اڱاري تي ٻنپهرن جو اهو حڪم پڙهي ٻڌايو ويو ته يونيورسٽيون به شاگردياڻين لاءِ منع ٿيل وڻ ٿي چڪيون آهن ۽ سڀاڻي کان توهين ڪونه اينديون ته اوچتو ڪمري ۾ ڪجهه لمحن لاءِ نانگ سراپجي ويو ۽ پوءِ مٿي کان پيرن تائين حجاب ۾ ويڙهيل شاگردياڻين روئڻ شروع ڪري ڏنو، ڄڻ ڪو عزيز ترين انسان اکين جي آڏو دل جو دورو پوڻ جي ڪري مري ويو هجي. جنهن استاد اهو حڪم پڙهي ٻڌايو اهو بيوس اکين کي ڪف سان اگهندو ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
ڪمرو آهستي آهستي خالي ٿيڻ لڳو. ڪرسيون ويندڙ شاگردياڻين کي تڪينديون رهيون. بليڪ بورڊ تي لکيل اکر اکيون چورائيندا رهيا. ڀتين جي وس ۾ هجي ها ته انهن شاگردياڻين کي پنهنجي پاڻ ۾ سمائي وٺن ها. فرش تي اونداهي مستقبل جو لاش هو ۽ چوڌاري خوابن جا ذرا وکريا پيا هئا.
اها آفت اوچتو ڪونهي ڪڙڪي. ان کي فقط طالباني سوچ تي مڙهي ڇڏڻ پاڻ کي دوکو ڏيڻ آهي. افغانستان کي پاڪستان، آمريڪا ۽ ان جي حوارين هڪ بار سمجهي ان بار کي مٿي تان لاهي اڇلايو. اهي چڱي ريت ڄاڻن ٿا ته افغانستان جنهن سان ٻيو نڪاح ڪيو پيو وڃي، اهو ڪير آهي. ان جي سوچ ڪهڙي آهي. اهو پهرين به ان زال سان ڇا ڇا ڪري چڪو آهي. پر سئو جوتا ۽ سئو بصر کائڻ کان پوءِ ان سوچ جي حوالي ڪيو ويو آهي. جنهن کان بچڻ لاءِ افغان روح هڪ بار ڍوئيندڙ کان ٻئي بار ڍوئيندڙ جي هٿان وڪرو ٿيندو لڙڪندو، ڪرندو ڀڄندو رهيو پوءِ به ان جي هڪ به نه هلي.
هاڻ اها جبري شادي ڪرائڻ وارا بي ضمير ماما، چاچا واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي ائين محسوس ڪرائي رهيا آهن، ڄڻ انهن کي اميد ئي نه هئي. دوکي بازن پاڻ تي اهڙا چهرا طاري ڪري رهيا آهن، ڄڻ افغانن سان گڏ نه پر انهن کي مفت ۾ اونداهي حوالي ڪندڙن سان گڏجي دوکو ٿيو هجي. موقعي پرستيءَ جي قالين تي پيل گند جڏهن اونداهيءَ سان هٿ ملائي وٺي ته ائين ئي ٿيندو جيڪي ڪجهه افغانستان سان ٿي رهيو آهي.
ڪنهن کي اميد ڪونه هئي ته آمريڪا جي وڃڻ کان پوءِ ملڪ ۾ کير جون نديون وهنديون. بس هڪ تصور وڪيو ويو ته غلامي ختم ٿي ويندي ۽ امن امان قائم ٿي ويندو پر ائين به نه ٿي سگهيو.
جن گذريل 22 سالن تائين افغان معيشت جو ريپ ڪيو اهي ته ڪڏهوڪا ٽري ويا. ان جي باوجود امن امان کان اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بي قابو ٿي ويو آهي. داعش ۽ ان جي هم خيال ٽولن تي به وس ڪونه پيو هلي ته هاڻ ان ناڪاميءَ جي ڪاوڙ ڪنهن تي ڪڍي وڃي. عورت کان وڌيڪ سٺو هدف ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.
تنهنڪري قطر ٺاهه ۾ گول مول وعدن کان اهو ڪم شروع ٿيو. ڪابل تي قبضي کان ترت کان پوءِ امن امان جي بحالي تائين ملازمت ڪندڙ عورتن کي عارضي طور گهرن تائين محدود رهڻ جو حڪم مليو. اهو وعدو ڪيو ويو ته پگهار ملندو رهندو ۽ جڏهن نئون اخلاقي ضابطو تيار ٿي ويندو ته پوءِ اوهان کي نوڪرين تي واپس اچڻ جي موڪل ملي ويندي.
نئين تعليمي پاليسي اچڻ تائين پرائمريءَ کان يونيورسٽي تائين سڀني شاگردياڻين کي گهرن ۾ انتظار ڪرڻ جو چيو ويو پوءِ ٻڌايو ويو ته اهي مٿي کان پيرن تائين حجاب ۾ الڳ ڪلاس رومز ۾ ويهي عورتن يا وڏي ڄمار وارن استادن کان تعليم پرائي سگهن ٿيون. يعني جتي اهي ٻئي سهولتون نه هجن اتي پڙهائي ڪونه ٿيندي.
