ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تخت لاهور تي جهيڙو ۽ مارچ ۾ چونڊون

Editorial-Article- Mazahar Khaskheli

ڪجهه سال اڳ ملڪ ۽ بلوچستان جي ناليواري سياسي اڳواڻ عطاءُالله مينگل ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته هيءُ ملڪ پنجابين جو آهي. جيڪڏهن کيس پنجابستان ڪري سڏيو وڃي ته بهتر ٿيندو. اهي لفظ صحيح آهن يا نه؟ ان تي پاڻ نٿا لکون.
هن وقت ملڪ جي سموري ميڊيا تي جهڙي ريت پنجاب جي حڪومت ۽ تخت لاهور کي حاصل ڪرڻ وارو جهيڙو ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندو پيو وڃي. پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان پاران پنجاب جي وڏي وزير کي ڪابينا سميت هٽائڻ واري فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ختم ڪري، پنجاب جي وڏي وزير کي ڪابينا سميت ساڳي صورت حال ۾ بحال ڪرڻ وري فيصلي کي مسلم ليگ (ن) پاران سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ مان لڳي ٿو ته مسلم ليگ (ن) جا وفاقي وزير ۽ سموري قيادت سوچي سمجهي اهو فيصلو ڪيو آهي ته اهي ڪجهه مهينن تائين پنهنجي وفاقي حڪومت کي بچائي وٺندا. مسلم ليگ (ن) جا اتحادي ان مقصد ۾ ڪامياب ٿين ٿا يا وري نه؟ ان جي باري ۾ ان وقت خبر پئجي ويندي، جڏهن هو لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃن ۽ اتي هنن جي ڏنل درخواست قبول ٿئي.
ملڪ جي ڪجهه قانوني ماهرن جو خيال آهي ته اڃان لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي پاران داخل ڪيل گورنر خلاف درخواست تي 11 جنوريءَ کان پوءِ ٻڌڻي ڪندي. ان کان اڳ ڪجهه نٿو چئي سگهجي. جڏهن ته وفاقي وزير راڻا ثناءُالله، سعد رفيق ۽ ٻين سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي. ڇو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ خاميون آهن ۽ ڪورٽ پرويز الاهي کي عبوري رليف جي شڪل ۾ مڪمل رليف ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اهو چيو ويو آهي ته هو چاهي ته اعتماد جو ووٽ وٺي کيس 18 ڏينهن ڏيڻ سان هارس ٽريڊنگ جو خدشو آهي.
جڏهن ته ٻئي پاسي وري قومي اسيمبليءَ جو اجلاس 26 ڊسمبر تي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ سومر جي ڏينهن (اڄ) ٿيندو. قومي اسيمبليءَ جي ڪل 342 ميمبرن کي شرڪت جي هدايت ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي 157 ميمبرن پاران شرڪت ڪري ڏنل قومي اسيمبليءَ جي ميمبرشپ تان استعيفائن جي تصديق ڪئي ويندي ۽ تحريڪ انصاف جا سمورا ميمبر اجلاس ۾ شرڪت ڪري اسپيڪر جي سامهون اٿي بيهي پنهنجي استعيفائن جو ٻيهر اعلان ڪندا. ان کان پوءِ ڏسجي ته قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر انهن جي ڏنل استعيفائن کي قبول ٿو ڪري يا وري اڃان وڌيڪ قانوني ۽ آئيني سوال ٿو اٿاري. جڏهن ته سموري ملڪ اندر قومي اسيمبليءَ جي سيٽن جو تعداد ڪجهه هن ريت ٻڌايو ٿو وڃي. پنجاب جون اڪيلي سر قومي اسيمبليءَ جون سيٽون 148 آهن. سنڌ 61، خيبرپختون خواهه 35، بلوچستان 14، باقي فاٽا جون قومي اسيمبليءَ جون سيٽون جن کي هاڻي ختم ڪري خيبرپختون خواهه ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان سان خيبرپختون خواهه جو انگ وڌندو ۽ اسلام آباد جون به ڪجهه سيٽون ملائجن پوءِ به پنجاب جون قومي اسيمبليءَ جون سيٽون وڌيڪ آهن.
