سنڌ

شهيد بينظير جي اڄ 15 ورسي،ڳڙهي ۾ جلسي جا انتظام مڪمل

ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي. پيپلز پارٽي پاران ورسي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسو ڪوٺايو ويو آهي جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي گاهه اندر 60 فوٽ ويڪري اسٽيج کي پارٽي جهنڊن ۽ اڳواڻن جي تصويرن سان سينگاريو ويو. ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان پهتل ڪارڪن ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي پنهنجي شهيد اڳواڻن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي کين ڀيٽا پيش ڪئي. ورسي ۾ شرڪت لاءِ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف، وڏي وزير مراد علي شاهه سميت پيپلز پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ نئون ديرو هائوس پهچي ويا، جيڪي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ رٿيل جلسي کي خطاب ڪندا. هوڏانهن ورسي موقعي تي وزيراعليٰ گلگت بلتستان سيد مهدي شاهه سميت پيپلز پارٽي جا ٻيا اڳواڻ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ويا. ٻئي طرف ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار ٻاهران سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اڳواڻن پاران استقباليه ڪئمپون قائم ڪيون ويون، جتي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان ايندڙ قافلن جو استقبال ڪيو پيو وڃي. ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪندي 8140 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جن ۾ 300 ليڊيز، 700 ٽريفڪ اهلڪارن سميت ڪمانڊوز شامل آهن. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ 150 سي سي ٽي وي ڪئمرائون ۽ 60 واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن. سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن جي نگراني لاءِ ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ پوليس طرفان خاص ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جتان ورسي تقريبن کي مانيٽر ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button