پاڪستانسنڌ

سامارو لڳ سگهڙ مچ ڪچهري، هر طرف ثقافتي خوشبو

سامارو: سامارو لڳ ڳوٺ جان محمد شاهاڻي ۾ سماجي اداري سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام عمرڪوٽ جي سهڪار سان ڪميونٽي گروپ سامارو پاران سگهڙ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي، سگهڙ مچ ڪچهري ۾ اي سي سامارو اياز مشوري ۽ ايس ايڇ او سامارو اصغر سيلرو سميت سياسي، سماجي صحافتي ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪچهري ۾ لاڙ پٽ جي مشهور سگهڙ محمد صالح احمداڻي سان گڏ احمد خان سنجراڻي، فنڪار غلام حيدر ڪپري، شاعرن لال ساماروي، وسيم حيدر کوسو، حساس نور خاصخيلي، ھر لال امر، شڪيل چانڊيو ۽ ٻين ڳجھارتون، شاعري، ڪلام، ڏور، بيت ۽ سمورا ثقافتي رنگ پيش ڪري سگھڙ مچ ڪچھري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. اي سي اياز حسين مشوري پنهنجي نڪور شاعري ۽ نظم پوسٽ مارٽم ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي. مچ ڪچهري جي ميزبان ناز فقير محمد شاهاڻي چيو ته اھڙيون ڪچهريون ڪرڻ جو مقصد اسان جي نوجوان نسل کي ڪچھرين ڏانھن راغب ڪرڻ جي ڪوشش آھي. ان موقعي تي اي سي اياز مشوري ڳالهائيندي چيو ته باھه جي مچ تي هلڪي ٿڌ سان گڏ هن سگهڙ ڪچهري ۾ تمام گهڻو مزو آيو آهي، اسان جي هن جديد دور ۾ اسان کان سازندا هليا ويا آهن، راڳ رنگ جون محفلون ۽ ڪچهريون موڪلائي ويون آهن. ناز فقير شاھاڻي پاران سگهڙ مچ ڪچهري ڪوٺائڻ کي ساراھڻ سان گڏ سٺو عمل چئون ٿا. ايس ايڇ او سامارو غلام اصغر سيلرو چيو ته ڪميونٽي گروپ پاران ڪوٺايل سگهڙ مچ ڪچهري ۾ ثقافتي سڀ رنگ ڏسي دل خوش ٿي وئي آهي. ڪميونٽي گروپ سامارو جي صدر روشن بهراڻي ٻڌايو ته اسان جو مقصد ڪميونٽي کي گڏ ڪري انهن جي مسئلن کي ٻڌڻ سميت اسان جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ به آهي. ڪچهري ۾ سياسي سماجي شخصيتن شڪيل احمد قائمخاني، صدر پريس ڪلب خان محمد خاصخيلي، ڊاڪٽر هرلال امر، شبير شاھه بخاري، پبلڪ هيلٿ کاتي جي سب انجنيئر زاھد قائمخاني، گسٽا اڳواڻ گهنشام مالهي، اڪرم قائمخاني، اسد اقبال جٽ، فدا حسين چانڊيو، اديب ڀرڳڙي، اسد ڀرڳڙي، جئپال مالھي، مھيش مالھي، خوشحال ڀواني، فيض محمد شاهاڻي، بشير شاھاڻي، ڪميونٽي گروپ اڳواڻن نول ميگهواڙ، سريش، اي ڊي مالھي، منير دل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button