غير درجه بندي

پاڻي لا پريشان ساحلي پٽي جا آبادگار

Editorial

     سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو ٻارهو ئي رهندو آهي. پوکي لا ملندڙ پاڻي جي باري ۾ اڳواٽ ئي ارسا آگاهه ڪري ڇڏيندو آهي ته ڪيتري کوٽ رهندي ۽ ڪهڙي ريت سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي گهٽ ملندو. سنڌ جي پاڻي مان ٿيندڙ ڪٽوتي جي ڪري نه رڳو سنڌ جو عوام ڀوڳيندو آهي پر سنڌ جي زراعت به ڀوڳيندي آهي. سنڌ ۾ ڪيترائي فصل وقت سر پاڻي جي کوٽ سبب پوکجي نه سگهبا آهن، جنهن جي ڪري سنڌ جي زرعي معيشت وڌيڪ متاثر ٿيندي رهندي آهي. سنڌ ۾ ڪيترائي ضلعا اهڙا آهن، جتي پاڻي نه پهچڻ ڪري شاخون ئي سڪي ويون آهن ۽ اتي واري پئي اڏامي. پر ارسا کي ان جو ڪوبه احساس ناهي. ان کانسوا سنڌ ۾ جيڪي پوڇڙي وارا علائقا آهن، اهي سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيندا آهن، جتي پاڻي جي کوٽ ماڻهن کي لڏپلاڻ تي به مجبور ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن سنڌ ارسا سان پاڻي جي معاملي تي شڪايت ڪري ٿي ته ان جي شڪايت کي اڻ ٻڌو ڪيو ٿو وڃي. ارسا جو ادارو رڳو پنجاب کي پاڻي فراهم ڪرڻ لا جو جوڙيو ويو هو. پر ان جو مقصد سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ پاڻي جي مصنفاڻي ورڇ کي يقيني بنائڻ هو. اڄ به سنڌ جي ساحلي پٽي وارا علائقا پاڻي کوٽ سبب پريشان لڳا آهن.

   ساحلي پٽي جي ٽن يوسين ۾ پاڇاٽي سارين جي فصل جو پاڻي بند ٿيڻ خلاف ساحلي پٽي جي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن خادم ونگائي، عاجز علي محمد ٿھيم، عادل لغاري، نور محمد ٿھيمور، نثار ٿھيم، رمضان پٺاڻ ۽ ٻين جاتي ۾ صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ايريگيشن عملدارن جي نااھلي سبب پڃاري برانچ ۾ سارين جي پوکي لا ڇڏيل پاڻي دير سان ملڻ ڪري ساحلي پٽي جاتي جي ٽن يوسيز ڪوٺي، ڪڙملڪ ۽ گل محمد ٻارڻ جي ھزارين ايڪڙ زمين ۾ سارين جو فصل پاڇاٽو پوکيو ويو آھي، جنھن جي نسري تيار ٿيڻ لا اڃان مھينو کن پاڻي جي سخت ضرورت آھي پر اوچتو ايريگيشن کاتي وارن پڃاري برانچ جو پاڻي مٿان کان بند ڪري ڇڏيو آھي. ھنن چيو ته گذريل پندرھن ڏينھن کان پڇڙي جي ٽنگو نالي، شير خان نالي، جاتي مائينر، گڏاپ نالي جو پاڻي بند ٿيڻ ڪري ھزارين ايڪڙن تي بيٺل ساريال جو فصل سوڪھڙي جو شڪار ٿي سڙي رهيو آھي، جنھن سان ساحلي يوسيز جا سوين ننڍا آبادگار معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويندا. ھنن مطالبو ڪيو ته پڃاري برانچ جو بلاجواز بند ڪيل پاڻي کولي پڇڙي تائين پاڻي پھچايو وڃي، ٻي صورت ۾ ايريگيشن آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.

مٿئين خبر مان صاف ظاهر آهي ته ساحلي پٽي جا آبادگار پنهنجي پوکيل فصلن لا به بهتر اپت ڪانه حاصل ڪري سگهندا. ڇاڪاڻ ته انهن کي ساريالي فصل لا پاڻي ئي دير سان ملي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ آبادگار جيڪا شڪايت ڪري رهيا آهن، اها جائز آهي. ڇاڪاڻ ته فصلن کي پاڻي ڏيڻ جو هڪ خاص وقت هوندو آهي ۽ جڏهن اهو گذري ويندو آهي ته پو فصل ڪنهن ڪم جا نه رهندا آهن. سنڌ ۾ پاڻي جي معاملي تي هڪ نا انصافي ته ارسا ڪندو آهي ۽ ٻي نا انصافي آبپاشي کاتو پاڻ ڪندو آهي. آبپاشي کاتي پاران گهڻو ڪري پوڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي پهچائڻ ڄڻ ضروري ئي ڪونه هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته آبپاشي عملدار فصلن لا پاڻي گهڻو ڪري بااثرن ماڻهن کي ڏئي ڇڏيندا آهن. جڏهن مٿان کان ئي پاڻي چوري ٿي ويندو آهي ته هيٺيئن آبادگارن لا پاڻي ڪونه بچندو آهي. جنهن جي ڪري اهي ڀوڳيندا رهندا آهن. آبپاشي کاتي لا اهو ضروري آهي ته پهرين پوڇڙي جي علائقن ۾ پاڻي پهچائي تنهن کانپو مٿين علائقن ۾ پاڻي جو بندوبست ڪن. ساحلي پٽي هونئن به سامونڊي چاڙهه جي ڪري وڌيڪ مصيبت ۾ آيل آهي. ان ڪري اتي پاڻي جو گهڻي مقدار ۾ هجڻ لازمي آهي پر اها بدقسمتي آهي جو هن وقت تائين ساحلي پٽي جي پوڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي بهتر نموني پهچائڻ جو بندوبست نه ڪيو ويو آهي.

اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ پاڻي جو مناسب مقدار پهچڻ گهرجي ۽ اهو آبادگارن کي وقت سر ملڻ گهرجي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ساحلي پٽي جي آبادگارن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته اهي پاڻي آسري پنهنجا فصل پوکيندا آهن، جڏهن پاڻي نه هوندو ته اهي فصل ڪنهن به ريت اپائي نه سگهندا. تنهنڪري آبپاشي کاتو بااثرن ماڻهن کي پئسن تي پاڻي وڪرو ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري ۽ ساحلي پٽي جي آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button