اسلام آبادپاڪستان

پيپلزپارٽي ملڪ کي جمهوري بڻائڻ لا ثابت قدم آهي:آصف زرداري

اسلام آباد:اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي قائداعظم جي فلسفي جي روح موجب ملڪ کي جمهوري ۽ فلاحي رياست بڻائڻ تي ثابت قدم آهي، پاڪستان جو قومي ترانو قائداعظم جي فلسفي جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن ۾ طاقت جو سرچشمو عوام کي قرار ڏنو ويو آهي. باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته باني پاڪستان جمهوريت پسند ۽ روشن خيال هو، هو انساني ۽ مذهبي آزادي جو وڪيل هو. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي قائداعظم جي ٺاهيل ملڪ ۾ اظهار جي راءِ جي آزادي، سياسي ۽ مذهبي آزادي جو دفاع ڪندي رهندي. هن چيو ته قائدعوام ڀٽو شهيد جو ٺاهيل 1973ع جو آئين وطن جي بقا ۽ سلامتي جو ضامن آهي، آصف علي زرداري چيو ته هڪ مخصوص سوچ مذهب جي آڙ وٺي ملڪ ۽ معاشري تي پنهنجي سوچ مڙهڻ چاهي ٿي جيڪا قائداعظم جي فلسفي جي ابتڙ آهي جنهن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button