اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد آپگهاتي ڌماڪي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد :اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ ٽين ۾ آپگهاتي ڪار بم ڌماڪي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي اسلام آباد چيف ڪمشنر اسلام آباد کي خط لکي 8 رڪني جي آءِ ٽي جوڙڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.ڊي آءِ جي پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي جي قيادت ايس ايس پي سي ٽي ڊي سٽي ڪندو. جڏهن ته جاچ آفيسر ۽ حساس ادارن جي ٻن آفيسرن سميت جي آءِ ٽي ۾ ٽن ڊي ايس پيز کي به شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. جي آ ٽي ڌماڪي بابت جاچ ڪري رپورٽ مرتب ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button