پاڪستانسنڌ

هاڪڙي جون موجون بحال ڪرڻ جي گهر، عوام حڪومت تي پريشر وجهي:سردار شاهه

مٺي: ٿر ۽ بئراج جي سنگم تاريخي ماڳ نهٽو ڀرسان سنڌو تهذيب جي وڃائجي ويل هاڪڙو دريا جي پيٽ ۾ هاڪ وهندو هاڪڙو جي عنوان هيٺ ادبي ۽ تاريخي ڪانفرنس ڪوٺائي ملڪ جي اسڪالرن، دانشورن، اديبن، تحقيدانن، شاعرن ۽ حڪومتي نمائندن گلن جون ڀيٽائون پيش ڪيون ۽ مطالبو ڪيو ته هاڪڙو سنڌو تهذيب جو الڳ تاريخي دريا ھو، جنهن جون موجون موٽائڻ لا قبضا ۽ رڪاوٽون ختم ڪري ان کي ٻيهر بحال ڪيو وڃي ۽ جيڪي هاڪڙي جي بند ٿيڻ سان برباد ٿي ويا، انهن جي کوٽائي ڪري تحقيق ڪرائي موهن جي دڙي جيان دنيا آڏو نروار ڪيو وڃي. ان ڏس ۾ هاڪڙو ادبي فورم سنڌ پاران ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ثقافت واري صوبائي وزير سيد سردار شاھه، دانشور جامي چانڍيو، ممتاز بخاري، رفعت عباس، ناصر عباس نيئر، محبوب رانا، مير حسن آريسر، اسحاق سميجو، تحقيقدان طوبى قاصد، ممتاز ڪلياڻي، تحقيقدان قاصد ملاح، ڊاڪٽر فتح مري، نصير ڪنڀار، ادل سومرو، ممتاز نهڙيو، خليل ڪنڀر ۽ ڀارومل امراڻي سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ريسرچ ڪندڙ ادارن جي سربراهن ۽ تحقيقدانن شرڪت ڪئي. هاڪڙو ادبي فورم پاران هاڪڙو دريا ۾ گل نڇاور ڪري ڀيٽائون پيش ڪرڻ سان ڪانفرنس جو آغاز ڪيو ويو. ڪانفرنس کي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه خطاب ڪندي چيو ته انگريزن هاڪڙي دريا جي پيٽ مان نارا ڪئنال ڪڍيو، جيڪا فطرت سان هٿ چراند هئي، جنهن جي نتيجي ۾ آبپاشي نظام ته قائم ٿيو، پر هاڪڙو دريا جي پاڻي جا صدين کان هلندڙ قدرتي وهڪرا بند ٿيڻ شروع ٿيا، جيڪو ظلم اسان اڄ به ڀوڳي رهيا آھيون. هن چيو ته اسان وٽ انگريزن جي دور کي ترقي جو دور سڏيو وڃي ٿو، پر انگريزن آبپاشي نظام کان وٺي ريل جي پٽڙين تائين جيڪي به ڪم ڪيا، اهي عوام جي ترقي نه پر پنهنجا مفاد پورا ڪرڻ لا ڪيا. هن چيو ته هاڪڙي دريا کي صرف موسمي دريا ھجڻ تائين محدود ڪيو ويو ۽ نتيجي ۾ سوڪهڙي جو شڪار به هاڪڙي جي ڪنارن ويٺل آباديون ٿين ٿيون ته وري ٻوڏ جون تباهڪاريون به انهن ماڻھن جو مقدر بڻيل آھن. هن چيو ته هڪڙي پاسي پاڻي جي قدرتي لنگهن تي بااثرن جا قبضا ٿيل آھن ته ٻئي پاسي ايل بي او ڊي جو رستو قدرتي وهڪرن وچان گذاري تاريخي دريا کي قيد ڪيو ويو آھي، اسانکي وهندڙ هاڪڙو ئي گجرات سان جوڙي سگهي ٿو، هاڪڙو مئل دريا ناهي، پر هاڪڙو وڃائجي ويل دريا آھي، جنهن واپس اصلي صورت ۾ اسانکي موٽائڻون آھي، حڪومتون عوام جي پريشر کانسوا ڪجھه به ناهن ڪنديون، ان ڪري عوام کي پنهنجن وڃائجي ويل دريائن، تباهه ٿيل بندرگاهن، شھرن، ڳوٺن ۽ انهن سان جڙيل رومانوي لوڪ داستانن، ڪهاڻين، قصن، عشق جي مثالي ڪردارن جي ڳولا ڪرڻي پوندي ۽ وقت جي حڪومتن تي دٻا وجهڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button