ملڪ جي سياسي فضا عجيب بحران جي ور چڙهي وئي آهي. ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومت کي هيڻو سمجهي شدت پسند قوتون پنهنجا من مانيءَ وارا فيصلا مڙهڻ لاءِ زور شور سان تياري ڪري رهيون آهن. جيڪڏهن حڪومت ڪالهوڪي ڪالعدم ۽ اڄوڪي قانوني پارٽي ٽي ايل پي سان ڳالهين ۾ “يوٽرن” جو مظاهرو نه ڪري ها ته ان جا اثر ٽي ٽي پي تي به پون ها. ڇو ته جڏهن حڪومت اهو ٻڌايو ته ٽي ٽي پيءَ ۽ حڪومت جي وچ ۾ سيز فائر ٿي وئي آهي، تڏهن پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداريءَ ان تي اعتراض واريندي چيو ته ان سلسلي ۾ پارليامينٽ کي آن بورڊ ڇو نه ورتو ويو آهي؟ بلاول ان باري ۾ چيو ته هيءَ اها ڌر آهي، جنهن اسان جي فوجي جوانن کي قتل ڪيو آهي، جنهن قومي قيادت جو قتل ڪيو آهي، جنهن اي پي سي جي ٻارن جو قتل عام ڪيو آهي. بي بي سيءَ جي تازي اسٽوريءَ جي مطابق هڪ اهم اداري جي آفيسر نالي ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي اهو چيو آهي ته جيڪڏهن شدت پسندن رياست جي ريڊ لائينز (سرخ لڪيرون) قبول نه ڪيون ته رياست انهن جي مڪمل خاتمي تائين ويڙهه ڪندي. اها هڪ عجيب صورتحال آهي. ڇو ته هن مهل تائين عام طور تي اهو خيال ڪيو ويو آهي ته جڏهن به شدت پسندن سان ڳالهايو ويندو آهي ته اهو اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ سان ڳالهايو ويندو آهي. پر بي بي سيءَ جي اسٽوري ته ڪا ٻي ڪهاڻي بيان ڪري رهي آهي. ان اسٽوريءَ مان اهو تاثر ملي رهيو آهي ته ڄڻ ٽي ٽي پي سان حڪومتي ڳالهين کي اسٽيبلشمينٽ جو آشيرواد حاصل ڪونهي. پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ايڏو وڏو معاملو عمران خان جي حڪومت پاڻ سنڀاليندي هجي!!
اها هڪ عام حقيقت آهي ته ملڪ ۾ آمريت نه پر جمهوريت آهي. ان ڪري جيڪا به آفيشل لک پڙهه ٿي رهي آهي، اها حڪومت جي حوالي سان ٿي رهي آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ سياسي مبصرن جو اهو عام خيال آهي ته سولين حڪومت ڪيتري به طاقتور هجي پر هن کي ڪجهه شعبن ۾ پنهنجي هلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي آهي. افغان معاملو منڍ کان وٺي ڪير سنڀالي رهيو آهي؟ ان باري ۾ اسان کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. اسان کي اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن وزير اعظم عمران خان ڊي جي آءِ ايس آءِ جي باري ۾ پنهنجي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها ڪوشش ڪيترو وقت جٽاءُ ڪري سگهي؟ حڪومت ڪجهه ڏينهن پنهنجي لئه ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جي نتيجي ۾ ڇا ٿيو؟ ان جي نتيجي ۾ نه صرف اسٽيبلشمينٽ پر مخالف ڌر جون پارٽيون به حڪومت جي پويان پئجي ويون ۽ جڏهن سعودي عرب جو پاڪستان کي اقتصادي سهڪار حاصل ٿيو ته ان جا سبب به ميڊيا جي زينت بڻجي چڪا آهن. اسان هميشه کان وٺي ملڪ ۾ سولين حڪومت کي پنهنجا اختيار استعمال نه ڪري سگهڻ جي فرسٽريشن ۾ ڏٺو آهي. هن موقعي تي اسان کي اهو به ياد ڪرڻ گهرجي ته ڪيترن ئي معاملن تي ملڪ جي چونڊيل وزير اعظمن کي پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهڻ جي حسرت سان ويندي ڏٺو ويو آهي ۽ هاڻي به جيڪڏهن عمران خان پنهنجي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو ته هن جي واڳ ڇڪڻ واريون قوتون موجود آهن.
