ادب سماج جو عڪس ھوندو آھي. ھڪ تخليقڪار جا خيال ۽ سوچون سماجي حالتن ۽ سماجي حقيقتن جو اولڙو ھوندا آھن. ھڪ تخليقڪار جڏھن سماجي حالتن مان بيزار ٿيندو آھي، انھن خلاف بغاوت ڪندو آھي. جنھن جو اظھار ھُو ڪھاڻي، ناول، شاعري، آتم ڪٿا يا وري ادب جي ڪنهن ٻي صنف ۾ ڪندو آھي.
تازو سنڌ جي بھترين ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ليکڪ حفيظ ڪنڀر جي آتم ڪھاڻيءَ جو ڪتاب “جنب ڪٿا” ڇپيو آھي، جنھن ۾ ليکڪ حفيظ ڪنڀر پنھنجي دور جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حالتن جو ڇيد ڪيو آهي.
آتم ڪٿا ھن سماج جي ھيٺئين طبقي جي ھر غريب، مسڪين، لاچار، بيوس ۽ پيڙھيل طبقي جي حقيقي زندگيءَ جو داستان آھي. تنھنڪري ھي آتم ڪٿا پڙھندي پڙھندڙ کي ڪنھن به وقت ڪابه اوپرائپ محسوس نه ٿيندي پر پڙھندڙ کي پنھنجي آسپاس ھر عام ماڻھوءَ جي زندگي ۽ ان جون حالتون، ان جا ڏک ۽ تڪليفون محسوس ٿينديون. باقي جيڪو ھن ڌرتيءَ تي پيڙھيل طبقي جي زندگيءَ کان چڙھيل آھي جنھن جون پاڙون ھن ڌرتي ۽ ماڻھن ۾ کپيل ناھن. ان لاءِ ضرور ھي وڌاءُ ھوندو. ڪي ڏند ڪٿائي قصا لڳندا، باقي حفيظ ڪنڀر جا پير پھرئين ڏينھن کان ھن ڌرتيءَ تي پختا ھئا، تنھنڪري ھن سڀ تڪليفون ۽ اذيتون برداشت ڪيون ۽ اھڙي قھر جھڙي آتم ڪھاڻي لکي آھي. ھن ڪٿا جي شروعاتي پنن ۾ ليکڪ جي ماءُ جي اذيت سان ڀرپور زندگيءَ جو داستان آھي.
اسين اٻوجهھ سنڌي ماڻھو جيڪي تعليمي شعور، سمجھه نه ھجڻ جي ڪري جيترو غلط خيالن، سوچن، وسوسن ۽ عقيدن جي ور چڙھيل آھيون، جنھن سبب ليکڪ تمام گھڻو ڀوڳي ٿو. تنھن جو مثال شايد ھن دور ۽ دنيا ۾ نه ملي. ھڪ ماڻھو جيڪو اڳ ئي اذيت ۽ تڪليف ۾آھي. ان کي علاج جي نالي تي اڃا وڌيڪ اذيت ڏني وڃي ٿي، جيئن ھن ڪٿا ۾ ليکڪ جي ماءُ سان ٿئي ٿو. ھُو ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ ورتل هوندي آهي ۽ هن جو ٻھراڙيءَ جي ٽوٽڪن سان علاج ڪري اڃا وڌيڪ تڪليف ڏني وڃي ٿي، جيڪو جيءَ کي جھوريندڙ آھي.
