حضرت سخي لعل شهباز قلندر جو خانداني ۽ اصلي نالو سيد محمد عثمان هو، سندن والد محترم جو نالو سيد ڪبير هو. سندن ولادت جي تاريخ متعلق مورخن ۾ ڪافي اختلاف موجود آهن. ڪجهه مورخ سندن ولادت 537 هجري ته ڪجهه وري 538 هجري سال کي قرار ڏين ٿا. سندن اباڻو وطن مروند هو. خانداني حسب نسب مطابق سندن شجرو حضرت امام جعفر عليه السلام سان وڃي ٿو ملي، پاڻ علم جي اُڃ اجهائڻ لاءِ ڏيهه پرڏيهه جا سفر ڪري ڪشالا ڪڍي پنهنجي وقت جي سيد عالمن کان مستفيد ٿيا. ابتدائي تعليم ۽ تربيت فارسيءَ کان سواءِ قرآن شريف پڻ حفظ ڪيائون. مروند ۾ سندن ابتدائي تعليم مڪمل ٿي. ان کان پوءِ شيخ عثمان المعروف لعل شهباز قلندر، حضرت بابا ابراهيم جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ پير و مرشد جي هدايتن موجب پورو سال سخت رياضتون ڪري کانئن فرقو حاصل ڪيائون. تنهن کان پوءِ پنهنجي هم عمر بزرگن بابا فريد الدين شڪر گنج، حضرت جلال الدين بُخاري جهانيان جهان گشت ۽ حضرت بهاءُالدين ذڪريا ملتاني سان گڏجي سير ۽ سياحتون ڪيائون ۽ اسلامجي ابدي پيغام جو پرچار ڪيائون. انهن چئني بزرگن جي پاڻ ۾ رفاقت، انسيت ۽ محبت کي ڏسي کين “چوياري” جو لقب حاصل ٿيو. قلندر لعل شهباز سدائين ڳاڙهو لباس پهريندا هئا، ان ڪري “لال” جو لقب به سندن ذات سان هميشه لاءِ لاڳاپجي ويو. اهڙي ريت “شهباز” جو خطاب سندن مرشد بابا ابراهيم کين عطا ڪيو هو. ان جي تشريح ڪندي ڪي مورخن لکن ٿا ته سندن اکيون شهباز (باز) جيان چمڪندڙ هونديون هيون، ڪن مورخن مطابق سندن مرشد بابا ابراهيم، حضرت عثمان مروندي لال شهباز کي قلندري سلسلي ۾ داخل ڪيو هو. ڪي تذڪره نگار اها تحقيق پيش ڪن ٿا ته مشهور بزرگ حضرت بوُ علي شاهه قلندر، حضرت لالا شهباز کي “قلندر” چئي پڪاريو هو. بس ان ڏينهن کان پوءِ “قلندر” مشهور ٿي ويا.
بهرحال لعل شهباز قلندر جڏهن بغداد کان آيا هئا ته حضرت سيد علي بغدادي کي به پاڻ سان کنيائون. جيڪي سفر ۾ سندن خدمت گذاريءَ تي معمور هئا. اهي سيوهڻ ۾ به ساڻن گڏ ئي رهندا هئا، کين قلندر جو وزير چوندا آهن ۽ سندن مزار به قُبي جي اڳيان ساڄي پاسي آهي. سيوهڻ ۾ قيام دوران اسلام جو پيغام پکيڙيو ۽ ڀٽيل انسانن کي سڌي راهه تي لائي سندن زندگيون بدلائي ڇڏيون. اهڙي ريت لعل شهباز قلندر هڪ ڊگهي ڄمار ماڻي ۽ 21 شعبان 673 هجري تي دنيا مان موڪلائي ويا. پهريون ڀيرو 757 هجري ۾ سلطان فيروز شاهه تغلق جي دور ۾ شهباز قلندر جي مزار مبارڪ ٺهرائي وئي. ان کان پوءِ سن 1009ع هجري ۾ غازي خان بيگ مزار جي عمارت ۾ ٻيهر ترميم ڪرائي. سن 1173ع ۾ سنڌ جي شاهجهان ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاهه درگاهه تي پٿر جو فرش وجهرايو ۽ صدر دروازو وڏو ڪري هنيائون. قطع نظر ان جي ته اڄ حضرت سخي لعل شهباز قلندر کي هن فاني دنيا مان برقعو مٽائيندي ساڍا ست سئو سالن کان به وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي پر پوءِ به سندن روحاني فيض اڄ به جاري آهي ۽ انساني هجوم هن مزار تي هر وقت ڳاهٽ آهن ۽ سدائين سوين هزارين لکين سلامي آهن.
