ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنجاب ۾ سياسي ۽ آئيني بحران

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

سياست کي ممڪنات جو فن چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته سياست وسيلي وڏي کان وڏا بحران ٽاري سگهجن ٿا ۽ وڏي کان وڏا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا. پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن سياستدانن ۾ سياسي ساڃاهه هجي. سياسي ساڃاهه هجڻ جو مطلب اهو آهي ته ان سان ڏيهي توڙي پرڏيهي مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت هجي. ڪجهه ڏينهن کان ملڪ ۾ سياسي معاملا گڙٻڙ جو شڪار لڳا پيا آهن. هڪ پاسي پنجاب ۾ آئيني بحران لڳو آهي ته ٻئي پاسي معاشي بحران جي ڪري حالتون خراب ٿي رهيون آهن. نتيجي ۾ نه رڳو هر پاسي افراتفري لڳي پئي آهي پر ڪنهن کي به سمجهه ۾ ڪونه پيو اچي ته هن ملڪ جو معاشي ۽ سياسي مستقبل ڪهڙو ٿيندو؟

هونئن به ملڪ ٺهڻ کان پوءِ هتي سدائين اهڙا فيصلا ٿيندا رهيا آهن، جن جي ڪڏهن اميد به ڪونه ڪئي ويندي آهي. ان دوران جيڪي سياسي تماشا ٿيندا رهيا آهن، انهن سان تاريخ ڀري پئي آهي ۽ هن وقت تائين به معاملا ساڳي ريت هلي رهيا آهن. سياسي استحڪام لاءِ عوام سڪي ويو آهي.
پي ٽي آءِ واري سياسي تجربي کان پوءِ جهڙي ريت ملڪ ۾ هڪ بحران کان پوءِ ٻئي بحران جنم ورتو آهي، ان سان ملڪ ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون آهن. اڄ جيڪا صورتحال پنجاب ۾ نظر اچي رهي آهي، ان جي ذميوار رڳو پي ٽي آءِ ڪونهي پر عدليه به آهي، جنهن نه رڳو عدالتي ڪمري ۾ ويهي آئين لکيو پر ان پي ٽي آءِ جي ڦري ويل ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪري پنجاب ۾ سياسي ۽ آئيني بحران کي وڌيڪ سنگين ڪري ڇڏيو آهي.
هاڻ جڏهن پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن ته پي ٽي آءِ اهو فيصلو ڪري چڪي آهي ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙي ويندي ۽ ان کان پوءِ ڪي پي ڪي اسيمبليءَ کي ختم ڪيو ويندو. پر وفاقي حڪومت ان حق ۾ ڪونهي ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙي وڃي. اها رڳو پرويز الاهيءَ کي وڏ وزارت تان هٽائڻ چاهي ٿي.
ملڪ ۾ گذريل ستن ڏهاڪن کان سياسي تجربا اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ سان ٿي رهيا آهن. اسٽيبلشمينٽ پنهنجن مفادن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ سدائين سياستدانن کي ڍال طور استعمال ڪندي رهي آهي. اهڙي ريت ڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وهندو رهيو ته ڪڏهن نواز شريف ۽ ڪڏهن وري عمران خان نيازي انهن جي ڪم آيو. پر ان سڄي تجربي دوران شڪست وري به سياستدانن جي ٿي آهي، جيڪي هڪٻئي جي ڄنڊا پٽ کان مڙن ڪونه ٿا. عمران خان نيازي واري تجربي کان پوءِ جيڪو گند ملڪي سياست ۾ شامل ٿيو آهي، اهو ڪنهن به ريت گهٽ ڪونهي ٿيو پر اهو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. هن نه رڳو ادارن تي حملا ڪيا پر انهن جي سربراهن کي به تڪراري بڻايو. گذريل ڪجهه عرصي کان هو اليڪشن ڪميشن کي تڪراري ڪندو رهيو آهي. جنهن جو سربراهه هن کي قبول ڪونهي، جيڪو سندس صلاح مشوري سان مقرر ڪيو ويو هو. عدليه جي ججن خلاف هن جي ٻولي نامناسب رهي آهي. ان کان سواءِ فوج جي اڳوڻي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا تي به عمران خان نيازيءَ جا حملا پڻ جاري آهن.
هاڻ هو جنهن به فورم تي ڳالهائي ٿو ته هر هڪ سياسي عمل جو ذميوار جنرل قمر جاويد باجوا کي سمجهي ٿو. جڏهن ته حڪومت ۾ رهندي هو اها دعويٰ ڪندو رهيو ته ڪوبه فيصلو سندس مرضيءَ کان سواءِ ڪونه ٿو ٿئي ۽ سڀ فيصلا هو ڪندو آهي، جنهن جي منظوري ڪابينه ڪندي آهي. ايستائين جو هو چوندو رهيو ته فوج هن جي پويان بيٺل آهي. پر هاڻ هو جتي ڪٿي اهو چئي رهيو آهي ته اقتدار ۾ هوندي به سندس هٿ ٻڌل هئا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملڪ ۾ ڪوبه سويلين وزير اعظم ڪنهن به ريت طاقتور نه هوندو آهي. هن کي ايتري آزادي ڪونه مليل هوندي آهي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان فيصلا ڪري سگهي. ڪوبه وزير اعظم ڀلي ڳري اڪثريت سان ڇو نه چونڊجي اچي. پر ان کي فيصلي سازيءَ ۾ نالي ماتر آزادي مليل هوندي آهي. جنهن جو مزو هو ماڻڻ چاهي ته ماڻي سگهي ٿو. نواز شريف اڪيلي سر حڪومت ٺاهي هئي. هن جي حڪومت عمران خان نيازي وانگر آزاد اميدوارن ۽ اتحادين جي سهاري تي ڪونه بيٺل هئي پر جڏهن هن کان اقتدار کسڻ جو فيصلو ٿيو ته ان لاءِ بس عدالتي ڪارروائي جي ضرورت هئي، جنهن ۾ ثاقب نثار جهڙا جج هئا، جن قانوني گهرجن کي پورو نه ڪندي. غيرآئيني فيصلا ڏئي نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز کي نا اهل قرار ڏئي ڇڏيو.