آتم ڪٿا ۾ ليکڪ ستر جي ڏھاڪي جي معاشي حالتن جو ڇيد پڻ ڪري ٿو ۽ ان دور جي ماڻھن جي معاشي حالتن جو حقيقي نقشو چٽي ٿو. جنھن ۾ ان دور جي ٻھراڙيءَ جي ماڻھن جي زندگي ڪيڏي نه تلخ گذرندي ھئي ۽ اھي ڪيڏي غربت ۾ زندگي گذاريندا ھئا. انھن وٽ رڳو بک ھئي، بيماري ھئي، جھالت ھئي، اذيت ھئي. جنھن جو شڪار ھر ماڻھوءَ سان گڏ حفيظ ڪنڀر به ٿئي ٿو. ليکڪ پنھنجي درد ڀرئي ماضي کي ياد ڪري ٿو. ان جو اظھار اسان ۽ توھان اڳيان ڪري ٿو ۽ نه رڳو اظھار ڪري ٿو پر ھو ته ھن ڌرتيءَ تي رھندڙ ھر ان ماڻھوءَ جي ڏک ۽ بک کي به محسوس ڪري ٿو، جيڪو انھن حالتن مان گذري ٿو.”ڌرتيءَ جي گولي جي اڪثريتي مخلوق آفريڪا کان ايشيا تائين ائين ڪٺل ھئي. بک ۽ بيماري وگھي قبرستان، شمشان گھاٽن جو رخ ڪري ٿي. اسان وٽ غربت نه بک ھئي، بک جي بک سان ڪھڙي ڀيٽ اسان کي خبر ھئي ته بابا کي خود کي، اسان کي بکيو رکي اسان کي پڙھائڻو ھو. مڱڻا ٿي چڪا، ھڪ نياڻي سميت پٽن جي شادين جا مسئلا به حل ڪرڻا ھئا. وڏو ڀاءُ يونيورسٽي پھچي چڪو ھو پر اڄ سوچيان ٿو ته اسان کي ته ڪڻڪ جي تازي يا پاروٿي ماني ملندي ھئي پر آفريڪا ۾ مائرون ٻارن کي ميٽ جھڙي ڪنھن شيءِ جون ماني کارائي رھيون آھن. ھڪڙا لکين ماڻھو بک وگھي مرن ٿا. ٻيا لکين ماڻھو اھڙي اڀري غذا وگھي مرن ٿا. جنھن غذا ۾ ڪلوريز ۽ پروٽين ئي ناھن.”
ان کان سواءِ ليکڪ پنھنجي آتم ڪٿا ۾ ان دور جي عام سنڌي ماڻھن جي نفسيات تي تنقيدي انداز ۾ به ڀرپور لکيو آھي، جيڪا يقينن ھڪ حقيقي تنقيد آھي ته اسان جي سنڌي ماڻھن جي نفسيات آھي ته ڪم گھٽ ڪبو ۽ ان جي ڍاڍ وڏي ھڻبي ۽ ان ڍاڍ ۾ رڳو وڌاءُ ۽ ڪوڙ ھوندو، جيئن ان دور ۾ اوطاقن ۽ ھوٽلن تي ويٺل عام ماڻھن جو موضوع ئي جنسي قصا ھوندا. جنھن ۾ عورتن تي ۽ ٻارن تي رڳو جنسي قصا ۽ چرچا ھوندا ھئا ۽ ھر ھڪ ماڻھو پنھنجا ڪوڙا جنسي ڪارناما ٻڌائي داد وصول ڪندو ھو. (ان نفسيات کان سنڌ جا وڏا اديب ۽ شاعر به نه بچي سگھيا. انھن پنھنجن آتم ڪٿائن ۾ انھن شاعرن، اديبن ۽ عورتن سان افيئر جي حوالي سان وڏا ڪي ڪوڙا قصا گھڙي پيش ڪيا آھن جنھن کي چيلينج ڪرڻ وارو ڪو حفيظ ڪنڀر جھڙو هجي) يا وري غربت ھجڻ جي ڪري ماڻھن ۾ سھپ گھٽ ھئي. تنھنڪري ھُو ننڍڙن ننڍڙن مسئلن، ٻارن جو راند تان وڙھڻ، پاڻيءَ جي واري تان وڙھڻ يا وري مال جو ٻئيِ ڪنھن جي فصل ۾ وڃڻ تان جھيڙا شروع ھوندا ھئا. جيڪي وڃي خونن تائين پھچندا ھئا.
آتم ڪٿا ۾ اسان کي ليکڪ ٻڌائي ٿو ته ان دور جو ٻار تي سڀ کان وڏو عذاب تعليمي ادارن ۽ اسڪولن ۾ ھو. ان دور جي استاد توڙي مائٽ جي نفسيات ھئي ته مار ٻار جي سنوار آھي، تنھنڪري ھر ٻار پيو استادن جي اڳيان ڪٽبو ھو. ننڍي ننڍي ڳالھه، ننڍي ننڍي غلطي تي ٻار تي لٺ جو زيپٽ ھوندو ھو، جنھن جو شڪار ليکڪ به ٿيو هو ۽ مار ۽ تشدد کي ليکڪ ضياءَ جي تشدد سان ھن طرح ڀيٽي ٿو.
