ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا برباد سنڌ دربدر رهندي؟

برباد ڪندڙ برساتن کي چار مهينن کان به وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي پر سنڌ جي عوام جي ايتري سنڌ سرڪار يا وفاقي سرڪار مدد ناهي ڪئي جو هن پارا پوندڙ ٿڌ ۾ ڪو مڏو جڏو اجهو ٺاهي سگھن ان بربادي جو اثر وڌ کان وڌ سنڌ جي پورهيتن، غريبن ۽ وچولي طبقي جي ڪمزور معاشي سگھه رکندڙ تي پيو آهي. هن وقت تائين ڇپر ڇانو ته پنهنجي جاءِ تي پر برسات جي بيٺل پاڻي جو پنجاھه سيڪڙي کان وڌيڪ موجود آهي هاڻي اهو اعتراف ڪندي اتحادي حڪومت جو وزير اعظم شهباز شريف به چئي پيو ته سنڌ جو ٻوڏ متاثر عوام تمام گھڻي تڪليف ۾ آهي ان جي بحالي جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پر سنڌ حڪومت جي چرڪ زباني بيان بازي ۾ جنهن انداز سان ٿيندي ٿي رهي انهيءَ ۾ امداد جي يا بحالي جي هڪ ڌنڌلي اميد ۽ باقي سياسي بيان بازيون روز جو معمول بڻجي رهيون آهن.
هاڻي ته عوام مان اها اميد به ختم ٿي رهي آهي ته بحالي جي مد ۾ جيڪا عالمي امداد ملي آهي اها بي پهچ بي سهارا غريب عوام تائين پهچي به سگھي ٿي. جڏهن کان برساتي ٻوڏ جي تباهي شروع ٿي ان وقت کان ئي سنڌ جو عوام ميڊيا ۽ شعور مند اهوئي روئڻو روئي رهيا هئا ته هن بربادي ۾ جيتري واهر حڪومت ڪري ٿي سگھي انهيءَ جو 10 سيڪڙو به ڪردار ادا نه ڪيو ويو آهي وڌ کان وڌ پورو زور بيوروڪريسي حڪومتي انتظامي ڍانچي ۾ رهندڙ سڀئي پرت پنهنجن کيسن ڀرڻ جي ڪڌن ڪرتوتن ۾ نظر آيا جيڪا ڪرپشن ٿي انهيءَ تي ڪنٽرول ته نه ڪيو ويو پر جيڪي حرڪتون ۽ سينا زوري جي ڦرمار يعني ڪرپشن عوام ۽ ميڊيا ظاهر ڪئي انهن کي هن وقت تائين سزا ملڻ هڪ سواليه نشان رهندو پيو اچي هيڏن سارن ثبوتن هوندي ڪرپٽ مافيائون فخريا انداز سان پنهنجي نوڪرين ۽ باقي عهدن تي برقرار آهن. اسان باربار اهو دهرائيندا رهيا آهيون ته هن بدترين ڪرپشن جي ڪلچر ۾ بحالي جي پلان کي کلي عام حڪومت واضح ڪري پر جيڪڏهن ٻيو واضح نٿي ڪري ته گھٽ ۾ گھٽ جيڪا سروي ڪئي وئي آهي انهيءَ جي تفصيل سروي ويب سائيٽ تي رکي وڃي پر سڀ ڪجھه ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جي باوجود غير اهم ڄاڻائي نظر انداز ڪرڻ جي ۽ لاپرواهي ڪرڻ جي اهائي پراڻي ڪار جاري ۽ ساري آهي.
