هي لڳ ڀڳ ٽي مهينا اڳ جي ڳالهه آهي، حيدرآباد جي هڪ ڪتاب گهر تي وڃڻ ٿيو، اتي نون ڪتابن جي گُهر ڪيم ته ڪتاب گهر واري ٻين ڪتابن سان گڏ خوشبو بلوچ جي ڪهاڻين جو ڪتاب”سماج ۽ سچائي”ڪڍي ڏنو. ڪتاب جي عنوان مان اندازو ٿيو ته هي ڪو مضمونن جو ڪتاب هوندو پر ان تي “ڪهاڻيون” لکيل هو. اتي صفحا اٿلائيندي خبر پئي ته هن ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ 27 ننڍيون وڏيون ڪهاڻيون ڏنل آهن. 128 صفحن جو هي ڪتاب چانڊوڪي پبليڪيشن، واهي پانڌي، سال 2022ع ۾ ڇپرايو آهي.
ڪتاب گهر تي ويٺي ئي وچان هڪ ڪهاڻي جنهن جو عنوان “ما ۽ مذهب” هو کولي پڙهڻ شروع ڪيم. هي ڪهاڻي پڙهندي ئي ارادو ڪري ڇڏيم ته هن ڪتاب ۾ ڏنل ڪهاڻيون ضرور پڙهڻيون آهن. ڪتاب جي هي ڪهاڻي ماءُ جي ممتا جو شاندار مثال آهي. ڪهاڻي جا ٻه مک ڪردار آهن، هڪ لڇمي ٻيو هن جو پٽ هيمون. هيمون اهڙو نوجوان آهي جيڪو پنهنجي دوست جمال جي ڪتاب گهر تي ويهي اتي مختلف قسمن جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪري ٿو، انهن ڪتابن ۾ اسلام جي حوالي سان ڪتاب پڙهي ان مان متاثر ٿي فيصلو ڪري ٿو ته هاڻي هو ملسمان ٿيندو، پر ان لا مسئلو اهو آهي ته هو گهر وارن کي ان حوالي سان نٿو ٻڌائي سگهي ۽ اهڙي پريشانيءَ جي حالت ۾ هن کائڻ پيئڻ ڇڏائجي وڃي ٿو. لڇمي پٽ جي اهڙي حالت ڏسي فڪر ۾ پئجي وڃي ٿي ۽ هن کان پڇي ٿي ته هن کي ڪهڙي ڳڻتي اندارن ئي اندران کائي رهي آهي. هو ما کي ٻڌائي ٿو ته هو مسلمان ٿي چڪو آهي. اهو ٻڌي هن جي ما کي صدمو رسي ٿو ۽ هن جي حالت خراب ٿي وڃي ٿي.
ٻئي پاسي هيمون روزا رکڻ لڳي ٿو، هڪ ڏينهن هو همت ڪري ما جي سامهون اچي ٿو جيڪا هاڻي مرڻ ڪنڌي تي آهي، لڇمي جڏهن پٽ کي ڏسي ٿي ته پاڻيءَ جو گلاس گهرائي ٿي. پهرين گلاس مان هڪ سرڪ پاڻ ڀري ٿي پو اهو ڄاڻيندي به ته هيمون کي روزو آهي گلاس هيمون ڏانهن وڌائي ٿي. هيمون ما جي هٿن مان گلاس وٺي پورو پاڻي پي وڃي ٿو ۽ مذهب تي ما جي ممتا کي اهميت ڏئي ٿو.
