پاڪستانسنڌ

پ پ نئون ديرو ۽ رتوديرو جو اجلاس، ورسي ۾ ڀرپور شرڪت جو فيصلو

نئون ديرو: شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي تقريب جي تيارين جي سلسلي ۾ پ پ سٽي نئون ديرو ۽ تعلقي رتوديرو جي ميزبانيءَ ۾ ٽائون هال نئون ديرو ۾ گڏيل اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، ايم اين اي نصيبان چنا، ضلعي اڳواڻ اعجاز لغاري، محسن مشوري، آغا علي نواز جلباڻي، منصور سومرو، صوبدار جلباڻي، سٽي اڳواڻن ارشد راشدي، محمد انور ٻرڙو، سرفراز ميراڻي، رحمت موريو، تعلقي اڳواڻن لالو نظر پٺاڻ، يوٿ ونگ اڳواڻ خالد ڪريم مڱريو، ڪائونسلر نبي بخش کوکر، ليڊيز ونگ بشيران موهل، ڊاڪٽر شڪيلا کهڙو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مرڪزي جلسي ۾ تعلقي ۽ سٽي پاران وڏي انگ ۾ شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪارڪنن تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ سٽي نئون ديرو ۽ تعلقي رتوديرو پاران استقباليا ڪئمپون لڳائڻ سان گڏ پاڻي جون سبيلون لڳائڻ ۽ داخلي روڊن رستن ۽ شهر کي پارٽي جهنڊن ۽ قائدين جي تصويرن سان سينگاريو ويو. پارٽي ورڪرن کي هدايت ڪئي وئي ته جلسي ۾ وڌ کان وڌ قافلن جي صورت ۾ شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ جلسي ۾ آخر تائين موجود رهو. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻو ميزبان ضلعو آهي ۽ سڄي ملڪ مان ايندڙ پارٽي جا جيالا ۽ ورڪر اسان جا مهمان آهن. انهن لاءِ استقباليه ڪئمپون قائم ڪري پاڻي جون سبيلون لڳايون وڃن ته جيئن ايندڙ ماڻهن کي تڪليف نه اچي ۽ ميزبان ضلعي مان به پارٽي ڪارڪن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري جلسي گاهه کي ڀريندا ته جيئن 15 هين ورسي جي موقعي تي تاريخي عوامي سمنڊ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد قائد کي خراج عقيدت پيش ڪري. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جلسي کي خطاب ڪندا ۽ اسان کي آخر تائين انهن جو ساٿ ڏيڻو آهي ته جيئن بلاول ڀٽو زرداري کي اسان ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم بڻائي ثابت ڪريون ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button