ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايڇ آءِ وي جا مريض

سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس گذريل ڪجهه عرصي کان وڌي رهيا آهن. لاڙڪاڻو اهڙو ضلعو آهي، جتي وڌ کان وڌ ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز جا مريض موجود آهن. اهي ڪيس بي احتياطي سبب به ٿيا آهن. ڪجهه سال اڳ جڏهن لاڙڪاڻي مان ان ايڇ آءِ وي جا ڪيس ظاهر ٿيا هئا ته ان جو سڀ کان وڏو سبب ڊائلاسس واريون مشينون هيون. جنهن کان پوءِ جيڪي به مريض ڊائلاسس ڪرائي رهيا هئا، انهن کي ايڇ آءِ وي ٿي وئي هئي. ان کان سواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ايڊز جا مريض موجود آهن. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ اها بيماري موجود آهي ۽ ان حوالي سان آواز به اٿندا رهندا آهن پر تنهن هوندي به ماڻهو احتياط ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. اهي اڄ به صحت جي ادارن پاران جاري ڪيل هدايتن تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪندا پيا اچن. جڏهن عام ماڻهو پنهنجي صحت بابت پاڻ ڪو تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ڪونهي ته پوءِ اهو ممڪن ڪونهي ته ان کي بيمارين کان بچائي سگهجي. تنهنڪري ايڇ آءِ وي جا ڪيس وڌي رهيا آهن. بدين ۾ نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جن بابت اتان جي انتظاميه آگاهي مهم شروع ڪئي آهي.
ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان جي صدارت هيٺ ڪميٽي روم ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي روڪٿام لاءِ اهم گڏجاڻي ٿي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ايڇ آءِ وي ايڊز کي روڪڻ لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي ڏيڻ ضروري آهي. انجيڪشن لاءِ نئين سرنج جو استعمال ڪيو وڃي. حجام وٽ پڻ نئون بليڊ استعمال ڪيو وڃي. ان کان سواءِ جنسي تعلق ۾ پنهنجي جيون ساٿي تائين محدود رهجي. هن ڊي ايڇ او کي هدايتون ڏيندي چيو ته ايڇ آءِ وي تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز سان گڏجي ڪميٽي ٺاهي وڃي جيڪا وقت بوقت گڏجاڻي ڪري ايڇ آءِ وي ايڊز جي روڪٿام بابت پروگريس رپورٽ ڏيندي رهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊرگ انسپيڪٽر ميڊيڪل اسٽور مالڪن کي پڻ پابند ڪن ته هو نشي آور انجيڪشن هرگز وڪرو نه ڪن. گڏجاڻيءَ کي بريفنگ ڏيندي صوبائي ڪوآرڊينيٽر نئين زندگي ڊاڪٽر غوث بخش چيو ته ضلعي بدين ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جا 122 مريض رجسٽرڊ آهن، انھن مريضن کي مفت دوائون ڏنيون وينديون آهن. هن چيو ته 122 ايڇ آءِ وي مريضن مان گهڻا مريض تعلقي بدين ۽ ماتلي سان تعلق رکندڙ آهن. هن چيو ته بدين ڊسٽرڪٽ جيل ۾ 59 شڪي قيدين جون ايڇ آءِ وي ٽيسٽ ڪيون ويون جنهن مان هڪ قيدي ايڇ آءِ وي پازيٽو نڪتو. گڏجاڻيءَ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نجيب الرحمان جمالي، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر شير محمد نھڙيو، ايڇ آءِ وي فوڪل پرسن سول اسپتال بدين ڊاڪٽر عديل ميمڻ، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آءِ ذاڪر علي، ڊسٽرڪٽ مئنيجر ھينڊز حيدر علي پنھور، ڊسٽرڪٽ مئنيجر آغا خان ليبارٽري شعيب احمد، رھنما انچارج امتياز شيخ، سارنگ جوڻيجو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي.
سنڌ ۾ هر سطح تي ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته هي هڪ اهڙو مرض آهي، جيڪو تيزيءَ سان پکڙي رهيو آهي. رت وسيلي پکڙجندڙ هي بيماري ماڻهو جي زندگي آهستي آهستي ختم ڪندي رهندي آهي. تنهنڪري ان پاسي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هي مهم نه رڳو ضلعي سطح تي پر تعلقي ۽ يو سي سطح تي به هلائڻ گهرجي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ آگاهي ڏئي سگهجي ۽ ان کي خبر پئي ته ان مرض کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو. اڄ به سنڌ جي ڪئين شهرن ۾ عطائي ڊاڪٽر موجود آهن، جيڪي ان مرض کي پکيڙي رهيا آهن. اهي نه نئين سرنج استعمال ڪندا آهن ۽ نه ئي انهن جا طبي اوزار محفوظ هوندا آهن. تنهنڪري جيڪو مريض به انهن جي ور چڙهي ٿو ته ان ڳالهه جا امڪان وڌي ويندا آهن ته ان کي ايڇ آءِ وي ٿي ويندي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ کي ايڇ آءِ وي جهڙي مرض کان بچائڻ ضروري آهي، ان لاءِ ماڻهن کي وڌ کان وڌ آگاهي ڏني وڃي ۽ ان کان سواءِ عوام کي احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي ته جيئن اهي ان مرض جو شڪار ٿي پنهنجي زندگيءَ تان هٿ نه کڻن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button