هن سلسلي ۾ قلندر سان عشق جو عجيب انداز جهڙو وارهه جي سادات جو آهي. ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ايئن ته هر ڪو قلندر لعل سان پنهنجي پنهنجي طور طريقي سان عقيدت ۽ محبت رکي ٿو پر وارهه جا سادات چئن پيڙهن کان لڳاتار قلندر جي ڌنار جي حيثِت ۾ خلق خدا جي خدمت ڪندا پيا اچن.
ان سلسلي ۾ سڀ کان اڳ سيد حيدر شاهه بخاري جيڪي اصل وارهه شهر جو ويٺل هو ۽ سن 1842ع انگريزن جي دور کان وٺي هن ست جي سرواڻي شروع ڪئي هئي ۽ قلندر لعل شهباز جي ڌنار طور سڄي سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪشالا ڪڍي لنگر لاءِ مال ڪٺو ڪري ميلي کان چار ڏينهن اڳ سيوهڻ پهچندو هو ۽ 21 شعبان تي، شهباز قلندر جي نکيٽيءَ کان پوءِ سندن روانگي واپس وارهه ٿيندي هئي. سيد حيدر شاهه بخاري کانپوءِ هن ڌنار قافلي جي اڳواڻي سيد طالب شاهه بخاري ڪندو رهيو. تن کان پوءِ سيد محمد شاهه بخاري (موجوده سجاده نشين سيد ذوالفقار شاهه بخاري جو والد صاحب) پنهنجي وقت ۾ اها وڏڙن جي واٽ وٺِ روايت نڀائي پنهنجو وارو وڄائي ويو ۽ ان کان پوءِ موجوده سجاده نشين سيد ذوالفقار شاهه بخاري هي روايت نڀائيندڙ آهي.
سيد ذوالفقار شاهه بخاري، انٽرنيشنل ريلشنز ۾ ايم اي آنرز سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي آهي. ان ساڳئي قلندري گدائي جي سلسلي ۾ هڪ جمادي الثاني 1444 هجري بمطابق 25 يا 26 ڊسمبر 2022ع تي هڪ قافلو جيڪو 15-20 فقيرن تي مشتمل هوندو آهي ۽ سيد ذوالفقار شاهه بخاريءَ جي سرواڻي ۾ وارهه شهر مان روانو ٿي مختلف شهر نصير آباد، دادو، ڀان سيد آباد مان ٿيندو راجا فقير نريش ڪمار جي آستاني تي پهچندو، جتي سندن ڀرپور استقبال ڪرڻ وارن ۾ عبدالڪريم عباسي، مٺل حاجاڻو، آصف جوڻيجو، غفران، امام دين، ترابي انيس ميمڻ، وفا رضا بلوچ، ڪرشن ڪولهي، حاڪم زرداري ۽ لکو مل ڪولهي شامل هوندا. ياد رهي ته هي قافلو 4 ڏينهن ۽ 5 راتيون هتي ترسندو، ان دوران راڳ ويراڳ جون محفلون پڻ منعقد ڪيون وينديون. ان دوران سوين مريدن ۽ معتقد روزانو سائين کان دعائون ۽ دوا درمل وٺڻ ايندا رهندا آهن. چار ڏهاڙا هتي رسڻ کان پوءِ قافلو پير نور شاهه درگاهه قاسم آباد ايندو، اتي بيبي رند پاران خاطر تواضع ۽ حاضري ڀرڻ کانپوءِ شام جو ٽنڊو ڄام ٻڍو خان جتوئي، لالا سائين جي چوڪيدار وٽ ٻه ڏينهن ڊاٻو ڪري، اتان سڌو مرشد گهوٽ شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي حاضري ڀري اتان کان پوءِ سائين وارو ۽ ڊاٽسن ڍالو نيشنل هاءِ وي تي رڙهندو رهندو ۽ نيٺ اچي مورو شهر لڳ قلندر بخس مبيجو پٽ مولا بخش مبيجو جيڪي ٽن پيڙهن کان ڊيوٽي ڏيندڙ آهن. ان وٽ ڊاٻو ڪري ٻئي ڏينهن اتان وري خيرپور ميرس ۽ اوسي پاسي جي شهرن ۽ ڳوٺن مان ٿيندو، وري سکر پاسي ڏانهن اوٻاوڙو، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، پنو عاقل ۽ سرحد پٽي وارا علائقا ۽ ٻين واهڻ وستين مان ٿيندو 20 جمادي الثاني تي واپس وارهه ويندو.