عمران خان نيازي پنهنجو پاڻ کي ڀلي سياست جو وڏو رانديگر سمجهندو هجي پر جيڪڏهن ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي لڳي ٿو ته سندس فيصلا ملڪي سلامتيءَ لاءِ خطرناڪ آهن يا هن جي ڪيل فيصلن سان سياسي ۽ آئيني بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿو ته هن کي شٽ اپ ڪال ضرور ڏني ويندي. پنجاب ۾ هن وقت جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو هڪ حساب سان عمران خان نيازيءَ کي شٽ اپ ڪال ئي آهي. جتي پي ٽي آءِ کي اقتدار کان محروم ڪرڻ جو سمورو بندوبست ٿي چڪو آهي. هي سٽون لکڻ تائين وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله ته ايترو به چئي ڇڏيو آهي ته پرويز الاهي هاڻ وڏو وزير ناهي رهيو. سندس چوڻ هو ته چوڌري پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ سبب وڏو وزير نه رهيو آهي، گورنر طرفان هاڻي رڳو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گورنر کي اهو اختيار آهي ته هو وڏي وزير کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري، جيئن ئي گورنر آرڊر جاري ڪندو ته ان تي عملدرآمد ٿيندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي گورنر وفاقي سرڪار کي پنجاب ۾ گورنر راڄ لڳائڻ لاءِ چئي سگهي ٿو. گورنر هائوس ٻاهران پي ٽي آءِ وارن هنگامو ڪيو ته ان جو بندوبست ٿيل آهي. وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته اسپيڪر جي رولنگ ۽ صدر کي لکيل خط جي ڪا حيثيت ڪونهي. صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس کان سواءِ ڪو به قدم نه ٿو کڻي سگهي.
پرويز الاهي جو اهو پراڻو خواب هو ته کيس پنجاب جي وڏ وزارت ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته آمر پرويز مشرف واري دور ۾ هن نه رڳو وڏ وزارت جا مزا ماڻيا پر هن هڪ طاقتور وڏي وزير طور پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ پرويز مشرف لاءِ سندس چوڻ هوندو ته هو کيس سئو ڀيرا وردي ۾ صدر چونڊرائيندا. پر هاڻ جڏهن نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي پنجاب ۾ جهڙي ريت جوڙ ٽُوڙ ڪري رهيون آهن. ان مان ائين لڳي رهيو آهي ته پرويز الاهي هاڻ گهڻن ڏينهن تائين وڏ وزارت تي نه رهي سگهندو ۽ پيپلز پارٽيءَ جو ڪو چيئرمين آصف زرداري جهڙي ريت پنجاب ۾ سياسي چالون هلي رهيو آهي، انهن وسيلي نه رڳو پي ٽي آءِ کان پنجاب کسجي ويندو پر ايندڙ چونڊن ۾ نواز ليگ لاءِ به پنجاب کي سياسي طور وري ماڻڻ سولو ٿي ويندو.
عمران خان نيازي واري سياسي تجربي سڄي ملڪ جي سياست ۽ معيشت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ماضي ۾ عمران خان نيازيءَ جي لانچنگ ۽ پراجيڪٽ عمران خان نه شروع ڪيو وڃي ها ته هن وقت حالتون ڪافي بهتر هجن ها. ڇاڪاڻ ته سياسي مسئلا سياستدانن کي حل ڪرڻ جو حق هجي ها ۽ اهي پنهنجو پاڻ ۾ گڏجي سڀ ڪجهه حل ڪري وٺن ها پر جيئن ته اسٽيبلشمينٽ اڃا به سياست تي گرفت مضبوط رکڻ چاهي، تنهنڪري اڄ ملڪ جو سڄو سياسي نظام عمران خان پراجيڪٽ سبب لوڙي رهيو آهي.
في الحال پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ وارو معاملو ملتوي ٿي ويو آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته عمران خان جو پلان ڪامياب نه ٿيو آهي ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ وارو معاملو جنوري تائين اينگهجي ويو آهي. هن بحران کي جيڪڏهن سياسي طور حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ٿيون وڃن ته پوءِ ان جا نتيجا بهتر نڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن نه ته پوءِ وڌيڪ بحرانن لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button