پاڪستانعالمي

بنون واقعو پريشان ڪندڙ آهي، ٽي ٽي پي بابت پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي:بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بنون جهڙا واقعا پريشان ڪندڙ آهن، عوام جي جان ۽ مال جي سلامتي لاءِ انتها پسندن خلاف ڪارروائي ضروري آهي، پاڪستان کي پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي بابت پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. واشنگٽن ۾ آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٽي ٽي پي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ آسان رستو افغان عبوري حڪومت سان سهڪار ڪرڻ آهي، افغان عبوري حڪومت سان سهڪار وارو رستو منهنجو پسنديده طريقو هوندو پر ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اهو واحد رستو ناهي. تحريڪ طالبان پاڪستان طرفان ڪيل دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا پيا وڃن. واشنگٽن ۾ ايٽلانٽڪ ڪائونسل کي خطاب ڪندي هن چيوته بنون ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي ڪارروائي ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين جي تحفظ لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻندو، هن ان اميد جو اظهار ڪندي چيو ته ان سلسلي ۾ افغانستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو خاتمو چاهي ٿو، جنهن لاءِ سنجيدا ڪوششون ڪيون پيون وڃن. بلاول ڀٽو چيو ته اميد آهي ته 9 جنوري تي پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي امداد لاءِ گڏيل قومن پاران منعقد ڪرايل عالمي ڪانفرنس ٻوڏ متاثرن لاءِ جوڳا قدم کنيا ويندا. پرڏيهي وزير پاڪ- آمريڪا لاڳاپن جي حوالي ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ گهڻي بهتري ۽ ويجهڙائي آئي آهي، پاڪستان جا معاشي مفاد آمريڪا سان ڳنڍيل آهن، اسان آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وسيع ڪرڻ چاهيون ٿا، ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button