دنيا ۾ سڀ کان پھريون ڪاغذ چين ايجاد ڪيو هو، جنهن کان پو وقت سان پني جي اھميت ۾ اضافو ٿيو ۽ ان جو استعمال مختلف ڪمن لا ٿيڻ لڳو. خاص طور تي لک پڙهه جو ڪم ۽ ماڻهن تائين ڪاغذ ذريعي پيغام پھچائڻ جو ڪم، جيئن دور گذرندو ويو تيئن شين ۾ جدت ايندي وئي ۽ رابطو آسان ٿيندو ويو.
اڳاٽي زماني ۾ ماڻهن تائين پيغام پھچائڻ لا ڪبوترن ذريعي لفافا ڏنا ويندا ھئا يا وري ماڻهن کي گھوڙن تي چاڙھي پيغام پھچائڻ لا موڪليو ويندو ھو. پر جيئن پنو ايجاد ٿيو ته انهي ڪم ۾ آساني پيدا ٿي وئي. ڪاغذ جي ايجاد کان پو دنيا ۾ اخبارون ۽ ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿي ويا جن سان ماڻهن کي سولائيءَ سان ڄاڻ فراھم ٿيڻ لڳي ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي وا سوا کان به واقف ٿيڻ لڳا. تاريخ ۾ اخبارن سدائين اھم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن سان دنيا ۾ وڏا وڏا انقلاب به اچي چڪا آهن.
ننڍي کنڊ ۾ جيمس آگسٽس ھڪي کي صحافت جو ابو ڪري مڃيو ويندو آهي، جنهن “بنگال گزيٽ” ۽ “ڪلڪته جرنل” جھڙيون اخبارون 1780ع ۾ ڇاپيون ۽ ھندستان ۾ صحافت جو بنياد وڌو. ان کان پوءِ 1822ع ۾ ننڍي کنڊ جي پھرين اردو اخبار “جام جھان نما” ڪلڪتي مان شايع ٿي جنهن ان وقت وڏي مقبوليت ماڻي ۽ وڏي پيماني تي ان جي خبرن کي پڙھيو ۽ ساراھيو ويندو ھو ۽ ان اردو اخبار عوام جي سماجي معاشي ۽ فلاحي ڪمن تي گهڻو لکيو. جڏهن انگريزن ھندستان تي قبضو ڪيو، تڏهن 1911ع ۽ 1913ع ۾ “ھمدرد” ۽ “ڪامريڊ” جھڙين ھفتيوار اخبارن انقلاب آڻي ڇڏيو ۽ بعد ۾ نوائي وقت، ڊان ۽ جنگ جھڙين اخبارن نه رڳو پاڪستان جي آزاديءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو پر ماڻهن ۾ سڄاڳي پڻ آندي ۽ اھڙي ريت اخبارن ۽ رسالن کي وڏي پيماني تي پڙھيو وڃي پيو ۽ اخبارن ۾ ڇپجندڙ آرٽيڪل ۽ ايڊيٽوريل کي به وڏي اھميت ملي پئي.
وقت سان اخبار پڙهڻ ماڻهن جي عادت ۾ شامل ٿي وئي ۽ ماڻهو صبح جو نيرن جي ميز تي اخبار پڙهڻ سان پنهنجي ڏينهن جي شروعات ڪرڻ لڳا ۽ اخبار جي خبر جو اثر رسوخ ايترو ھوندو ھو جو ڪا خبر ڪنهن جي لا ڇپجندي ھئي ته ان جو ترت ردعمل ڏسڻ لا ملندو ھو. انهيَ دور ۾ اخبار جي رسائي ھر جڳهه تي ٿي وئي. ماڻهو آفيسن ۾ ھوٽلن تي سفر دوران اخبار پڙھڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا ۽ ان مان لطف اندوز ٿيڻ لڳا، پر جيئن ٽي ويءَ جي شروعات اسان جي ملڪ ۾ سن 1964ع ۾ ٿي ته ماڻهوَ ڊرامن ۽ فلمن ڏسڻ سان گڏ خبرون ٻڌڻ جا به هيراڪ ٿيڻ لڳا، پر اخبار پڙهڻ وارن تي ڪو خاص اثر نه پيو ۽ ائين سن 1990ع ۾ انٽرنيٽ جي به شروعات ٿي وئي جنهن سبب ماڻهوَ دنيا سان ڳنڍجي ويا ۽ ھڪ ٻئي سان اي ميل ذريعي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ رابطو ڪرڻ لڳا.
