پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ لڳ گرلس اسڪول کي 19 سالن کان عمارت نه ملي

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کاکڻھيار بجير جي جيئو پاڙي ۾ گرلس اسڪول کي عمارت نه ملي، جنهن سبب معصوم نياڻيون تيز ٿڌ ۾ کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن علي حسن بجير ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي جيئو بجير پاڙي ۾ سال 2003ع کان گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ھلندڙ آھي، جنھن کي سرڪاري بلڊنگ نه ملي آهي، ان ڪري نياڻيون ڪکائيین چونئری۾م تعليم حاصل ڪري رھيون آھن، اسان ڪافي ڀيرا ضلعي انتظاميا کي درخواستون ڏنيون آهن، ان باوجود عمارت ناهي ڏني وئي، جنهن ڪري 50 نياڻيون ٿڌ ۾ پڙهڻ سبب اڪثر بيمار ٿي پون ٿيون. هنن تعليم کاتي ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته ترت نوٽيس وٺي اسان کي اسڪول جي بلڊنگ ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button