(شايد پاليسي سازن اها جاچ به ڪُلي طور ڪري ورتي هوندي ته وڏي ڄمار وارن مردن نفساني خواهشن، خيال ۽ اخلاق بگاڙڻ کان پاڪ ٿيندا آهن، جڏهن ته جوان استادن جي ڀيٽ ۾ اها اميد نٿي ڪري سگهجي).
پر گذريل ڇهن مهينن ۾ طالبان انتظاميه ان نتيجي تي پهتي ته مشروط اجازت باوجود جوڙيل گهرو تشريحاتي شرعي گهرجون پوريون ڪونه پيون ٿين. تنهنڪري ڇهين ڪلاس کان مٿي واري تعليم ئي شاگردياڻين لاءِ حرام قرار ڏني وڃي. ائين هن سال مارچ ۾ شاگردياڻين کي سيڪنڊري اسڪولن ۾ داخلا منع ڪئي وئي.
پر اڄ کان ٽي مهينا اڳ سڀني کي حِيرت ٿي جڏهن طالبان انتظاميه اعلان ڪيو ته شاگردياڻيون ملڪ جي نجي ۽ سرڪاري يونيورسٽين ۾ داخلا جا امتحان ڏيڻ جي اهل آهن. هزارين ڇوڪرين خوشي خوشي داخلا جي اهليت جو امتحان ڏنو. گهڻين شاگردياڻين جو خواب هو ته اهي ڊاڪٽر، انجينئر، سائنسدان ۽ سوشل سائنٽسٽ ٿين.
پوءِ طالبان جي فيصلي سازن قنڌاري شوريٰ شايد ان نقطي تي غور ڪيو هوندو ته جڏهن ڇهين جماعت کان مٿي واري تعليم چوڪرين لاءِ مناسب ناهي ته يونيورسٽين تائين ڇوڪريون ڪيئن پهچي سگهنديون. تنهنڪري سڪينڊري اسڪولن ۾ شاگردياڻين جي داخلا تان پابندي کڻڻ بدران مسئلي جو حل اهو ڪڍيو ويو ته يونيورسٽين جا در ئي شاگردياڻين لاءِ بند ڪيا وڃن.
۽ پوءِ گذريل اڱاري تي اعليٰ تعليم جي وزير مولوي ندا محمد نديم سرڪاري ٽي ويءَ تي اعلان ڪيو ته جيئن ته گهڻيون شاگردياڻيون لباس جي باري ۾ لازمي حڪمن تي پوري ريت عمل نه پيون ڪري سگهن، تنهنڪري اهي محرم سان نڪري يونيورسٽي اچڻ وڃڻ جي پابنديءَ کي به سنجيدگيءَ سان نه پيون ڏسن. تنهنڪري اهي سادي لباس بدران چمڪدار ڪپڙا پهري پڙهڻ اچي رهيون آهن، ڄڻ ڪنهن جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ پيون وڃن. سو ان لاڙي سان فحاشيءَ کي هٿي ملڻ جو خدشو آهي. ان ڪري ڪن سائنسي مضمونن بشمول، انجينئرنگ ۽ زرعي ٽيڪنالاجيءَ جي تعليم، افغان روايتن ۽ اسلامي ثقافتي قدرن سان ٺهڪن نٿيون. تنهنڪري اسان کي دل تي پٿر رکي اهو فيصلو ڪرڻو پيو آهي ته يونيورسٽيون عورتن لاءِ مناسب ڪونه آهن. اڄ کان پوءِ ڇوڪريون يونيورسٽين ۾ اچڻ جي تڪليف نه ڪن.
ان اعلان جي اڳئين ڏينهن يونيورسٽين جي دروازن تي هٿياربند محافظ بيهاريا ويا ته جيئن اهي پاڻ ئي شاگردياڻين کي داخل ٿيڻ نه ڏين. لڳ ڀڳ پنجاهه شاگردياڻين جي مائرن ڪابل شهر جي وچ ۾ احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي زنانه پوليس جي مدد سان مارڪٽ ڪري ٽڙپکڙ ڪيو ويو. ڪجهه عورتن کي گرفتار به ڪيو ويو ۽ پوءِ وارثن پاران سٺي ڪردار جو مظاهرو ڪرڻ جي ضمانت تي گهر وڃڻ ڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته چاليهه ڪلوميٽر کان وڌيڪ بنا محرم جي سفر اڳ ئي حرام قرار ڏنو ويو آهي ۽ پارڪن، تفريح گاهن ۾ به عورتن جي داخلا منع آهي.
اولهه جي دنيا ۽ گڏيل قومن اميد جي عين مطابق ان اپاءُ جي مذمت ڪئي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا پرڏيهي وزير به حيران رهجي ويا. انهن جو چوڻ آهي ته عورتن تي تعليم جا در مڪمل بند ڪرڻ ڪوبه انساني يا شرعي عمل ڪونهي.
هاڻ اوهين لک ڀيرا چوندا رهو ته طالبان مذهب جي صحيح تشريح نه ڪري رهيا آهن ۽ اسان جو اسلام انهن جي نظريي کان بلڪل مختلف آهي. هڪ هڪ کي جهلي جهلي اهو سريلو نقطو سمجهائڻ لاءِ قيامت تائين وقت ئي وقت آهي. گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه جي ڳڻتي نه ڪريو.