“جڏھن مون ۾ سياسي شعور آيو، سياسي سنگت ۾ آيس. ضياءَ جي مارشل لا جا ڦٽڪا ۽ ڪوڙا ھڻڻ وارا منظر اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳا ته مون کي اسڪولن ۾ ٿيندڙ ان قسم جي تشدد ۾ ھڪجھڙائي اھا نظر آئي ته ضياءَ منحوس به ڪو ھجوم گڏ ڪري پوءِ ڪنھن کي ڪوڙا ھڻائيندو ھو ۽ اذيت پسند ماستر به شاگردن جي ھجوم ۾ تشدد ڪري اذيت مان مزو وٺندا ھئا. ضياءَ جي گڏ ڪيل ھجوم به ڪوڙن ڦٽڪن سان ٿيندڙ تشدد ڏسي تاڙيون وڄائيندو ھو ۽ ماسترن جو محدود مجمعو به اھڙي اذيت مان خوشي حاصل ڪندو آھي. فقط ڦٽڪي ۽ تلھڙ جو فرق آھي. باقي انسان اذيت پسند ٿي آيو آھي.”
جتي ليکڪ ان دور جي مارڻن استادن جو ذڪر ڪري ٿو، انھن جي تشدد کي ضياءَ جي تشدد سان ڀيٽي ٿو، اتي ھُو ڪاليج جي ھڪ شفيق ۽ فلسفي جي شائق استاد مٺا خان مري جو ذڪر انتھائي عقيدت ۽ احترام سان ڪري ٿو. جيڪو ھڪ ٻي دنيا جو ماڻھو ھو جيڪو شاگردن کي سقراط، افلاطون، ابن رشد، ابن عربي ۽ غزاليءَ جو فلسفو ۽ فڪر تمام دلچسپ انداز سمجھائيندو ھو.
ان کان سواءِ ھن آتم ڪٿا ۾ ليکڪ ڪتاب چوري ڪرڻ وارن ڪارنامن جو به ذڪر ڪري ٿو ۽ ضياءَ جي دور ۾ پنھنجي شاگردي واري زماني ۾ ڪيل سياسي سرگرمين جو احوال به ڏي ٿو ته وري ايم آر ڊي دوران عوامي تحريڪ جي سرگرمين جون جھلڪيون به ڏيکاري ٿو.
آتم ڪٿا ۾ ليکڪ اسان کي ٻڌائي ٿو ته ان دور جي سنڌ ۾ بک ۾ ھئي، ڏک ھئا، تڪليفون ۽ اذيتون ھيون سڀ ڪجھه ھو پر مذھبي بنياد پرستي نه ھئي. ليکڪ جو نانو پڪو مذھبي ھو، ناني صفا ڪافرياڻي ھئي. ائين ھن ڪٿا ۾ حقيقي زندگيءَ جا ڪئين قصا ۽ ڪھاڻيون آھن جيڪي دلچسپ به آھن، جيءَ جھوريندڙ به آھن. باقي ھن آتم ڪٿا جو ھڪ باب “پليجي صاحب جا خواب” ھتي اوپرو ۽ مناسب نٿو لڳي ۽ آتم ڪھاڻيءَ جي تسلسل سان ٺهڪي نٿو. ان کي آخري ڀاڱي ۾ ھجڻ گھرجي ھا ۽ تفصيلي ھجڻ گھرجي. ڇو ته ليکڪ جي ھي آتم ڪٿا اڃا ليکڪ جي ڪاليج واري دور تائين جي آھي جنھن ۾ شايد ليکڪ پليجي صاحب سان ھڪ اڌ ملاقات ڪئي آھي ۽ جاميءَ جو ته آتم ڪٿا ۾ ھڪ باب کان سواءِ ڪٿي ذڪر ناھي نه ئي ناهي.
ليکڪ کي گھرجي ھا ته پليجي صاحب جي سياست ۽ جاميءَ جي علمي قد ڪاٺ تي ھڪ ڀرپور ۽ علمي بحث ڪري جنھن تي يقينن وڏا علمي بحث ٿيندا. باقي ٻن صفن ۾ پليجي صاحب جي سياست ۽ جاميءَ جي علميت جو ڇيد مناسب ناھي. يقينن ھن دور جي ھي ڪٿا ھڪ بھترين آتم ڪٿا آھي، جنھن کي لکڻ حفيظ ڪنڀر جو ھڪ غير معمولي ڪم آھي ۽ ھر شاگرد، سياسي ڪارڪن ۽ ساڃاهه وند کي هي ڪتاب ضرور پڙھڻ گھرجي.