ٽي ايل پي سان حڪومت جيڪو به معاهدو ڪيو آهي، اهو حڪومت جي سياسي ساک کي وڏو ڌڪ پهچائي چڪو آهي. اسان هن وقت تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. ان ڌر سان حڪومت گهڻو وقت اڳ ۾ ئي چيو هو ته ان سان ڳالهيون هلن پيون پر ڳالهين جو مقصد اهو نه هوندو آهي ته حڪومت ۽ هڪ شدت پسند ڌر جي وچ ۾ سيز فائر جهڙا محاورا استعمال ٿين. ڇا ان طرح سان رياست جو مورال نه ڌڪبو؟ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لائن آف ڪنٽرول تي ڪيترائي ڀيرا “سيز فائر” جا معاهدا ٿيا آهن ۽ اهي معاهدا ان مهل تعريف جوڳا هوندا آهن، جڏهن ٻن ملڪن جا پاڻ ۾ هجن. پر اهو هڪ ملڪ کي ڪنهن به طور تي نه جڳائي ته هو پنهنجي سرحد ۾ رهندڙ هڪ ويڙهاڪ ڌر سان سيز فائر وارو معاهدو ڪري ۽ ان کي وڏي حاصلات سمجهي.
ٽي ايل پي جي حوالي سان به جيڪو ڪجهه ٿيو اهو پاڪستان لاءِ تمام گهڻي سوچڻ ۽ ويچار ڪرڻ جو موضوع آهي. اهو هڪ اهم موضوع آهي. اهو ڪهڙي طرح پنهنجي منطقي انجام تي پهتو؟ ان باري ۾ به اسان کي ڪجهه سوچڻ جي ضرورت آهي. پر جيڪو ڪجهه به ٿيو ۽ خاص طور تي جهڙي طرح ٿيو، اهو جمهوريت ۽ ملڪ جي ڪيتري مفاد ۾ هو؟ ان باري ۾ سدائين سوال اڀرندا رهندا. هن وقت ٽي ٽي پي جهڙي ريت حڪومت کي چئلينج ڪري پنهنجي هلائي رهي آهي ۽ افغانستان ۾ طالبان جي عبوري حڪومت قائم ٿيڻ سبب جهڙي طرح انهن جو اعتماد وڌيو آهي، اها فڪر جهڙي ڳالهه ته آهي. ان ڳالهه جي ڳڻتي جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کي نه هجي ها ته ان جو هڪ نمائندو بي بي سي سان ڇو ڳالهائي ها ۽ ڇو پنهنجي پاران عدم اطمينان جو اظهار ڪري ها؟ اسٽيبلشمينٽ ان باري ۾ فڪرمند آهي ته ان جا ڪارڻ به آهن. ڇو ته جڏهن به ڪا هٿياربند قوت ملڪ ۾ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندي ته اسٽيبلسمينٽ کي ان تي ڳڻتي ڪيئن نه محسوس ٿيندي؟ اسٽيبلشمينٽ هن وقت تمام گهڻي پريشانيءَ واري حالت ۾ آهي. ڇو ته عمران خان جي حڪومت جهڙي طرح ڪمزوريءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي، ان سان ملڪ جي باري ۾ فڪرمندي پيدا ٿيڻ لازمي آهي. اسٽيبلشمينٽ اهو چاهيندي به هجي ته حڪومت سدائين هن آڏو ڪمزور هجي پر اها ملڪي معاملن تي حڪومت جي ڪمزوري ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪري نه ٿي سگهي. عمران خان جو فوڪس هن وقت به ميان نواز شريف جي مٿان آهي. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ انهن خطرن کي به محسوس ڪري رهي آهي، جيڪي اڄ ڀلي سگهارا نه هجن پر سڀاڻي انهن ۾ سگهه اچي سگهي ٿي ۽ اهو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، جيڪو عوام توڙي ملڪ جي لاءِ قابل قبول نه هجي. ان ڪري حڪومت جهڙي طرح به قانون هٿ ۾ کڻڻ وارن سان ڊيل ڪري پنهنجي جان ڇڏائي ٿي، ان جا اثر جيڪي مستقبل ۾ پوندا، انهن کان انڪار ڪرڻ ايئن آهي، جيئن اٺ پکي وانگر پنهنجو منهن واريءَ ۾ هڻي طوفان جي وجود کان انڪار ڪري ڇڏڻ. طوفان ته ڪنهن جو محتاج ناهي. جيڪڏهن اٺ پکي پاڻ کي دوکو ڏئي ٿو ته ان ۾ طوفان جي صحت تي ڪهڙو اثر پوي ٿو؟
