ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنجاب ۾ اقتدار جي ويڙهاند – I

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

پنجاب ۾ پاور اسٽرگل (اقتدار خاطر سياسي ويڙهاند) پنهنجي عروج تي پهچي وئي آهي. ھونئن به تحريڪ انصاف جي پنجاب سرڪار ڦرڻن گھرڻن چوڌرين جي ڏھن ووٽن آڌار مصنوعي سياسي آڪسيجن سلينڊر وسيلي سھڪي سھڪي ساهه کڻي پئي. جيڪڏهن ھي آڪسيجن سلينڊر ڏينهن ٻن ۾ ھٽايو ويو ته عمران خان جي سڀ کان وڏي صوبي مان في الحال ته ھوا نڪري ويندي ۽ سندس جماعت ۽ ساٿاري ڪوما ۾ هليا ويندا. بقول ھڪ اردو شاعر جي ته:
الٽي ھوگئين سب تدبيرين!
ھاڻي ٻين ماڻھن جيان آئون به اھو مڃڻ لڳو آهيان ته آصف زرداري، سڀ تي ڀاري! سياسي جوڙ ٽوڙ جي ھن ماھر پورا ٽيھه ڏينهن پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ سوکڙي طور مليل گلابي رنگ جي لاھوري بلاول ھائوس ۾ ۽ اسلام آباد جي ايف ٽين سيڪٽر ۾ پنھنجي ذاتي گھر سان گڏوگڏ گجرات جي بي تاج بادشاهه چوڌري شجاعت حسين جي محلات ۾ گذاريا آهن ۽ جيڪا محنت ڪئي اٿس، ان تي عمران خان جي نائب اسد عمر به سوال اٿاريو آهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري لاھور واري محل کي سنڌ ھائوس نمبر 2 ڇو ٺاھي ويٺو آهي؟ ظاھر آهي ته اسد عمر ۽ سندس ليڊر عمران خان کي انھيءَ سوال جو جواب ڪونه ملندو. جيڪڏهن چوڌري شجاعت حسين سان زرداري ۽ لنڊن ۾ رهندڙ جلاوطن مسلم ليگي اڳواڻ ميان نواز شريف جو ڪو ڳجھو ٺاهه ٿي ويو آهي ته پوءِ پڪ سمجهو ته پنجاب جي وزير اعلى چوڌري پرويز الاهي جي سرڪار ڪنھن اڻ ٽڙيل وڻ وانگر ڊھي پٽ تي ڪرندي. ھن سياسي واردات جي نتيجي ۾ سياسي پارٽين جو اتحاد (پي ڊي ايم) پنجاب ۾ پنھنجا جھنڊا کوڙي تحريڪ انصاف وارن کي رڪ جا چڻا چٻائي ڇڏيندو. ڇرڪائيندڙ نتيجن سان ڀرپور ھي نھايت ڇرڪائيندڙ واردات ڪھڙا ڀوائتا نتيجا ڏيکاريندي، ان بابت مون کي پنهنجي ذاتي تجربن ۽ مشاهدن سان گڏوگڏ اکين ڏٺا واقعا به ياد اچي ويا آهن.
مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته آڪٽوبر 1989ع ۾ جڏھن اڃا شهيد بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت کي ھڪ سال به پورو نه ٿيو ھو ته ان زماني جي جنرل اسلم بيگ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ دھشتگردن خلاف ڪرايل پيپلز پارٽي سرڪار جي پوليس آپريشن کي نه رڳو ھڪ ڪلاڪ اندر فوجي آپريشن ڪرائي ناڪام ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم جي قاتلن ۽ دھشتگردن کي بچائي ورتو پر صدر غلام اسحاق خان، ميان نواز شريف ۽ مرحوم غلام مصطفى جتوئي جي پٺڀرائي سان بينظير خلاف بي اعتمادي واري رٿ واسطي خود پيپلز پارٽيءَ جا قومي اسيمبلي ميمبر به خريد ڪيائين جن کي بدنام زمانه يونس حبيب جي مھراڻ بئنڪ مان ڪروڙين رپيا ڏنا ويا ھئا.
