سنڌ

ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ناهيد خان جي شهيدن جي مزار تي حاضري

پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرس جي مرڪزي صدر اڳوڻو سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي پرسنل سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ناهيد خان عباسي لاڙڪاڻي مان قافلي جي صورت ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪري دعا گهري. ان موقعي تي ناهيد خان عباسي ڳالهائيندي چيو ته هر سال جيان هن سال به شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هتي پهتا آهيون، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ملڻ کانپوءِ به پيپلز پارٽي پنهنجي قائد کي به انصاف ناهي ڏياري سگهي، شهادت جي وقت مان شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ هيس پر مون کان ڪا به گواهي نه ورتي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر عباسي جو چوڻ هو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 15 سالن تائين انصاف نه ڏيارڻ واري آصف زرداري ۽ موجوده پيپلزپارٽي کان عوام محترمه جا قاتل گهري رهي آهي، ملڪ هن وقت شديد معاشي ۽ سياسي بحران جو شڪار آهي، جنهن کي سنڀالڻ وارو ڪوئي نه آهي. هن چيو ته مضبوط ادارا ئي معاشي بحران کان ڪڍي سگهن ٿا، جيستائين ملڪي ادارا مضبوط نه ٿيندا تيسيتائين ترقي ممڪن نه آهي، اڄ لک روپيا ڪمائڻ وارو به پنهنجي ٻارڙن کي تعليم ۽ پيٽ ڀر ماني به کارائي نٿو سگهي، موجوده سياسي بحران ايترو ته شديد آهي جو ڪوئي به سياستدان ملڪي حالات کي ڪنٽرول ڪندي ڏسڻ ۾ نه پيو اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button