سنڌ

آئي جي سنڌ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ورسي انتطامن جو جائزو ورتو

سنڌ پوليس جو سربراهه آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ شهيد بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ورسي جي انتظامن جو جائزو ورتو جتي هن پوليس جي اعليٰ عملدارن سان سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان گڏجاڻي ڪري بريفنگ ورتي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي موقعي تي فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن، ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پوليس جي مُک ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، جتي سي سي ٽي وي ڪئمرائن جي ذريعي ورسي جي سمورن پروگرامن جي نگراني ڪئي ويندي ۽ شڪي ماڻهن تي ڪڙي نظر رکڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا ويا آهن. هن چيو ته ورسي ۾ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان شرڪت ڪرڻ لاءِ آيل ماڻهن لاءِ جامع ٽريفڪ پلان ترتيب ڏنو ويو آهي ته جيئن ماڻهن کي مشڪلاتون پيش نه اچن. هن چيو ته ورسي موقعي تي 8 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ۽ آفيسر توڙي اسپيشل ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويا آهن ۽ ليڊيز پوليس پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏينديون. هن چيو ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو عملو پڻ الرٽ آهي ۽ ميٽلڊ ڊڪيٽر سميت جديد اوزارن سان ماڻهن جي تلاشي وٺي کين جلسي گاهه اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني ويندي ان لاءِ پوليس کي هاءِ الرٽ رکيو ويو آهي ته جيئن ورسي جا پروگرام خيريت سان پڄاڻيءَ تي پهچن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button