ان حوالي سان ملڪي سياست مٿان پنهنجون نظرون رکندڙ تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي اندر پهچي پنهنجن سمورن ميمبرن 157 سان اسپيڪر جي اڳيان استعيفائن جو اعلان ڪري ٿي ته پوءِ اسپيڪر کي هر صورت ۾ انهن جي استعيفائن کي قبول ڪرڻو پوندو. ان سان انهن تڪن تي هر صورت ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻيون پونديون. وري ساڳي صورتحال ملڪ اندر سڀ کان گهڻيون قومي اسيمبليءَ جون سٽون رکندڙ پنجاب جي صوبائي اسيمبليءَ جي پڻ آهي ۽ جهڙي ريت مسلم ليگ (ن) جا وفاقي وزير دانهون ڪري رهيا آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ۽ ان کان پوءِ سندس چوڻ آهي ته هو پنهنجي ان اعلان تي قائم آهي ته هو پنجاب جي صوبائي اسيمبليءَ کي ٽوڙي ڇڏيندو ۽ پنجاب سان گڏ خيبرپختون خواهه جي صوبائي اسيمبليءَ جي ٽٽڻ کان پوءِ باقي سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي اسيمبلين جو قائم رهڻ وارو امڪان تمام گهٽ نظر اچي ٿو.
ان ڪري ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ اهڙا چوٻول هلي رهيا آهن ته ملڪ ۾ عام چونڊون سال 2023ع جي مارچ يا وري اپريل ۾ ٿي رهيون آهن. ان حوالي سان اها ڳالهه پڻ گردش ۾ آهي ته مسلم ليگ (ن) جو سربراهه ميان نواز شريف پڻ جنوريءَ جي وچ ۾ پاڪستان ايندو. کيس عدالتون رليف ڏئي پنهنجي پارٽيءَ جي چونڊ مهم هلائڻ جي اجازت ڏيڻ سان گڏ عدالتن ۾ هلندڙ سمورن ڪيسن جي پوئواري ڪرڻ جون هدايتون ڏئي سگهن ٿيون پر ان حوالي سان وري ٻئي طرف اهي ڳالهيون به هلي رهيون آهن ته ميان نواز شريف کي موجوده عدالتون جلدي ۾ ڪوبه رليف نٿيون ڏيڻ چاهين. ڇو ته کيس سزا ڪنهن هاءِ ڪورٽ يا وري احتساب عدالت ناهي ڏني پر ملڪ جي سپريم ڪورٽ پڻ اهو فيصلو برقرار رکيو جنهن فيصلي کي چيلينج ڪرڻ وارو وقت پڻ ميان نواز شريف ٻاهر رهي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
ان باوجود ڏسجي ته اڳتي هن ملڪ جي سياست ۾ ڪهڙا نوان موڙ ۽ تبديليون اچن ٿيون ڇو ته پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن اندر سمورو سياسي ماحول مٽجندي دير نٿو ڪري. اڄ جيڪي سياسي حالتون آهن، سڀاڻي وري مٽجي سگهن ٿيون. ان لاءِ پنجاب ۾ تخت لاهور مٿان هلندڙ جهيڙو جيڪو ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندو ٿو وڃي، ان مٿان سموري ملڪ جي سياسي پارٽين جون رڳي نظرون ناهن پر هر سياسي پارٽي تخت لاهور تي پنهنجو قبضو ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي. ڇو ته ملڪ ۾ احتساب هن وقت تائين فقط ڊرامائي انداز ۾ ٿيندو رهيو آهي ۽ ڏيکاريو ويو آهي. حقيقت ۾ احتساب يعني پڇاڻو جزا ۽ سزا وارو عمل اتي ٿيندو آهي، جتي وقت جو حاڪم به عدل ۽ انصاف آڏو جوابده هجي ۽ سماج ۾ ٿيندڙ ظلم زيادتيون، ناانصافيون ۽ جيڪي احساس محروميون ٿينديون هجن، انهن جي نبيري لاءِ پاڻ ميدان عمل ۾ نڪري انصاف گهرندڙن کي انصاف مهيا ڪري اهڙا ئي انصاف ڀريا سماج ملڪن، قومن توڙي تهذيبن جي ترقيءَ جا معمار ليکيا ويندا آهن پر هن وقت جيڪو پاڪستان ۾ احتساب جي حوالي سان رينگٽ هلي پيو، ان عمل جو جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته ماضي کان وٺي احتساب جي نالي تي ٿيندڙ ڦرلٽ ۽ پنهنجا نوازيءَ کي سدائين هٿي ملندي رهي آهي. ڪڏهن به پاڻمرادو ادارن ان ڳالهه جو نوٽيس نه ورتو ته ان سان اڳتي هلي سماج ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون برايون ۽ ڪهڙا ڪهڙا مرض پيدا ٿيندا، جن جو علاج به اڳتي هلي ڳولڻ ڏکيو ٿي پوندو.
