ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ متاثرن لاءِ منظور ٿيل امدادي رقم

هن سال آيل ٻوڏ سبب سنڌ جي ماڻهن ڪيترو ڀوڳيو آهي، ان جو اندازو انهن جي هاڻوڪي حالت ڏسي لڳائي سگهجي ٿو. هڪ پاسي ٻوڏ انهن کي دربدري ڏني ته ٻئي پاسي انهن جي روزگار جا وسيلا به ڦرجي ويا. نتيجي ۾ نه رڳو ڪروڙين ماڻهو سڌي ۽ اڻ سڌي ريت ٻوڏ سبب متاثر ٿيا پر اهي هن وقت تائين به پريشاني واري زندگي گذاري رهيا آهن. ڪيترن علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل هجڻ ڪري ٻوڏ متاثرن جي واپسي ڪونه ٿي سگهي آهي. واپسي نه ٿيڻ جو سبب رڳو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڻي بيٺل هجڻ ڪونهي پر اتي سمور انفرااسٽرڪچر ئي تباهه لڳو پيو آهي. انهن علائقن جي انتظاميه اڃا به بحالي وارو ڪم بهتر نموني نه ڪري سگهي آهي. تنهنڪري اهو سلسلو ايندڙ ڪيتري عرصي تائين جاري رهندو، ان بابت حڪومت به ڪا واضح ڳالهه نه ڪري رهي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امداد ڪيئن خرچ ٿي، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن ٻوڏ متاثرن تي ڪيترو پئسو خرچ ڪيو آهي، اهي انگ اکر جڏهن سامهون اچن ٿا ته ائين ٿو لڳي ته ٻوڏ متاثرن تي جيترو پئسو خرچ ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ انهن جي بحاليءَ جو ڪم بچي ئي نٿو ۽ نه ئي اهي ڪئمپن ۾ رهيل هوندا پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. اڄ به ٻوڏ متاثر ڪئمپن ۾ رهيل آهن، اهي دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن. ان کان سواءِ اهي پنهنجن علائقن ڏانهن به ڪونه پيا وڃي سگهن، ڇاڪاڻ ته اتي حالتون اڃا به رهڻ لائق ڪونه ٿي سگهيون آهن. جيڪڏهن پرڏيهه مان آيل امداد جو استعمال چڱي ريت ٿيو آهي ته پوءِ ٻوڏ متاثر ڇا تي پريشان آهن ۽ اهي حڪومت کي ڇو اپيلون ڪري رهيا آهن ته انهن جي بحالي واري ڪم کي پورو ڪيو وڃي. هڪ ڀيرو وري عالمي بئنڪ ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ هڪ ارب 69 ڪروڙ ڊالر جي منُظوري ڏني وئي آهي.
عالمي بئنڪ ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ ارب 69 ڪروڙ ڊالر منظور ڪري ورتا. عالمي بئنڪ جي رپورٽ مطابق رقم ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رڪوري ۽ بحالي لاءِ خرچ ڪئي ويندي. رقم سنڌ صوبي ۾ گهرن جي اڏاوت، صحت، زرعي شعبي ۽ لائيو اسٽاڪ تي خرچ ٿيندي. عالمي بئنڪ مطابق رقم ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي ٻيهر اڏاوت تي استعمال ڪئي ويندي. ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ فصلن کي بهتر بنائڻ لاءِ خرچ ٿيندي. پڌرائي مطابق 50 ڪروڙ ڊالر جي رقم انفرااسٽرڪچر جي رڪوري تي خرچ ڪئي ويندي. عالمي بئنڪ موجب 50 ڪروڙ ڊالر جي رقم سنڌ فلڊ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽنشن لاءِ استعمال ٿيندي. 29 ڪروڙ ڊالر جي رقم سنڌ واٽر ايند ايگريڪلچر ٽرانفارميشن پراجيڪٽ لاءِ استعمال ٿيندي. سوشل پروٽيڪشن ڊليوري سسٽم پروجيڪٽ لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر خرچ ڪيا ويندا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هاڻوڪي ٻوڏ کان پوءِ نه رڳو پاڪستان کي امداد جي مد ۾ ڪافي رقم ملي آهي پر اها رقم وڏن ادارن پاران ڏني وئي آهي پر ڇا هتان جي حڪومت ان جو بهتر استعمال ڪيو آهي. ڇا ان رقم سان ٻوڏ متاثرن جي بحالي ممڪن ٿي سگهي آهي؟ جڏهن ته امداد ملڻ کان پوءِ ان جو بنهه ڪجهه سيڪڙو ئي متاثرن تائين پهچندو آهي، باقي گهوٻين جي ور چڙهي ويندو آهي. ڪنهن به حڪومت جي پهرين ترجيح اها ئي هجڻ گهرجي ته اها ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ڪو هڪ ٻوڏ متاثر به رهجي نه وڃي پر هتي ته حالت اهڙي آهي جو هيترا مهينا گذري وڃڻ کان پوءِ به ٻوڏ متاثر ان انتظار ۾ ويٺا آهن ته حڪومت ۽ مقامي انتظاميه انهن جي واهر ڪندي ۽ انهن کي پنهنجن پنهنجن شهرن توڙي علائقن ۾حفاظت سان پهچائيندي.
هاڻ جيڪا امداد عالمي بئنڪ جاري ڪئي آهي، اهو هڪ سٺو فيصلو آهي، ان امداد وسيلي ٻوڏ متاثرن جي گهڻي مدد ٿي سگهي ٿي. جنهن سان انهن جون تڪليفون ڪنهن حد تائين گهٽجي سگهن ٿيون. پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن امداد جي سڄي رقم ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي خرچ ٿئي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا گهوٻي نه هنئي وڃي ۽ نه ئي وري ان معاملي تي سستي ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته ٻوڏ متاثر ڪيترن ئي مهينن کان لوڙي رهيا آهن. انهن کي وڌ ۾ وڌ رليف جي ضرورت آهي ۽ اهو رليف هر سطح تي ملڻ لازمي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ٻوڏ متاثر هن وقت جنهن حالت ۾ آهن، اهي ڪنهن به ريت بهتر ڪونهي. تنهنڪري انهن جي بحالي، انهن کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ بنهه گهڻو ضروري آهي. ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻُوڪي آيل امداد جو ايمانداريءَ سان استعمال ڪيو وڃي. اها رقم هر حال ۾ ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي بحالي ممڪن ٿي سگهي ۽ ان کان سواءِ حڪومت به ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اڳيان اچي، رڳو پرڏيهي امداد تي نه ڀاڙي ته بهتر ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button