اسان جي ملڪ جو سڀ کان وڏو هاڃو اهو رهيو آهي ته تاريخ ۾ اڪثر طور تي حڪمرانن اٺ پکيءَ جهڙي روش اختيار ڪئي آهي. جيڪڏهن اها روش اختيار نه ڪجي ها ته ڇا ملڪ ٻه ٽڪرا ٿئي ها؟ ان وقت به اهو ڪجهه ڪيو ويو. هن وقت پاڪستان جيڪڏهن اوڀر ۽ اولهه ۾ ڦهليل هجي ها ته اهو ڪيترو نه طاقتور ملڪ هجي ها؟ پر ان وقت جي حڪمرانن تاريخ جي طوفان کي منهن ڏيڻ بدران پنهنجو مٿو واريءَ ۾ هڻي خطري جي وجود کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهو دوکو ڪنهن سان ڪيو ويو؟ اهو دوکو پاڻ سان ڪيو ويو. اهو دوکو عوام سان ڪيو ويو. اهو دوکو قوم جي ايندڙ نسلن سان ڪيو ويو. هن وقت به اسان جي آڏو وري تاريخ ساڳيا سوال کڻي پهتي آهي. هڪ طرف اهي ماڻهو آهن، جن جي پوري حياتي پرامن جدوجهد ۾ گذري ۽ ٻي طرف اهي ماڻهو آهن، جن هٿ ۾ هٿيار کڻي جمهوريت جي هجڻ کان به انڪار ڪيو ۽ پنهنجي مرضي عوام تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن قوتن سان جيڪڏهن ملڪ جي مفاد ۾ ڳالهيون ٿين ٿيون ته ٿين ۽ ٿيڻ گهرجن. پر ان سلسلي ۾ حڪومت يا ڪنهن به ڌر کي اهو حق ناهي ته اها پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ پاڻ مرادو ڪوئي ڪم ڪري اچي. جڏهن به اهڙن حساس معاملن جي حوالي سان پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو ويندو آهي ته ان جا نتيجا تمام گهڻا خطرناڪ نڪرندا آهن. هن وقت به اسان جي حڪومت ماضيءَ جي غلطيءَ کي ورجائي رهي آهي ۽ اها ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ ڪوئي معاهدو ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ٿي وٺي ته اها تمام وڏي غلطي ٿي ڪري ۽ انهن غلطين سبب تاريخ ۾ اسان کي اهڙا نقصان پهتا آهن، جن نقصانن جو ڪوئي ازالو ممڪن ناهي.
اها ڳالهه ڪنهن به خاص ليڊر يا ڪنهن خاص ڌر جي حوالي سان ناهي. اها هڪ عام حقيقت آهي ۽ ان حقيقت کي حقيقت وانگر مڃڻ گهرجي ته اسان جڏهن به ڪو وڏو فيصلو ڪريون، تڏهن قوم ۽ عوام جو اسان کي اعتماد حاصل هجڻ گهرجي. ان ۾ ڪا ٻي ڳالهه نه هجڻ گهرجي. هن وقت افغانستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جا پاڪستان جي مٿان اڻٽر اثر پوندا. اسان کي سوچڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح انهن ناڪاري ۽ منفي اثرن کان پاڻ بچائي سگهجي ٿو؟ اهو ڪم پوري پارليامينٽ جو آهي. هونءَ ته حڪومت کي ان سلسلي ۾ اهڙو وسيع فورم به جوڙڻ گهرجي، جنهن ۾ ملڪ جا ڏاها ۽ سمجهو ماڻهو به پنهنجي راءِ پيش ڪري سگهن. پر جيڪڏهن پاڪستان هن مهل تائين ڪا وڏي ٿنڪ ٽينڪ نه ٺاهي سگهيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پارليامينٽ جي حد تائين ته هن کي پنهنجا فرض پورا ڪرڻ گهرجن. عمران خان جي حڪومت مخالف جي لاءِ ڪهڙي به راءِ رکندي هجي پر جڏهن رياست جي رٽ جو سوال اچي ته ان کي پوري پارليامينٽ جي آڏو رکي مسئلي جو حل ڪڍڻ جي سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جمهوريت جون پنهنجيون الڳ تقاضائون آهن ۽ اهي هر حال ۾ پوريون ٿيڻ گهرجن. رياست جي رٽ جو سوال ته تمام گهڻو بنيادي سوال آهي. ان سوال تي ته ڪو به سمجهوتو ٿي نه ٿو سگهي. ڇو ته رياست کان مٿانهين رياست ٺاهڻ جو مطلب اهو آهي ته موجوده رياست جي وجود کان انڪار ڪرڻ ۽ اها روش دنيا جي ڪا به رياست برداشت ڪري نه ٿي سگهي.