ماضي ۾ ايوب خان واري مارشلائي دور هجي جنهن ۾ ايبڊو تحت احتساب جي نالي ۾ ڪيترن ئي سياسي سماجي توڙي اهل علم شخصيتن کي نااهل بڻائي پنهنجي اقتداري هوس کي پوري ڪرڻ لاءِ ائين ئي ڍونگ رچايو ويو. جيئن جنرل ضياءَ جي مارشلائي دور ۾ اسلام جي آڙ ۾ ماڻهن مٿان ڦٽڪن جون سزائون مڙهيون ويون. ان دور ۾ به ڏٺو وڃي ته اهو ئي چيو پئي ويو ته سماج ۾ انصاف لاءِ هي سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي پر دنيا ڏٺو ته ان سان انتهاپسند ڌرين کي اڳتي وڌائڻ ۾ ايڏو وڏو ڪڌو ڪم ڪيو ويو جو اڄ ڏينهن تائين سڄي ملڪي عوام جي ڳچيءَ مان اهو طوق نڪرڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. ائين وري پرويز مشرف جي دور ۾ به ساڳيون ئي پاليسيون ورجايون ويون، جيڪي عوام جي مفادن جي ٽڪراءُ ۾ هيون. جنهن جو عوام جي مسئلن سان ذري برابر به واسطو نه هو. ائين ئي ملڪ اندر جيڪي به چونڊجي آيل جمهوري حڪومتون آيون، انهن به سدائين اها ئي ٻولي ٻولي ته عوام جي حقن ۽ انهن جي احساس محرومين جو اقتدار ۾ اچي تدارڪ ڪيو ويندو پر ڏٺو وڃي ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ انهن سياسي ڌرين به عوام کي ۽ عوام جي مسئلن کي اهميت ڏيڻ بدرانِ پنهنجو پيٽ پالڻ کي وڌيڪ اهميت ڏني جو هن وقت جنهن به اداري جو دروازو کلي ٿو يا جنهن به اداري جي حقيقت اچي ٿي ته ان اداري اندر اربين کربين رپين جي ڪرپشن جو ذڪر نمايان طور نظر اچي ٿو.
ان ۾ يقينن رڳي سياسي ڌريون نه پر اهي غير جمهوري قوتون به شامل آهن، ٻنهي ڌرين ٻنهي هٿن سان ملڪي عوام کي لٽڻ ڦرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي ۽ اهي ٻئي ڌريون گهڻي قدر هر دور ۾ هر ڪرپشن ۾ هر ڪڌي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيون آهن. ملڪي سياسي تجزيي نگارن جو خيال آهي ته موجوده وڏو وزير پرويز الاهي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي اها ڳالهه مڃائڻ ۾ پنهنجي پٽ مونس الاهي ذريعي ڪامياب ٿي ويو آهي ته ايندڙ دور ۾ به پنجاب جي وڏ وزات چوڌري پرويز الاهي کي ڏني وڃي جنهن ڪري عام چونڊن ۾ پڻ تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ (ق) گڏجي چونڊون وڙهڻ لاءِ هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
ان ڪاميٽي سموريون ڳالهيون ڪري آخري فيصلو ڪرڻ جو اختيار عمران خان حوالي ڪري ڇڏيو هو، جنهن پڻ پنهنجي فيصلي کان مونس الاهي جي هٿان پنجاب جي موجوده وڏي وزير پرويز الاهي کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ پرويز الاهي تخت لاهور تي هلندڙ جهيڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن اندر اعتماد جو وٽ وٺي 11 جنوريءَ کان پوءِ پنجاب اسيمبليءَ کي ٽوڙي ڇڏيندو پر وفاقي حڪومت جا وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ چون ٿا ته تڪڙيون چونڊون معاشي گهرج ناهن، اهو سياسي اشو آهي ۽ عام چونڊون پنهنجي پوري وقت تي ٿينديون. هاڻي ڏسجي ته اصل ۾ تخت لاهور تان هلندڙ جهيڙو ڪٿي ٿو دنگ ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button