پاڪستان

گورنر پنجاب کي هٽايو، اسپيڪر سبطين خان صدر کي خط لکي ڇڏيو

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان گورنر بليغ الرحمان کي عهدي تان هٽائڻ لا صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي خط لکي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان صوبائي وزير راجا بشارت جو چوڻ آهي ته آئين جي آرٽيڪل 101 سب آرٽيڪل 3 تحت صدر کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو گورنر کي گهر ڀيڙو ڪري، پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان جي مس ڪنڊڪٽ خلاف اسپيڪر سبطين خان صدر مملڪت کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ گورنر کي تبديل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسپيڪر پنهنجي لکيل خط ۾ گورنر بليغ الرحمان جي غير آئيني قدمن جي نشاندهي ڪئي ۽ اها درخواست ڪئي آهي ته گورنر بليغ الرحمان کي آئين جي ڀڃڪڙي وارا قدم کڻڻ کان روڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button