اسلام آبادپاڪستان

چونڊون اڳڪٿي نه آئيني مدو پورو ٿيڻ سان ٿينديون آهن:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڇا عمران خان چونڊون مارچ يا اپريل 2024ع ۾ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي؟ چونڊون اڳڪٿي سان نه پر آئيني مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ٿينديون آهن. گذريل ڏينهن عمران خان جي بيان تي رد عمل ۾ هن چيو ته ڊيل ته اوهان جنرل باجوا کي تاحيات ايڪسٽينشن جي آفر ڪري ڪرڻ چاهي ٿئي. اوهان ايف آءِ اي جي ڊي جي سان ڊيل ڪرڻ چاهي، طيبا گل کي وزيراعظم هائوس ۾ اغوا ڪري ڊيل ڪئي، نيب چيئرمين سان ڊيل ڪئي، اوهان عوام کي جيترو نقصان پهچايو آهي اهو ڪافي آهي، هن چيو ته عمران خان عوام کي مهانگائي ۽ بيروزگاري جي تڪليف ڏني جنهن جو درد اڄ تائين جاري آهي. عمران خان ڪشمير، قومي مفادن ۽ تاريخي قرض جو ڏنڀ ڏنو، هڪ ڪروڙ نوڪريون، 50 لک گهر ڏيڻ جي اعتماد جي تڪليف ڏني، هن چيو ته چونڊون اڳڪٿي سان نه پر آئيني مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ٿينديون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button