سنڌ

لاڙڪاڻي پهچي چڪو آهيان:بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 15هين ورسي جي موقعي تي هڪ وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مان لاڙڪاڻي پهچي چڪو آهيان ۽ اسان سڀ گڏجي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 15هين ورسي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ملهائينداسين. هن چيو ته ورسي جي موقعي تي شهيد بينظير ڀٽو خراج عقيدت پيش ڪندي مان خارجه، معاشي ۽ دهشتگردي جي سطح تي ڳالهائيندس، جنهن لا مان عوام کي دعوت ٿو ڏيان ته اهي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو اچي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪن. هن چيو ته اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو آمريت ۽ انتها پسندي خلاف غير معمولي جدوجهد مان رهنمائي حاصل ڪئي ۽ هن اسان کي عوام جي خدمت ڪرڻ جو طريقو سيکاريو. هن سيکاريو ته ڪجهه مراعتن لا نه پر عوام لا ڪوششون وٺڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button