پاڪستانسنڌ

عادلپور ڀرسان چوري جي ڪوشش، فائرنگ ۾ گهرڌڻي قتل، چور به مارجي ويو

گهوٽڪي: عادلپور ڀرسان چوري جي ڪوشش، ڀاتين ۽ چورن ۾ فائرنگ، گهرڌڻي قتل، چور به مارجي ويو. خبر موجب عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد ڪلوڙ ۾ چورن هڪ گهر مان مينهون چوري ڪيون، جنهن بعد ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا ۽ چورن جو پيڇو ڪيو ته سرحد ٿاڻي جي حد ڪارو گهٽ وٽ ڀاڳين ۽ چورن ۾ فائرنگ ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ چور مارجي ويو. جڏھن ته ڳوٺاڻو منير ڪلوڙ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو. زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻي طرف چور جو لاش ڏهرڪي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر سڃاڻپ نه ٿي سگهي. هواڏنهن واقعي خلاف ڪلوڙ برادري جي ماڻهن غلام رسول جي اڳواڻي ۾ نيو بس ٽرمينل وٽ لاش رکي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري سنڌ ۽ پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي مقتول جي وارثن ٻڌايو ته ضلعي ۾ بدامني جي باھه هڪ دفعو ٻيهر ڀڙڪي پئي آهي، چوري واقعي بابت پوليس کي بروقت اطلاع ڪيو پر پوليس نه پهتي، جنهن ڪري ڳوٺاڻو قتل ٿيو آهي. ٻئي پاسي مقتول ڳوٺاڻي جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button