ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنجاب جي واٽرلو ۾، ڪنهن هارايو، ڪنهن کٽيو؟

پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ وڏي وزير پرويز الاهي کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ جيڪا جنگ، لاهور هاءِ ڪورٽ تائين پهچي وئي، ان جا ٽي کيڏاري هئا،عمران خان، ن ليگ ۽ چوڌري پرويز الاهي. اڪثر سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته هن جنگ ۾ ن ليگ ۽ پرويز الاهي جي ته سوڀ ٿي، پر عمران خان هارائي ويو. عمران خان جو پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ وارو خواب به پورو نه ٿيو، نه ئي وري نين چونڊن لاءِ ڪو رستو نڪري سگهيو. جنهن ويل هي ويڙهه جاري هئي، ان کان اڳ پس منظر ۾ گهڻو ڪجهه ٿي رهيو هو، جنهن جا مستقبل ۾ اثر سامهون اچي سگهن ٿا. هي مڪمل سوڀ ناهي ته چوڌري پرويز الاهي جي وڏ وزارت ۽ حڪومت ته بچي وئي. ان سان گڏ لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کان انڊر ٽيڪنگ ورتي ته هو اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ گورنر کي سمري نه موڪليندو، هي گورنر جو قانوني ۽ آئيني حق آهي ته هو وڏي وزير کي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چئي. ان صورتحال ۾ سڀني کان سٺو تبصرو صوبائي وزير ناصر شاهه جو هو ته “پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جا وڏا وزير، عمران خان کي مامو بڻائي رهيا آهن”! هنن خاص ڪري پنجاب جي وڏي وزير تي ته هي الزام مڙهيا ته هن واڳ ڌڻين جي مهرباني سان ن ليگ ۽ ان جي اتحادين سان ميچ فڪسنگ ڪئي. جن عدالتي فيصلي کانپوءِ لٿل منهن ۽ مجبور فواد چوڌري ۽ همنوا جون ميڊيا سان ڳالهيون ٻڌيون هونديون، انهن کي اندازو ٿي ويندو ته پي ٽي آءِ ڪهڙي مشڪل صورتحال ۾ ڦاٿي، جو انهن جو پنهنجو ئي فيصلو، سندن ڳچي ۾ پئجي ويو!
پي ٽي آءِ جي قيادت، هڪ طرف انتهائي خطرناڪ راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ناصر شاهه جو انتهائي خراب تبصرو هو، ته “پ پ قيادت کي لاهور ۾ داخل ٿيڻ کان ڪيئن روڪي سگهجي ٿو، شهر ڪنهن جي پيءُ جو ناهي”. ڳالهه فواد چوڌري جي هڪ نجي ٽيلويزن جي پروگرام ۾ ڳالهين کان شروع ٿي. هو چئي رهيو هو ته “اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ پ پ جا وزير پئسن جون ٻوريون کڻي، لاهور پهتا آهن، انهن کي پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي خريداري ڪرڻ نه ڏينداسين، انهن جي پنجاب ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪنداسين”! هي ڳالهه ڪيتري خطرناڪ آهي، ان جو اندازو لڳائڻ گهڻو مشڪل ناهي. اڳ ۾ رڳو مذهبي يا فرقيواريت فسادن کي ڀڙڪائيندڙ مولوين تي صوبن ۽ شهرن ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي هئي. خاص ڪري محرم الحرام دوران اهڙيون پابنديون لڳنديون هيون. شايد سياسي طور تي ان جو مثال موجود ناهي ته ڪنهن به سياسي پارٽي جي سربراهه، اڳواڻ يا وزير جي ڪنهن صوبي يا شهر ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ٿي هجي. جيڪڏهن ڪو، ڪنهن پارٽي جا ميمبر خريد ڪري ٿو ته ان جا ثبوت ميڊيا ذريعي سامهون آڻڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته ڇانگا مانگا سياست جي ڪابه گنجائش ناهي. ان حوالي سان، جيڪڏهن ڪي ميمبر وفاداريون تبديل ڪن ٿا يا ڪري چڪا آهن، انهن کي روڪڻ يا سزا ڏيڻ لاءِ قانون موجود آهن. ويجهڙائي واري تاريخ ۾ پي ٽي آءِ جا وڌ کان وڌ اسيمبلي ميمبر وفاداريون تبديل ڪندا رهيا آهن. ان حوالي سان عدالتن جا فيصلا به موجود آهن، اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن سياسي اڳواڻ کي صوبو يا شهر بدر ڪرڻ جو ڪهڙو جواز ٿي سگهي ٿو؟ ملڪي آئين ۽ قانون مطابق ڪنهن به شهري جي، ڪنهن به شهر ۾ چرپر يا سياسي سرگرمي تي پابندي لاڳو ڪري نٿي سگهجي. جيڪڏهن آصف زرداري، ناصر شاهه يا سنڌ سان واسطو رکندڙ ڪنهن اڳواڻ جي پنجاب ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي ها يا لاڳو ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ ان جا نتيجا به انتهائي اگرا نڪري سگهن ٿا. ماضي ۾ محترما بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جو اقتدار تي جيڪو تڪرار نظر آيو، ان به تمام گهڻين نفرتن کي جنم ڏنو ۽ هينئر تائين جاگ پنجابي جاگ، تيري پگڙي نو لگ گيا داغ، جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. ڪنهن به سياسي اڳواڻ جي صوبي يا شهر ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي جو رد عمل سنڌ حڪومت به ظاهر ڪري سگهي ٿي يا اهڙو حق رکي ٿي. اهڙي انتهائي خطرناڪ صورتحال ۾ عمران خان ڪيئن سنڌ ۾ داخل ٿيندو؟ اسد عمر ڪراچي ۾ پنهنجي گهر ۾ ڪيئن رهي سگهندو؟ ان سان گڏ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اهم اڳواڻ سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن جو ڇا ٿيندو يا ٿئي ها؟ هي سوچ انتهائي غليظ آهي، جنهن جو مظاهرو ڪهڙي به ڌر ڪري ان کي بهتر قرار ڏئي نٿو سگهجي. هي نفرت جو ٻج آهي، جيڪو فواد چوڌري پوکيو آهي، ان تي پي ٽي آءِ قيادت کي سوچڻ گهرجي ته اها پارٽي جي پاليسي آهي يا فواد چوڌري هروڀرو اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.
ان سان گڏ هڪ ٻي انتهائي خطرناڪ ڳالهه هي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن صوبي جو گورنر، ڪنهن به صوبائي اسيمبلي کي ٽوڙي ٿو. يا اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ لاڳاپيل اسيمبلي جي راءِ کي ڇڏي ڪري پارليامينٽ مان ٺهراءُ ذريعي منظوري ورتي وڃي ٿي يا وفاقي ڪابينا اهڙو ٺهراءَ منظور ڪري ٿي، جنهن سان گورنر راڄ لاڳو ٿئي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ جمهوري عمل قرار ڏئي نٿو سگهجي. هي ڳالهه ائين آهي ته پارليامينٽ يا وفاقي ڪابينا کي ڪنهن به وڏي وزير خلاف ڪارروائي جو اختيار آهي، پر اهڙي صورت ۾ ارڙهين ترميم تحت صوبن کي مليل آئيني حقن تي سواليا نشان لڳي وڃي ٿو. ان ترميم کي منظور ڪندڙ ساڳيون پارٽيون پ پ ۽ ن ليگ آهن، اهي ئي جيڪڏهن ان جي ڀڃڪڙي ڪنديون ته باقي مخالفن تي ڪهڙي ميار ڏئي سگهجي ٿي؟ پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ به سنڌ اسيمبلي يا پ پ حڪومت کي معطل ڪرڻ لاءِ ارباب رحيم جهڙن کي ميدان ۾ لاٿو ويو ۽ فواد چوڌري پٽڪو ٻڌي ڪراچي آيو به سهي پر هو ائين ڪري نه سگهيا. جيڪڏهن هي دروازو کوليو ويندو ته ان جي قيمت اڄ پنجاب کي ۽ سڀاڻي سنڌ سميت سمورين ايڪائين کي ادا ڪرڻي پوندي. انڪري موجوده اتحادي حڪومت کي هوش ۽ حواس کان ڪم وٺڻو پوندو. جيڪڏهن چوڌري پرويز الاهي ۾ خرابي آهي ۽ هو عمران خان جي هٿن ۾ کيڏوڻي طور استعمال ٿئي ٿو، ان کي بي اعتمادي جي رٿ ذريعي اقتدار کان الڳ ڪري سگهجي ٿو. ان حوالي سان فيصلو ڪنهن ٻئي ڌر کي نه پر صوبائي اسيمبلي کي ڪرڻ گهرجي، پر جيڪڏهن غير جمهوري طريقي سان گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو ته پوءِ ان جي نتيجن لاءِ سڀني کي تيار رهڻ گهرجي.
