ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي بحران جي خاتمي سان مشروط معاشي بهتري

Editorial

ملڪ ۾ سياسي بحران ختم ٿيڻ جو نالو نه پيو وٺي. ان سياسي ڏڦيڙ جي ڪري معاشي مسئلا به حل ٿيڻ بدران وڌي رهيا آهن. اڃا هڪڙو سياسي گهوٽالو ختم ئي مس ٿئي ٿو ته وري ٻيو بحران پيدا ٿئي ٿو، اهڙي نموني ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ واري معاملي تي به هڪ نئين سياسي بحران ڪر کنيو. جيڪو لاهور هاءِ ڪورٽ پاران پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي کي عهدي تي بحال ڪرڻ کان پو بظاهر ٽري ويو آهي. رپورٽن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ کي اسيمبلي نه ٽوڙڻ جي خاطري ڪرائي وئي، جنهن کانپوءِ پرويز الاهي کي وڏي وزير طور بحال ڪيو ويو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي طرفان حلف نامو جمع ڪرائڻ ۽ اسيمبلي نه ٽوڙڻ جي يقين ڏيارڻ تي گورنر جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏيندي پنجاب جي وڏي وزير کي عهدي تي بحال ڪيو. جڏهن ته وڏي وزير جي نااهلي واري ڪيس جي شنوائي شروع ٿي ته مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي لاهور هاءِ ڪورٽ کي لکت ۾ يقين ڏياريو ته جيڪڏهن کيس وڏو وزير بڻايو ويو ته هو اسيمبلي نه ٽوڙيندو. چوڌري پرويز الاهي عدالت ۾ لکت ۾ موقف جمع ڪرايو ته هو ايندڙ شنوائي تائين اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري گورنر کي نه موڪليندو. عدالت پنجاب جي گورنر کي حڪم واپس وٺڻ جو حڪم ڏيندي شنوائي 11 جنوري 2022 تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالتي حڪم کانپوءِ پرويز الاهي ۽ پنجاب ڪابينا 11 جنوري تائين بحال ٿي ويندي. لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي گورنر طرفان وڏي وزير کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ خلاف درخواست تي شنوائي ٻئي وقفي کانپوءِ ٻيهر شروع ڪئي ته پرويز الاهي بحال ڪرڻ تي اسيمبلي نه ٽوڙڻ جي خاطري ڪرائي. پرويز الاهي جي وڪيل علي ظفر سندس انڊر ٽيڪنگ پڙهي ٻڌائي ۽ چيو ته جيڪڏهن وڏ وزارت تي بحال ڪيو ويو، اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائس نه ڏيندس. ان کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پرويز الاهي کي وڏي وزير جي عهدي تان هٽائڻ خلاف درخواست تي شنوائي ٿي. ان دوران جسٽس عابد عزيز شيخ سوال ڪيو ته جيڪڏهن اسان هاڻ وڏي وزير کي بحال ڪري ڇڏيون ته ڇا توهان اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندئو؟ اهو معاملو ته منظور وٽو ڪيس ۾ به آيو هو. عدالت پرويز الاهي جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان انڊر ٽيڪنگ ڏئي سگهو ٿا ته اسيمبلي نه ٽٽندي؟ ان تي علي ظفر چيو ته بي اعتمادي رٿ اچڻ کانپوءِ اسيمبلي نٿي ٽٽي سگهي. عدالت ۾ جج ريمارڪس ڏنا ته بي اعتمادي ته واپس ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن توهان اسيمبلي ٽوڙيندئو ته پوءِ اها پٽيشن غير اثرائتي ٿي ويندي ۽ نئون بحران پيدا ٿيندو. عدالت شنوائي ۾ وقفو ڪندي بئريسٽر علي ظفر کي چيو ته اسان 10 منٽن جو وقت ڏئي رهيا آهيون، توهان پنهنجي اصيل کان هدايتون وٺو. پوءِ ٻيهر شنوائي شروع ٿي ته علي ظفر عدالت کي ٻڌايو، اڃا انڊر ٽيڪنگ لاءِ وقت گهربل آهي، عدالت وڏي وزير کي بحال ڪري پاڻ اسيمبلي نه ٽوڙڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي. جسٽس عاصم حفيظ ريمارڪس ڏنا ائين ته عدالت عبوري رليف نه ڏئي سگهندي، اسان وڏي وزير جي اسيمبلي ٽوڙڻ جي آئيني اختيار کي ڪيئن ٿا روڪي سگهون. عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر شنوائي ۾ وقفو ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اسان توهان کي هدايتون وٺڻ لاءِ وڌيڪ هڪ ڪلاڪ جو وقت ڏئي رهيا آهيون. ڪيس جي شنوائي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ شروع ٿي ته پرويز الاهي پنهنجي پٽ مونس الاهي ۽ وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي هن جج کي لکت ۾ بيان جمع ڪرائيندي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن عدالت کيس بحال ڪري ٿي ته هو اسيمبلي نه ٽوڙيندو.
ٻئي طرف ن ليگ پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏي آهي. ن ليگ موقف اختيار ڪيو ته پرويز الاهي وڏو وزير ناهي رهيو رٿ تي ڪارروائي جي ضرورت ناهي. جڏهن پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته “دشمن ڀلي ڇا به ڪري، حڪومت قائم رهندي. پنهنجو ڪم جاري رکنداسين.” پي ڊي ايم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عمران پنجاب اسيمبلي تي حملي آور ٿيل آهي.” هوڏانهن پي ٽي آ ميمبرن استعيفا جي تصديق لا وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته وڏي وقت کان جاري سياسي بحران هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان بحران جي ڪري عوام جا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. جنهن جي ڪري عوام مصيبتن ۾ ڦاٿل آهي. اپوزيشن ۽ حڪمرانن سميت سڀني ڌرين کي اهو سوچڻ گهرجي ته سياسي بحران ختم ٿيندو ته معاشي بهتري ايندي ۽ عوام جا مسئلا حل ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button