هاڻي سوال هي اسان جي اڳيان آهي ته ڇا هن برباد سنڌ کي ائين ئي دربدر ٿيندي گذارڻو پوندو اڄ به صورتحال اهائي نظر ٿي اچي جڏهن ڪا آرگنائيزيشن امدادي پيڪيج يا مدد ڪرڻ جي لاءِ متاثر علائقي ۾ پهچي ٿي ته متاثرن جا انبوهھ هڪ ٻئي کي لتاڙيندي هڪ ذلتي ميلي جيان منظر پيش پيا ڪن سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت پوريءَ برباد سنڌ کي خيراتي ادارن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي عوام دوست ۽ اهي سياسي جماعتون عوام جي لاءِ حقيقي همدردي رکن ٿيون انهن جو ڪردار به تمام گھڻو محدود نظر ٿو اچي جيتري بربادي ۽ ان جي بحالي جي لاءِ جدوجهد جي ضرورت آهي انهيءَ جي لاءِ هن وقت تائين ڪنهن به سنجيده ڪوشش ناهي ورتي متاثرن جي بحالي جو آواز پوري سنڌ ۾ جدوجهد جي حوالي سان ائين پيو نظر اچي جيئن معاشي بحرانن ۾ ڪمزور ٽريڊ يونينون پورهيتن جي ننڍن ننڍن ٽولن ۾ جدوجهد ڪنديون آهن ۽ مطالبا ڪنديون آهن. تنهن ڪري بحالي جي موثر ۽ بهتر جدوجهد ۽ تحريڪ وڌندي نظر نٿي اچي. حڪومت ۽ ان جي اتحادين کان علاوه تمام سياسي جماعتون توڙي جو هي سڀ جو سڀ سمجھن ٿيون ته موجوده سنڌ حڪومت جو عوام ڏانهن رويو مڪمل طور تي بيحسي وارو آهي ۽ عوام کي اهنجن، عذابن ۽ تڪليفن کان ٻاهر ڪڍڻ جو صرف ۽ صرف رستو عوام سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو آهي جيستائين جدوجهد نه ٿيندي يعني اها به هڪ ڀرپور جدوجهد تيستائين نالي ماتر بهتري به نٿي اچي سگھي.
پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو اهي سڀئي جماعتون خاموش يا مضبوط حڪمتِ عملي سان وڌڻ کان لنوائي رهيون آهن. سنڌ جي اندر قوم پرست تحريڪ پنهنجي تنظيمي ۽ مالي حيثيت ۾ ڪافي ڪمزور آهي پر ايتري به ناهن جو هو بحالي جي تحريڪ آرگنائيز نٿيون ڪري سگھن انهن تي جيڪڏهن سهل پسندي يا نااهليت ۽ ٻيا الزام لڳايا وڃن ته ڀلي لڳايا وڃن انهن الزامن جي وضاحت خود قوم پرست پارٽيون ڪنديون ۽ انهن کي ڪرڻ به گھرجي پر جيڪي حڪومت مخالف ملڪي سطح جي سياست ڪندڙ جماعتون آهن ڇا انهن جي سياسي ۽ اخلاقي فرض ۾ اهو شامل ناهي ته هن اجڙيل ۽ برباد سنڌ جي عوام جي سياسي واهر ڪندي پنهنجو ڪردار ادا ڪن آخر ڇو جو سوال اسان سڀني کي پريشان ٿو ڪري ڇا سنڌ حڪومت يا زرداري ڊاڪٽرين جو اثر ايترو وڌي ويو آهي جو ان جي مدمقابل ٿيڻ جي لاءِ ڪا به سياسي ڌر تيار نٿي ٿي پر هي سڀني ڌرين کي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته بدحال ۽ بري ماحول ۾ جيڪي سياسي پارٽيون يا فرد عوام کان الڳ ٿلڳ يا ڪٽيل رهندا تاريخ انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ ان گناهھ جي سزا سڀني کي ملندي پاڻ هي چڙ افسوس يا درد جي ڪيفيت ۾ نه پيا چئون پر هي سياسي سائنس جو اصول آهي ته سياست عوام سان عوام جي مسئلن سان ۽ انهن جي تضادن کي سمجھڻ سان ٿيندي آهي جيڪا سياست انهن کان آسيري پاسيري رهندي وقت گذاري ٿي اها سياست ڪڏهن به عوام ۾ اهو مقام حاصل نٿي ڪري سگھي جنهن جي اميد جي بنيادن تي هو سياسي عمل ۽ ميدان ۾ آهي يا رهي ٿو. هنن حالتن مان سنڌ گذري پئي اسان کي هي ڪڏهن نه وسارڻ گھرجي ته جيڪڏهن هن ذلتي بربادي ۾ سنڌ جو عوام پنهنجي بحالي جي حق کي حاصل نه ڪري سگھيو ته هڪ وڏي بربادي يعني دربدرائي هنن جو مقدر بڻجي ويندي.
