پاڪستان

بس ۾ گيت ٻڌي عشق، نوجوان ڇوڪري اڌڙوٽ ڊرائيور سان پسند جو پرڻو ڪري ورتو

پنجاب ۾ 24 ورهين جي ڇوڪري کي 50 ورهين جي بس ڊرائيور سان پراڻا گيت ٻڌي عشق ٿي ويو ۽ ٻنهي پسند جو پرڻو ڪري ورتو، ڇوڪري ساڳئي بس جي ڪنڊيڪٽر بڻجي وئي آهي. 24 ورهين جي شهزادي آن لائن انٽرويو ۾ ٻڌايو ته بس ڊرائيور صادق سان ميان چنون کان لاهور تائين لوڪل بس ذريعي سفر ڪندي هيس، جڏهن به بس ۾ ويهندي هيس ته مون کي صادق جو اٿڻ ويهڻ، گاڏي هلائڻ ۽ طور طريقو ڏاڍو سٺو لڳندو هو، هي تمام گهٽ ڳالهائيندو هو ۽ سفر دوران پراڻا گيت ٻڌندو هو جيڪي مون کي گهڻا پسند هئا. هن چيو ته منهنجو اسٽاپ آخري هو، سڀئي مسافر بس مان لهي ويندا هئا ۽ مان بس ۾ موجود هوندي هيس، مان اڳئين سيٽ لاءِ ايڊوانس بڪنگ ڪرائيندي هيس، مون صادق سان محبت جو اظهار به پاڻ ڪيو جنهن تي هن انڪار نه ڪيو، محبت ۾ عمر ناهي ڏٺي ويندي. شهزادي چيو ته صادق گلوڪار عطا الله عيسيٰ خيلوي جو گيت “قميض تيري ڪالي” ٻڌي رهيو هو، جنهن مون کي متاثر ڪيو، صادق جي بس ۾ گيت ٻڌي منهنجي دل ۾ ان لاءِ محبت پيدا ٿي. بس ڊرائيور چيو ته هي منهنجي پهرين شادي آهي سفر دوران مان شهزادي کي نوٽ ڪندو هيس ته هو منهنجا هلايل گيت غور سان ٻڌندي آهي، جنهن تي اڪثر دعا گهرندو هئس ته الله ڪري هي سواري منهنجي ٿي وڃي، شادي ٿيڻ بعد مون هن ٽيپ کي به ٻڌي رکيو، ڇو ته هي ٽيپ ئي اسان جي شادي جي يادگار نشاني آهي، هاڻي نئين ٽيپ لڳائي ڇڏي آهي. ڊرائيور صايدق ٻڌايو ته شادي کان پوءِ مون اڳوڻي ڪنڊيڪٽر کي نوڪري تان فارغ ڪري پنهنجي زال شهزادي کي بس روٽ هوسٽ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button