پاڪستانپنجاب

پيپلزپارٽي پنجاب ۾ وڏ وزارت تان هٿ کڻي وئي، نواز ليگ جو حق آهي:آصف زرداري

پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پرويز الاهي کي هٽائڻ جي صورت ۾ وڏ وزارت تان هٿ کڻي ورتو آهي، پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پنهنجي پارٽي جي اميدوار کي پنجاب جو وڏو وزير بڻائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ نواز ليگ جي ميمبرن جو انگ وڌيڪ آهي، تنهن ڪري پنجاب ۾ وڏ وزارت تي انهن جو ئي حق آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته منهنجي لاءِ حمزه شهباز ۽ بلاول ڀٽو ۾ ڪو به فرق ناهي، حمزه شهباز منهنجي لاءِ بلاول کان گهٽ ناهي، پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ ميمبرن جو تعداد تمام گهڻو آهي ان ڪري پنجاب ۾ وڏي وزير جو عهدو کين ملڻ گهرجي. واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ خبرون سامهون آيون هيون ته اڳوڻو صدر آصف زرداري پنجاب ۾ وڏي وزير جو عهدو حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي ۽ پ پ جي حسن مرتضيٰ سميت 3 ڄڻن جا نالا وڏ وزارت جي ڊوڙ ۾ شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button