ڏکيو ٿي پيو، سال جي شروعات ۾ چڪي تي 85 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيندڙ اٽي جو اگهه ڊسمبر ۾ 140 رپين تائين پهچي ويو، ڀاڄين جا اگهه به چوٽ چڙهي ويا آهن. تفصيل موجب هلندڙ سال دال ماش 300 رپيا ڪلو کان وڌي 390 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته چڻن جي دال هاڻي 180 بدران 220 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، بصر هڪ سال ۾ 140 رپيا مهانگو ٿي ويو، 40 رپين بدران 180 رپيا ڪلو تي پهتو آهي، جڏهن ته ٽماٽا 200 رپيا ڪلو ۽ پٽاٽا 35 رپين کان 70 رپيا في ڪلو تائين پهتا آهن ۽ في الحال مهانگائي جو زور ٽٽڻ جا امڪان به نظر نٿا اچن. ٻئي طرف 2022ع ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جا حال هيڻا رهيا، تيزي سان تبديل ٿيندڙ حالتون سيڙپڪارن لاءِ سازگار ثابت نه ٿيون، هڪ سال اندر رجسٽرڊ ڪمپنين جي شيئرز جي ماليت ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي ڏٺي وئي. جنوري جي شروعات ۾ 100 انڊيڪس 44 هزار 596 پوائنٽن جي سطح تي هئي، جيڪا هاڻي 3000 پوائنٽن کان به هيٺ اچي وئي آهي، جنهن ڪي سيڙپڪار اربين رپيا وڃائي ويٺا. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊالر جو اگهه وڌڻ ۽ ٻوڏ جي تباهين سان گڏوگڏ مختلف ادارن طرفان منافعي خوري ۽ رشوت ۾ اضافي به مهانگائي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button