پاڪستانپنجاب

پرويز الاهي جي بحالي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو

لاهور:مسلم ليگ (ن) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي بحالي واري لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جي رهائشگاهه تي پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ (ن) ليگي ميمبرن به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ چوڌري شجاعت جي ق ليگ اڳواڻ طارق بشير چيما به شرڪت ڪئي. ذريعن موجب مسلم ليگ (ن) جي وڪيلن پنجاب جي وڏي وزير جي ڊي نوٽيفڪيشن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ لاءِ درخواست به تيار ڪري ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اعتماد جي ووٽ تي پرويز الاهي کي ڏنل مڪمل اختيار چونڊن تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پنجاب جي موجوده صورتحال تي سپريم ڪورٽ کان پاڻمرادي نوٽيس جو مطالبو ڪيو آهي. ڪالهه لاهور ۾ خواجا سعد رفيق ۽ طارق بشير چيما سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن اسيمبليون ڪنهن ضد يا انا تي ڪِريل سياست جي ور چڙهي رهيون آهن ته گورنر وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چئي سگهي ٿو، اهو گورنر جو آئيني حق آهي. هن چيو ته اسيمبلين کي عمران خان جي انا جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين، اسان جي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته اسيمبليون مدو پورو ڪن، جيڪڏهن انهن وٽ ماڻهو پورا آهن ته اعتماد جو ووٽ وٺن، انهن وٽ نمبر پورا ناهن تڏهن لنوائي رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته اسان ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو پر اهي سازش ڪري رهيا آهن، پي ڊي ايم سياسي مفادن خلاف ۽ قومي مفادن جي حق ۾ فيصلا ڪيا، عمران خان ملڪ ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو. راڻا ثناءُ الله چيو سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته پنجاب جي موجوده صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي، عدالت عظميٰ پاڻمرادو نوٽيس وٺي پنجاب کي معاشي عدم استحڪام کان بچائي. ان موقعي تي خواجا سعد رفيق چيو ته گذريل ڏينهن عدالتي فيصلي ۾ انصاف نه ڪيو ويو، عدالتي فيصلي ۾ نقص آهن، اسان جا قانوني ماهر فيصلي خلاف مختلف آپشنز جو جائزو وٺي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button