اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مهانگائي جو طوفان،سنڌ ۾ اڌ مڻ اٽي جي قيمت 2500 تائين پهچي وئي

اسلام آباد :سنڌ ۾ مهانگائي جو طوفان وڌيڪ تيز ٿي ويو، اٽو به غريب جي وٺڻ کان چڙهي ويو آهي. مسڪين ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اٽي جي اگهه ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري مهانگائي جي عذاب کي منهن ڏيندڙ غريب ماڻهو وڌيڪ تڪليفن ۾ اچي ويا آهن. جڏهن ته سرڪار مسلسل ڪن لاٽار ڪندي لاتعلق بڻيل آهي. مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لا ڪنهن به قسم جو ڪو نوٽيس نه ورتو نه ئي ڪو تدارڪ ڪيو آهي. ڄاڻ ملي آهي ته سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ اٽي جي قيمت ۾ رڪارڊ واڌ ٿي وئي آهي. هن وقت 20 ڪلو اٽو 2 هزار 500 رپين سان تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب تازي هفتي ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي 100 رپين تائين وڌيڪ مهانگي ٿي ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ۾ في ڪلو اٽو 125 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن جي قيمت اسلام آباد ۽ حيدرآباد جي ڀيٽ ۾ تقريبن 100 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل هفتي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڪوئيٽا ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 100 رپيا واڌ نوٽ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت ترتيب وار 2 هزار 500، 2 هزار 420 ۽ 2 هزار 320 رپين جي ٿي وئي آهي. اهڙي ريت بنون، پشاور، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۽ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ ترتيب وار 40 رپيا، 70 رپيا، 50 رپيا ۽ 40 رپيا واڌ ٿي. هوڏانهن اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1295 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. هوڏانهن جي شهرين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته اٽو مهانگو وڪرو ڪندڙ چڪي مالڪن ۽ واپارين خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪري عوام کي رليف مهيا ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button