پاڪستانسنڌ

نفيس نگر ۾ مهانگائي وڌڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

نفيس نگر: نفيس نگر ويجهو ڳوٺاڻن دوست علي چانڊيو، ڪارو چانڊيو، ڪانجي ڀيل، مٺو ڀيل ۽ وسند ڀيل جي اڳواڻي ۾ مهانگائي وڌڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن دانهيندي چيو ته مهانگائي عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن، دڪاندارن ۽ واپارين اٽي، کنڊ، دال، چانورن ۽ ٻين شين جا اگهه هٿرادو طور وڌائي ڇڏيا آهن، پر انتظاميا منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لا تيار ناهي، پورهيت ۽ مزدور طبقو گهر هلائڻ لا پريشان آهي، دوائون به مهانگيون ملي رهيون آهن، پر سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لا ڪجهه نه پيون ڪن، جنهن ڪري عوام ٻه ويلا ماني کائڻ لا به پريشان آهي. هنن چتا ڏنو ته مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ هلائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button