عمران خان جي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين ٽوڙڻ جو خواب پورو ٿيندي گهٽ نظر اچي ٿو. ان حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ کي به صورتحال کي ڏسڻو آهي، هن نوعيت جا سياسي فيصلا عدالتن تي نه ڇڏڻ گهرجن، پر هن ملڪ جي بدقسمتي آهي ته وري وري سياسي بحران جي حل لاءِ عدالتن جا در کڙڪائڻا پون ٿا. ان حوالي سان ڪنهن سياسي مڪينزم جوڙڻ جي ضرورت آهي. ان سان گڏ جيئري ڪارڻ ٻڪري ڪهڻ جو رواج به ختم ٿيڻ گهرجي. لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کي پابند ڪيو آهي ته هو اسيمبلي کان اعتماد جو ووٽ وٺندو ۽ تيستائين پنجاب اسيمبلي به نه ٽوڙيندو. پر هي فيصلو مستقل بنيادن تي ناهي، ان لاءِ ڪنهن قانوني فريم ورڪ جوڙڻ جي ضرورت آهي.
عمران خان ڪيترو جمهوريت پسند آهي، ان بابت ڪا فتويٰ جاري ڪري نٿي سگهجي، هو ملڪ کي لاڳاتار سياسي بحران جو شڪار ڪرڻ گهري ٿو ته جيئن عام چونڊن لاءِ رستو هموار ٿي وڃي. ڪيترائي سياسي پنڊت به ان راءِ جا آهن ته حڪومت ۽ عمران خان کي ويهي ڳالهائي صورتحال کي سلجهائڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن مسئلي جو حل نيون چونڊون آهن ته ان لاءِ گڏيل تاريخ تي اتفاق ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين نٿو ٿئي ته ملڪي معيشت کي گهڻو نقصان ٿيندو، ڏيهه توڙي پرڏيهه مان معيشت جي حوالي سان ڪي سٺيون خبرون نه اچي رهيون آهن، توڙي جو پي ٽي آءِ جي اها خواهش پوري ٿيندي نظر نٿي اچي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو. پر سڀئي ڏسي رهيا آهيون ته مهانگائي ۾ ريڪارڊ اضافو ٿيو آهي، جنهن ۾ گهٽتائي جو ڪوبه امڪان نظر نٿو اچي. سوال هي آهي ته نين چونڊن جي حوالي سان ڪنهن ڪمپرومائيزنگ فارمولي تي اتفاق ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن عمران خان عام چونڊن ۾ هارائي وڃي ٿو ته هن کي نتيجا قبول ڪرڻ لاءِ ڪير مجبور ڪندو؟ ڇا هو نتيجن کي دل کولي قبول ڪندو؟ عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر جي حوالي سان جيڪي تبصرا ڪندو رهيو آهي، ان کان دنيا واقف ناهي؟ عمران خان چاهي ٿو ته جيڪي قوتون پاڻ کي نيوٽرل قرار ڏئي چڪيون آهن، اهي ميدان ۾ لهن ۽ مداخلت ڪن. بنيادي طور هي مطالبو به آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي. اهي جيڪي مداخلت ڪندا رهيا، انهن جو ته قانون ڪجهه به بگاڙي نه سگهيو، انهن کي ايستائين جو ڪنهن عدالتي ڪٽهڙي ۾ به نه آندو ويو، نه ئي ڪنهن اهڙي جرئت ڪئي. پر انهن قوتن کي وري مداخلت لاءِ چوڻ سان مسئلو ڪيئن حل ٿي سگهي ٿو؟ عمران خان کي 2018 ۾ جيڪي اقتدار ۾ وٺي آيا، انهن لاءِ هو ڪهڙن خيالن جو اظهار ڪندو رهيو آهي؟ انڪري هي هن جي عادت بڻجي وئي آهي ته هر ڀيري ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ بدران بحران کي وڌيڪ گهرو ڪرڻو آهي…!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button