هن ڪهاڻيءَ جو موضوع توڙي ان جي اڻت ڏاڍي خوبصورت آهي. اسين جنهن سماج ۾ رهون پيا، اهو مذهبي انتهاپسنديءَ سان ڀريو پيو آهي، هڪ پاسي ٻين مذهبن جي نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي سندن مذهب مٽرايو وڃي ٿو ته ٻئي پاسي ساڳي مذهب جا ماڻهو فرقن جي بنياد تي هڪ ٻئي کي ڪافر قرار ڏين ۾ وسان نٿا گهٽائين. اهڙي سماج ۾ هي ڪهاڻي اميد جي هڪ لاٽ مثل آهي، جنهن ۾ هيمون مذهب کي پٺي ڏئي ما جي ممتا جي لڄ رکي ٿو. هي ڪهاڻي پڙهندي خوشبو بلوچ جي هڪ ليکڪه طور جرئت جو به اندازو ٿيم ۽ خيال آيم هو ڪيڏي نه بهادر ليکڪه آهي جو اهڙي حساس موضوع تي اهڙي خوبصورت ڪهاڻي لکي وئي آهي. اها اظهار ڪرڻ جي جرئت ئي آهي جيڪا هڪ ليکڪ کي ٻين ليکڪن کان الڳ ڪري بيهاريندي آهي ۽ هي ڪهاڻي پڙهندي احساس ٿيو ته هو ٻين ليکڪن کان الڳ ٿلڳ ليکڪه آهي.
هن ڪتاب جي هڪ ٻي ڪهاڻي “ڪامريڊ” به پنهنجي اڻت جي حساب سان مون کي ڏاڍي وڻي. هي اجائي نعري بازي ڪندڙ هڪ اهڙي ڪامريڊ جي ڪهاڻي آهي جيڪو سماج ۾ انقلاب آڻڻ گهري ٿو ۽ ماڻهن جي تربيت ڪرڻ جو ناٽڪ ڪري ٿو. پنجن صفحن جي ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪه اسان جي سياسي صورتحال ۽ سماج جي تباهيءَ کي ڏاڍو سهڻي نموني چٽيو آهي، هن ڪهاڻي جي شروعات ڪجهه هن نموني ٿئي ٿي:
“رات جا تقريبن ساڍا يارهن ٿيا هئا جو ڪامريڊ جمال گهر آيو هو، اچڻ شرط زال صابره کي چيائين:
“جلدي منهنجو اڇي رنگ وارو ڪاٽن جو وڳو استري ڪري وٺ، ڇو جو بجليءَ جو ڀروسو ناهي ۽ سڀاڻي واري حڪومت خلاف ڌرڻي ۾ وڃڻو آهي.”
ڪامريڊ جي ما بيمار آهي، پر هو ان جي پرواهه ڪرڻ بنا ئي ڌرڻي ڏانهن نڪري وڃي ٿو، هن کي گهران فون اچڻ لڳن ٿا پر هو انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو ۽ هن جي ما گذاري وڃي ٿي.
ڪهاڻي جي پُڄاڻي هنن سٽن سان ٿئي ٿي:
“ڪامريڊ جمال ڌرتي ما کي فوقيت ڏئي ڌرتي ما جا فرض نڀائيندي جيجل ما جي قرباني ڏئي ڇڏي.”
هي جملو پڙهندي مون کي احساس ٿيو ته جمال جهڙن ڪامريڊن جي لا هر شيءِ رڳو پوليٽڪل پوائنٽ اڪسورنگ ئي آهي، ما جي بيماري دوران ته هن جي واهر ڪونه ڪيائين ۽ جڏهن لاچاريءَ ۾ هن جي ما گذاري وئي ته ان کي به پنهنجي سياست چمڪائڻ لا استعمال ڪيائين. سنڌ جي سياسي صورتحال تي نظر وجهجي ته اهڙي قسم جا اڻڳڻيا موقعي پرست ۽ مفاد پرست ڪامريڊ جمال وانگر وڏي واڪي ڌرتي ۽ غريبن جي حقن جا نعرا هڻندي نظر ايندا. شايد انهن لا ئي چيو ويو آهي ته نالو وڏو ديهه ويران.
هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي “سماج ۽ سچائي” مون کي مٿي ڄاڻايل ڪهاڻين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه ڪمزور ڪهاڻي لڳي، هڪ ته ان ڪهاڻيءَ جو موضوع پُراڻو آهي، ٻيو ان کي روايتي انداز ۾ بيان ڪيو ويو. اهڙي ريت هڪ ٻي ڪهاڻي “فيس بڪ جي محبت” به باقي ڪهاڻين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه ڪمزور لڳي. ڪهاڻيءَ جو هڪ اهم جز تجسس هوندو آهي، جنهن ۾ ليکڪ/ليکڪه اصل ڳالهه کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ پڙهندڙ جي جذبن ۽ احساسن سان کيڏندو هڪ اهڙي موڙ تي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڪندو آهي جيڪو پڙهندڙ جي تصور ۾ ئي نه هوندو آهي، پر هنن ٻنهي ڪهاڻين کي پڙهڻ دوران ئي خبر پئجي وڃي ٿي ته اڳيان ڇا ٿيڻ وارو آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ جو تجسس برقرار نٿو رهي. مان سمجهان ٿو ته هنن ٻنهي ڪهاڻين کي ري رائيٽ ڪرڻ جي ضرورت هئي.
ڪجهه ڏينهن اڳ خوشبو بلوچ جي هن ڪتاب کي ايوارڊ مليو آهي ۽ سچ اهو آهي ته ڪتاب جي ڪهاڻين کي ميرٽ تي پرکجي ته اهي سچ به ايوارڊ جون حقدار آهن.
اهڙي ريت تازو ئي خوشبو بلوچ جي ڪهاڻين ۽ نثري نظمن جو هڪ ٻيو ڪتاب “لُڙهي ويل اميدون” شعور پبليڪيشن، حيدرآباد پاران هن ئي سال 2022ع ۾ ڇپيو آهي. هي 96 صفحن جو ڪتاب آهي جنهن جي هڪ حصي ۾ سنڌ ۾ تازي آيل ٻوڏ جي پسمنظر ۾ ڪهاڻيون ۽ ٻئي حصي ۾ نثري نظم ڏنل آهن. هن ڪتاب جون ڪهاڻيون پڙهندي اهو احساس ٿيو ته خوشبو بلوچ اهڙي حساس ليکڪه آهي، جنهن جي دل ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي دردن سان سرشار آهي. پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين لا قلم کڻڻ وڏي معنيٰ رکي ٿو. ويجهڙ ۾ آيل ٻوڏ جي تباهڪارين کان پو ماڻهن جي ڏکن ۽ بيوسي جون ڪٿائون هن ڪتاب ۾ پڙهڻ لا ملن ٿيون. هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي “پيتي” آهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته برسات بيهڻ جو نالو ئي نٿي وٺي هي ڪهاڻي وريام ۽ ڄامل جهڙن انيڪ انسانن جي بيوسي جي ڪٿا آهي. اهڙا هزارين ماڻهو تازو گذري ويل برساتن جي ڪري بي گهر ٿيا، سندن مال متاع لڙهي ويو ۽ ڪتاب جي عنوان جيان ڪيترن جون ته اميدون ئي لڙهي ويون. هنن ڪهاڻين ۾ انساني دربدريءَ جا عجيب داستان پڙهڻ لا ملن ٿا، جن کي پڙهندي اکيون ڳوڙهن سان ڀرجيو وڃن. هڪ پاسي مجبور ماڻهو آهن جيڪي مدد لا آسمان واري سان گڏ ڌرتي وارن ۾ به نظرون وجهيو ويٺا آهن ته ٻئي پاسي اهڙا وحشي ۽ موقعي پرست ماڻهو آهن جيڪي هنن ڏتڙيل ماڻهن جي بيوسيءَ مان فائدا کڻڻ گهرن ٿا. هي ڪهاڻيون سنڌ جي سنڌ جي تباهي ۽ بيوسي جو داستان آهن. مان ان کي خوشبو بلوچ جي قلم جي جرئت ئي سڏيندس، جنهن جي ڪري هو اهڙيون خوبصورت ڪهاڻيون لکڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ۽ سندس ڪهاڻيون وڏي وقت تائين پڙهندڙن کي ياد رهنديون.