پاڪستان

پنجاب ۾ سنگين آئيني بحران، گورنر اسپيڪر جي رولنگ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

پنجاب ۾ وڏ وزارت جو جهيڙو ۽ آئيني بحران ويتر شدت اختيار ڪري ويو، گورنر جي هدايتن کي ليکي ۾ نه آندو ويو، پرويز الاهي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ نه ورتو، جنهن بعد گورنر بليغ الرحمان اسپيڪر سبطين خان جي گذريل ڏينهن واري ڏنل رولنگ کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. رات دير سان پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان آئين جي آرٽيڪل 130 جي شق 7 تحت حڪم جاري ڪيو، جنهن ۾ گورنر طرفان چيو ويو ته آئين جو دفاع ۽ قانون جي پاسداري اسپيڪر جي ذميواري آهي، اسپيڪر کي آئيني ذميواري نڀائڻ ۾ ذاتي پسند ناپسند جي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسيمبلي جو اسپيڪر پنهنجو فرض ايمانداري ۽ غير جانبداري سان ادا ڪرڻ جو پابند آهي، اسپيڪر آئين تحت جيڪو قسم کنيو آهي ان کي پٺي نٿو ڏئي سگهي، اسپيڪر سبطين خان پنهنجي رولنگ ۾ غير قانوني نڪتا اٿاريا آهن. گورنر پنجاب چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر هاءِ ڪورٽ ڪيس ۽ منظور وٽو ڪيس جو غلط مثال پيش ڪيو آهي، آئين تحت گورنر کي سڀئي اختيار حاصل آهن. هوڏانهن ان کان اڳ پنجاب حڪومت جي سياسي بحران تي حتمي فيصلي لاءِ گورنر هائوس لاهور ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گورنر بليغ الرحمان، نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button