ڪمال جي ڳالهه آهي بلڪه حقيقت آهي ته قومي اسيمبلي جي تڏھوڪي اسپيڪر عالي جناب ملڪ معراج خالد وٽ ميان نواز شريف جو سڀ کان وڏو چيلو رشيد احمد شيخ بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ لاءِ اسپيڪر چيمبر ۾ پنهنجن ساٿين سوڌو داخل ٿيو. وزير اعظم بينظير ڀٽو کي انھي سازش جي خبر سندس ئي مقرر ڪيل آ ايس آ جي سربراهه جنرل شمس الدين ڪلو ملائيشيا ۾ فون ذريعي ٻڌائي. آئون بينظير ڀٽو صاحبه جي ھر ھڪ ملڪ جي آفيشل اسٽيٽ وزٽ ۾ ساڻس گڏ ھوندو ھئس ۽ زرداري مون کي ھر ھنڌ حاضر ناظر ڏسي وائڙو ٿي سوچيندو ھو ته ھي آهي ڪھڙي بلا جنهن تي منھنجي زال سمورن صحافين کان گهڻو اعتماد ۽ اعتبار ڪري ٿي! محترمه کي جڏهن سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي سچار ساٿي جنرل شمس الدين ڪلو اھا خبر ٻڌائي ته ان مھل اسان ملائيشيا جي گاديءَ واري شهر ڪوالالمپور ۾ تڏهوڪي حڪمران مھاتير محمد جي ٺھرايل شانائتي ڪنوينشن ھال ۾ داخل ٿي رهيا هئاسون. ھي ڪامن ويلٿ پارليامينٽري ميمبر ملڪن جي گڏجاڻي ھئي، جنهن جي خاص مھمان برطانيا جي تازو فوت ٿيل راڻي ايلزبيٿ پاڻ ڪوالالمپور ۾ ٿيل ھن تاريخي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيل ھئي.
پھرين ته اڄ جي شاگردن کي ڄاڻ ڏيندس ته ڪامن ويلٿ پارليامينٽري آرگنائيزيشن آفريقا، ايشيا، لاطيني آمريڪا ۽ آسٽريليا جي انھن ملڪن جي تنظيم آهي جيڪي برطانوي سامراج جي قبضي هيٺ صدين تائين ھئا پر انهن “غلام” ملڪن جي اھڙي بدترين حالت نه هئي، جيڪا نام نهاد آزاديءَ کان پوءِ اسان جي پنھنجن حاڪمن ڪئي آهي. ان ڪري ئي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پنهنجي پھرئين انگريزي ڪتاب جو نالو ئي اھو رکيو، The Myth of the Independence منهنجي استاد ۽ عالم فاضل مرحوم مقبول احمد ڀٽيءَ انھيءَ ڪتاب کي 1970ع ۾ ترجمو ڪري سنڌي ٽائيٽل رکيو ھو: “نالي ماتر آزادي.”
پنجاب اڄڪلھه سياسي دنگل ۾ وڪوڙيل آهي، يعني اقتدار خاطر ملاکڙو ۽ ويڙهاند! عمران خان ۽ سندس ساٿين کي پڪ آھي ته گجرات جا چوڌري يعني چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي ساڻن دغابازي نه ڪندا. جڏهن ته سندس پارٽي تحريڪ انصاف جو نائب صدر اسد عمر چوي ٿو ته زرداري پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبرن کي خريد ڪرڻ خاطر پئسن جون ڳوڻيون ڀري اچي لاھور جي بلاول ھائوس نمبر 2 ۾ ويٺو آهي. جيتري قدر اسيمبلي اجلاس گهرائڻ ۽ ان اجلاس کي ملتوي ۽ مھمل ڪرڻ واري قانون کي آئون سمجهي سگھيو آهيان ته ان جو مثال ڪوالالمپور ۾ تڏهوڪي وزير اعظم بينظير ڀٽو کي مليل پيغام کان پوءِ ٿيل بي اعتماديءَ واري رٿ جي موقعي تي ٿيل آئيني ۽ قانوني ڪارروائي بابت پڙھندڙن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ اکين ڏٺو احوال لکان ٿو:
آئون پنهنجي دوست رحمت شاهه آفريديءَ سان گڏ ھيءَ خوبصورت ڪنوينشن ھال گھمي ڏسڻ لڳس ته اوچتو بينظير ڀٽو صاحبه اسان ٻنهي کان تڪڙيون ٻرانگهون ڏيندي منهنجي مانواري دوست آفريديءَ کي منھنجي سامھون چيو ته رحمت شاهه پاڻ اسلام آباد ۾ ڇو نه عالمي ليول جو اھڙو شاندار ڪنوينشن ھال ٺھرايون! اھو چئي اسان ٻنهي کي پاسيرو گھرائي ھڪڙي ڪنڊ ۾ بيھاري شيخ رشيد پاران نواز شريف ۽ جنرل اسلم بيگ جي اشارن تي اسپيڪر ملڪ معراج خالد وٽ پيش ڪيل ووٽ آف نو ڪانفيڊنس جو ذڪر ڇيڙي ڇڏيائين. رحمت شاهه آفريدي آڪٽوبر 1989ع ۾ مون کان سواءِ ڪنهن به سنڌي صحافيءَ کي ڪونه سڃاڻندو هو. آئون چئلينج ڪري چوان ٿو ته سرڪاري نوڪريءَ مان ڪرپشن جي الزامن ھيٺ برطرف ٿيل سنڌي صحافين کي به مون اڳتي وڌايو. لاهور مان فرنٽيئر پوسٽ نالي آزاد انگريزي اخبار شايع ڪندڙ دلير ۽ بيباڪ صحافي رحمت شاهه آفريدي بينظير ڀٽو جو سچو سپاهي هو. ھر ڏکيءَ مهل تي پنهنجي حياتيءَ کي خطري ۾ وجھي پنهنجي دين جي ڀيڻ بينظير کي بچائيندو هو.