ان کان پو سن 2001ع ۾ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ پاڪستان ۾ پيمرا جو ادارو قائم ڪيو ويو، جنهن سان اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ نيوز چينلن جو جنم ٿيو. جنهن کان پوءِ پوري پاڪستان ۾ نوان پرائيوٽ نيوز چينل کليا ۽ خبرن تائين رسائي آسان ٿي وئي. ماڻهو ھر ننڍي وڏي خبر لائيو ڏسڻ لڳا ۽ ان سان چاهه رکڻ لڳا. پر ايترن نيوز چينلن جي باوجود به اخبار پڙهڻ وارن تي ڪو خاص اثر نه پيو ۽ اخبار جي اھميت برقرار رھي. پر سن 2010ع کان پو جڏهن سوشل ميڊيا جو استعمال عام ٿيڻ لڳو ته فيس بوڪ، گوگل، ٽوئيٽر ۽ يوٽيوب ماڻهن تي سحر طاري ڪري ڇڏيو جنهن کان پو ھر ماڻهو فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر تي لکڻ شروع ٿي ويو. عام ماڻهو يوٽيوب جي ھر وڊيو تي يقين ڪرڻ لڳو. جنهن سان ڪجهه فائدا ضرور ٿيا پر نقصان به ڪافي ٿيا.
سوشل ميڊيا کان اڳ ماڻھو ڪتاب ۽ اخبارون گھڻيون پڙھندا ھئا پر ھاڻي فقط فيس بوڪ جي خبر تي ۽ پي ڊي ايف جي مواد تي گھڻو اعتماد ڪرڻ لڳا آھن يا يوٽيوب تي جيڪا به وڊيو رکي وڃي ٿي ان خبر جي بنا تصديق ڪرڻ جي ان کي حرف آخر سمجهڻ لڳا آهن. جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي.
اڄڪلهه ھر ڪو ماڻهو پنهنجي موبائل فون تي سوشل ميڊيا جو وڏي زور شور سان استعمال ڪري ٿو. ڪو پنهنجون ھٿ جون ٺاھيل خبرون رکي ٿو ڇڏي ته ڪي وري فيڪ وڊيوز ٺاھي رکن ٿا. جنهن سان اسان جو نوجوان نسل وڏي پيماني تي گمراهه ٿي رھيو آهي ۽ ان جو گهڻو غلط استعمال به ڪري رھيو آهي. اڄڪلهه ڪنهن کي توهان بدنام ڪرڻ چاھيو يا ھيرو ٺاھڻ چاھيو ته توھان سوشل ميڊيا ذريعي اھو ڪم آساني سان ڪري سگھو ٿا ۽ ائين اسان جي سماج ۾ ٿي پڻ رھيو آهي.
سوشل ميڊيا جي اچڻ سان اسان جا ماڻهو جيڪي اڳ ڪتاب پڙھندا ھئا ۽ وڏي شوق سان اخبارون پڙھندا ھئا ۽ اخبارن جي خبر تي يقين ڪندا ھئا. اڄ اھي ماڻهو به سوشل ميڊيا جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويا آهن ۽ سوشل ميڊيا جي ھر خبر تي يقين ڪرڻ لڳا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي جو سوشل ميڊيا جي اچڻ سان ڪافي فائدا ٿيا آهن. پوري دنيا جا ماڻهو ھاڻي پاڻ ۾ رابطي ۾ رهن ٿا پر اتي اسان جون سٺيون عادتون به ڇڏائجي ويون آهن جنهن ۾ اخبار پڙهڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ شامل آهن.
آمريڪا جي هڪ رپورٽ موجب دنيا ۾ 15 کان 25 سالن 21 سيڪڙو نوجوان اخبارون پڙھن ٿا ۽ 40 کان 54 سالن وارا 18 سيڪڙو ماڻهو اخبار پڙھن ٿا. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته اڄڪلهه جي دور ۾ اخبار ۽ اخبار پڙهڻ وارن جو معيار ڪري پيو آهي، جنهن سان اسان کي ڪافي نقصان به پھتو آهن. اڄڪلھه جي دور ۾ سوشل ميڊيا ھڪ اھم ڪردار ادا ڪري رھي آهي پر ڪجهه ماڻھو ھن کي اخبار ۽ ٽي وي جو متبادل سمجهي رھيا آهن ۽ جنهن ڪري اخبار توڙي ٽي وي کي به نقصان پھتو آهي.
بهرحال ھر دور جون گهرجون پنهنجون ھونديون آهن. ھي دور جديد ٽيڪنالاجي جو دور آهي جنهن ڪري اخبارن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا پون. ڪو وقت ھوندو ھو جو بس اسٽينڊ، ھوٽلن، پارڪن ۽ گاڏي ۾ سفر دوران ماڻهن جي ھٿن ۾ اخبارون ھونديون ھيون ۽ انهن وٽ سٺي تصديق ٿيل ڄاڻ ھوندي ھئي ۽ ھاڻي ھر فرد وٽ ھر جڳهه تي پنهنجو موبائل فون آهي ۽ اھو وڏو اديب به آهي، عالم به آهي ۽ وڏو سياستدان به آهي. سوشل ميڊيا ذريعي بنا تصديق ڪرڻ جي هن وٽ ھر معلومات به آهي. چوندا آهن ٿورو علم خطرناڪ ھوندو آهي ۽ جيڪڏهن اسين سوشل ميڊيا جي استعمال سان گڏ اڄ اخبارون ۽ ڪتاب پڙھون ته شايد اسان جي علم ۾ گهڻي واڌ ٿيندي.