جڏهن قومون تاريخ جي بدترين دورن ۾ دربدر ٿي وينديون آهن ته انهن جي اخلاقي ۽ تهذيبي بربادي لازم ٿي ويندي آهي اخلاقي ۽ تهذيبي بربادي کان پوءِ اها قوم پاڻ کي قوم جي حق کان به محروم ٿي ويندي آهي. سنڌ حڪومت هن وقت تاريخ جي ان ٻه واٽي تي بيٺل آهي تنهن ڪري سنڌ جي شعور کي سياسي جماعتن جي مصلحت پسندي، ڪمزوري کي تنقيد بڻائيندي پنهنجي ڪردار ان بنيادن تي ادا ڪرڻ گھرجي ته اسان سنڌ کي برباد ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ برباد ٿيل سنڌ جيڪا دربدري جي زندگي گذاري ٿي انهيءَ ۾ عوام کي اڪيلو نٿو ڇڏي سگھجي. ڀلي سياسي جماعتون پنهنجو ڪردار ادا نه ڪن پر متحرڪ ۽ سوچيندڙ ذهن هن ڀرپور ۽ مضبوط تضاد کي آڏو رکندي جيڪڏهن پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته هڪ بيٺل پاڻيءَ ۾ هڪ وڏو پٿر ثابت ٿيندا.
متاثر علائقن ۾ جتي جتي متحرڪ فرد آهن انهن کي گھرجي ته هو مراعتن جي پويان ڀڄڻ جي يا امدادي تنظيمن جي اميدن يا سهڪار کان هٽي عوام کي منظم ڪرڻ جو پنهنجو ڪردار ادا ڪن. مثال اسان جي اڳيان هونئن ڪيترائي مثال آهن پر خاص ڪري جوهي جو مثال تمام گھڻو اهم ۽ طاقتور آهي جو انهن شهر کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي مدد پاڻ ڪري عوامي سگھه سان بچاءُ بند جوهي شهر جي چوڌاري تعمير ڪيو ان جي حفاظت ڪئي ۽ جوهي کي بچايو. اهو 2010 ۾ به ٿيو ۽ هاڻي هن خوفناڪ برساتي ٻوڏ ۾ به بلڪل اهڙي طرح سنڌ کي دربدرائي کان بچائڻ جي لاءِ هڪ سياسي بند جي ضرورت آهي اهو يقين سان چئي ٿو سگھجي ته پوري سنڌ ۾ ڪنهن به جاءِ تي تحريڪ جو اهڙو مثال قائم ٿو ٿئي ۽ معاملو جڙي ٿو پئي ته اهو هڪ ماڊل ٿي پوندو ۽ اهو ماڊل پوري سنڌ کي مقناطيسي طاقت سان پاڻ ڏانهن ڇڪيندو ۽ سنڌ ۾ سياسي جدوجهد ۾ ۽ حقن جي حاصلات جي هڪ نئين تاريخ رقم ٿيندي برباد سنڌ نه رڳو بحال ٿيندي پر دربدرائي کان بچندي هڪ نئين تاريخ رقم ڪندي. اها اميد عمل کان سواءِ ناممڪن آهي ۽ عمل يعني قوم کي بچائڻ جو رڳو سياسي جماعتن تي ڇڏڻ نه گھرجي پر باشعور فرد قومي جدوجهد جو اهو ڪردار جتي آهن اتان اڳتي وڌي ادا ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button