ھن عظيم شخص جي باري ۾ آئون سنڌ جي جوانن کي ڪنهن ٻئي مضمون ۾ تفصيل سان ڄاڻ ڏيندس. اصل ڳالهه تي اچون ٿا ته بينظير خلاف بي اعتماديءَ واري رٿ قومي اسيمبلي جو اجلاس ھلندي پيش ڪئي وئي ھئي. ملائيشيا ۾ اطلاع ملڻ شرط وزير اعظم بينظير ڀٽو پنهنجو دورو ڪٽ شارٽ ڪيو. آئون، منهنجي اخبار “دي مسلم اسلام آباد” جي ايڊيٽر ڊاڪٽر مليحه لوڌي، جنگ جو ايڊيٽر محمود شام، نصرت جاويد، ھيرالڊ مئگزين جي بيباڪ ايڊيٽر رضيه ڀٽي، زاھد حسين ۽ واجد شمس الحسن اسلام آباد ايئرپورٽ تي لهي سڌا قومي اسيمبليءَ ۾ پھتاسين، جتي اجلاس ھلندڙ ھو. بينظير ڀٽو صاحبه ليڊر آف دي ھائوس واري پنهنجي سيٽ تي ويٺي ۽ اسين سڀ پريس گيلري ۾ وڃي ويٺاسون. اسپيڪر ملڪ معراج خالد وزير اعظم کي مخاطب ٿي مخالف ڌر پاران پيش ڪيل ٺهراءُ پڙھيو ۽ ھڪ ھفتي کان پوءِ ووٽنگ ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيائين. (شايد 25 آڪٽوبر).
ھيئن ته ڪڏهن ڪونه ڏٺوسين ته گورنر ٻن ڏينهن جي نوٽيس تي وزير اعليٰ کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي مجبور ڪري نه ته ٻي صورت ۾ راڻا تو مان راڄ ٿيندا؟
راڻا مان منهنجو مقصد وزير اعظم ميان شهباز شريف جي وزير داخلا راڻا ثناءُ الله جي انھن بيانن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ آهي ته جيڪڏهن پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي خميس ڏينهن (اڄ) اجلاس سڏائي صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي اڪثريت ثابت ڪرڻ کان نٽائيندو ته پاڻمرادو جاپاني سسٽم ذريعي سندس حڪومت ختم ٿي ويندي ۽ وفاقي سرڪار لاهور جي چيف منسٽر هائوس کي سيل ڪري پرويز الاهيءَ کي اتان زوريءَ بيدخل ڪري ڇڏيندي! ايئن ته ڪنهن به رٽائر ٿيندڙ سترھين يا ارڙهين گريڊ جي سرڪاري نوڪر کان به گھر نه ٿو خالي ڪرائي سگهجي منهنجا سائين! بيشڪ چوڌري خاندان جي بيوفائي ۽ موقعي پرستي جڳ مشهور آهي. پر ياد رکو ته بينظير ڀٽو جي 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ شھادت کان پوءِ سندس ور ھنن ئي چوڌرين جي قائد اعظم مسلم ليگ کي قاتل قرار ڏنو ھو پر ملڪ جو صدر ٿيڻ کان پوءِ ساڳئي پرويز الاهي چوڌريءَ کي نائب وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيائين. ساڳيو وزير اعليٰ پنجاب پي ڊي ايم اڳواڻن سان 9 مھينا اڳ واعدو ڪري، مٺايون کائي، ٻئي ڏينهن تي ڪلٽي کائي وڃي عمران خان جي پيرن تي ڪريو ۽ چيائين، جنرل صاحب حڪم ڏنو آهي ۽ پي ڊي ايم کي پٺ ۾ ڪاتي وھائي ڪڍي اٿم.
(ھلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button