اسلام آبادپاڪستان

اڄ قائداعظم جي اصولن تي عملدرآمد ڪرڻ جي ضرورت آهي:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قائداعظم جي جدوجهد هڪ اڪثريت جي اقليتن جي حقن کي صرف عددي برتري جي بنياد تي ڇنڻ جي نظريي خلاف هئي، موجوده دور ۾ وڌندڙ مذهبي نفرت، فساد ۽ هندو پرست انتهاپسند سوچ جنهن ڪري ڀارت ۾ رياست اقليتن جي تحفظ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي، جيڪا قائداعظم محمد علي جناح جي دور انديشي ۽ ان جي ٻه قومي نظريي لاءِ ڏنل دليلن جي صداقت کي سڀني تي ظاهر ڪري ٿي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ پوري قوم قائداعظم محمد علي جناح جو 146 هون جنم ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي، باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن جي حقن جي آئيني جنگ بهترين طريقي سان وڙهي ته اڄ اسان سڀ هن وطن عزيز پاڪستان ۾ آزادي سان ساهه کڻي رهيا آهيون. قائداعطم جي جدوجهد هڪ اڪثريت جي اقليتن جي حقن کي صرف عددي برتري جي بنياد تي ڇنڻ جي نظريي خلاف هئي، هن چيو ته قائداعظم ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي انهن جي حقن جو نه رڳو صحيح معنيٰ ۾ ادراڪ ڪرايو پر ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته آزادي جي صورت ۾ مسلمان پنهنجي زندگين کي امن ۽ سڪون سان هڪ آزاد رياست ۾ گذاري سگهن. قائداعظم جي زندگي اصول پسندي، آئيني جدوجد، سياسي بصيرت، ايمان، اتحاد ۽ تظيم جي هيٺين اصولن جو عملي نمونو هئي، پاڪستاني قوم کي اڄ قائداعظم جي فرمانن ۽ جوڙيل اصولن تي عمل ڪرڻ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي. قائد جي پاڪستان ۾ ڪنهن کي لساني، طبقاتي، مذهبي ۽ عددي بنياد تي فوقيت حاصل نه آهي. پاڪستان جو وفاقي آئين قائداعظم جي 14 نڪتن جي صحيح معنيٰ ۾ نمائندي ڪري ٿو جنهن ۾ هر اڪائي جي انفرادي خوبصورتي کي بي رونق ڪرڻ کانسواءِ سڀني کي هڪجهڙي ترقي ۽ خوشحالي جا موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت هڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ۽ اسان کي اڄ قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي اندروني ڇڪتاڻ کي ختم ڪري سرزمين پاڪستان جي ترقي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي، اچو اڄ يوم قائد تي اهو وچن ڪريون ته اسان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قائد جي زندگي مان رهنمائي حاصل ڪري ان جي اصولن تي عمل ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button