جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ آپگهات جو تناسب وڌي وڃي ته ان جو مطلب اهو آهي، اهو سماج ذهني طور مختلف بيمارين ۾ ورتل آهي ۽ خاص طور تي اهو ڊپريشن جو شڪار ضرور هوندو آهي، جنهن ڪري سماج جو ڪوبه فرد آپگهات ڪرڻ ۾ دير ڪونه ڪندو آهي ۽ نتيجي ۾ خودڪشيءَ جو لاڙو وڌندو ويندو آهي. سنڌ ۾ به خودڪشيءَ جا واقعا به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. جڏهن ساليانو انگ اکر پيش ڪيا ويندا آهن ته انهن ۾ به آپگهات جا انگ اکر شامل هوندا آهن، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندا آهن. پر خودڪشيءَ کان بچڻ ۽ ماڻهن کي ان لاڙي کان بچائڻ جو ڪم رڳو نفسياتي ماهرن جو ڪونهي پر ان ۾ فرد کان وٺي سماج ۽ رياست کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آهي. ڪالهه هڪ اهڙي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب سانگهڙ ضلعي ۾ 73 ماڻهن پنهنجو انگ آڻي ڇڏيو آهي. انت آڻيندڙ ماڻهن وٽ مختلف سبب هئا، جن ۾ بيروزگاري ۽ غربت شامل آهن. ان کان سواءِ مهانگائي به ڄاڻائي وئي آهي.
رپورٽ مطابق 73 واقعن ۾ 53 واقعا رپورٽ ٿيا، 20 واقعن جي وارثن رپورٽ داخل نه ڪرائي. ضلعي ۾ خودڪشين جو ڪارڻ بيروزگاري، بدحالي، مھانگائي ۽ گھريلو پريشانيون آهن. ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ بار جي صدر سنيل ڪمار ٻڌايو ته ھن سال خودڪشين جا انگ وڌيا آهن، ان جو سبب حڪومت جي نااھلي، خراب گورننس سان گڏ غربت ۽ مھانگائي آھي. اقليتي برادريءَ ۾ خودڪشين جو انگ وڌيڪ آهي، ٻوڏ سبب ھاري طبقو گهڻو پريشان رھيو، امداد به حقيقي متاثرن تائين نه پهتي. ٻئي پاسي پ پ مينارٽيءَ جي ضلعي صدر من موھن داس چيو ته اقليتي برادريءَ ۾ خودڪشين جو ڪارڻ غربت ۽ انهن جي رھڻي ڪھڻي آهي. ٻوڏ جي ڪري فصل تباهه ٿي ويا، ماڻهن لا کائڻ لا ڪجهه نه بچيو، هاري طبقو گهڻو متاثر ٿيو.
جڏهن ڪو ماڻهو خودڪشي ڪري ٿو ته ان جا سبب رڳو گهرو نه هوندا آهن پر ان سان گڏ ڪئين ٻيا سبب به هوندا آهن. جيڪڏهن حڪومت بهتر ڪارڪردگي نٿي ڏيکاري، اها بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي وري ان جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿي ته سماج ۾ ڊپريشن وڌڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. تنهنڪري سانگهڙ ضلعي ۾ جيڪي ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن، لڳ ڀڳ هر ضلعي ۾ اهڙا ئي ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن. انهن جا سبب به ساڳيا ئي آهن، ڇاڪاڻ ته مجموعي طور عوام جا مسئلا ساڳيا آهن. اهو غربت، بک ۽ بيروزگاريءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ان کان سواءِ ان وٽ بنيادي ضرورتون نه هئڻ برابر آهن. تنهنڪري هو آپگهات ڪرڻ کي بهتر سمجهي ٿو. مٿي جيڪي مسئلا بيان ڪيا ويا آهن، اهي نه رڳو سنجيده نوعيت جا آهن پر انهن کي حل ڪرڻ به حڪومت جي ذميواري آهي. حڪومت جو ڪم ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ آهي، ان کي تحفظ ڏيڻ آهي، ان کان سواءِ مهانگائيءَ مان جان ڇڏائڻ آهي. پاڪستان ۾ هن وقت مهانگائي چوٽ ڄڙهيل آهي. هي ملڪ دنيا جي مهانگن ترين ملڪن ۾ شامل آهي. جتي ماڻهن جي قوت خريد ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي ۽ واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ماڻهو ڊپريشن جو شڪار نه ٿين ۽ خودڪشيءَ کي آخري حل نه سمجهن.
اسين سمجهون ٿا ته سانگهڙ مان ظاهر ٿيندڙ ڪيس حڪومت ۽ انتظاميه جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن. ذهني طور بيمار سماج هن وقت وڌيڪ ڀوڳي رهيو آهي. ماڻهن ۾ سهپ بنهه ناهي رهي، تنهنڪري اهو ضروري آهي ته عوام جي بنيادي ضرورتن جو خيال رکيو وڃي. اهي ضرورتون جيڪي حڪومت پوريون ڪري سگهي ٿي، انهن کي هر حال ۾ پورو ڪرڻ ۾ دير نه ڪري ۽ نه ئي وري ان لاءِ ڪا بهاني بازي ڪري. ٻي صورت ۾ آپگهات جا ڪيس وڌندا رهندا.