اتان وري ٻن ٽن ڏينهن جي آرام ۽ ٻچن ٻارن جي خبر چار حال احوال کان پوءِ وارهه کان شهدادڪوٽ، قمبر، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جهل مگسي، سبي، ڪوئيٽا ۽ بلوچستان مان گهمندو ڦرندو وري واپس وارهه پهچندو آهي. ان کان پوءِ جاگير، لاڙڪاڻو ۽ ان جا شهر گهمندو اتان لعل سائي جي لنگر لاءِ مال ڪٺي ڪري پوءِ وري رجب مهينو ان گڏ ٿيل مال ۽ ٻئي نئين ايندڙ مال جي کاڌ خوراڪ ۽ خدمت گذاري ٿيندي رهندي آهي ۽ پوءِ نيٺ 27 رجب تي سمورو مال هڪلي گڏ ڪري وڏي ڌڻ جي صورت ۾ جنهن ۾ اندازن 150 کان 200 تائين ٻڪر، ڇيلا، رڍون، دنبا، پاڏا، گابا، ڍڳيون، مينهون، اٺ، ديسي ڪڪڙ ۽ ڪبوتر پڻ هوندا آهن. وارهه مان اهو ڍورن ۽ ماڻهن (فقيرن) وارو ڌڻ نعره حيدريءَ جي گونجن، ناد نقلي ۽ گهنڊ گهڙيالن جي مڌر مست ڌنن تي ڌوڪيندو، مال کي تاهه کان بچائيندو سيوهڻ ڏانهن روانو ٿيندو آهي. ياد رهي ته 27 رجب کان 14 شعبان تائين انهن ٻارهن ئي منزلن دوران روزانو هڪ يا ٻه ڍور ڪُسبا آهن ۽ لنگر ۾ استعمال ٿيندا آهن. اهو قافلو 14 شعبان کان يڪو 21 شعبان قلندر لال جي نيکيٽيءَ تائين سائين ذوالفقار شاهه جي ڪافي نزد خان شاهي سيوهڻ ۾ ئي رهندو آهي. ان دوران روزاني ڪيترائي ڍور ۽ پهرو حلال ڪري لنگر تيار ڪري مومنن، مريدن، معتقدن ۽ ايندڙ ويندڙ پانڌيئڙن کي کارايو ويندو آهي. ان کان سواءِ هن گدائي ۾ مختلف عقيدتمندن ۽ مريدن پاران رليون، پنڊيون، چانور، ڪڻڪ، تيل، اناج ۽ ٻيون ڪيتريون ئي کاڌي پيتي جون شيون ۽ مرچ مصالحا، کير، کنڊ، شربت، ماکي ۽ چانهه وغيره به ڏنيون وينديون آهن. جيڪي اتي ئي استعمال ڪري پوريون ڪيون وينديون آهن.
ڪراچي واسي سيٺ حاڪم ڏهر ۽ حيدرآباد جو جبار سنجراڻي هن لال جي لنگر ۾ جام مال ڏيندا آهن ۽ لال شهباز جا پانڌيئڙا کائي کين دعائون ڪندا آهن. هن مشڪل، ڪٺن ۽ ڪشالن واري قافلي ۾ 20 کن فقرا سائين سان ٻيلي هوندا آهن. جن ۾ وڏو فقير غلام علي ڪلهوڙو ويٺل ڀورو خان ڪلهوڙو ڳوٺ نزد لاڙڪاڻو 40 سالن کان وٺي ڊيوٽي بردار آهي. ان کان سواءِ ديوان راجا فقير نريش ڪمار، منظور علي سولنگي، طالب احمد پيچوهو، پرائمري ماستر قربان علي پيچهو، رجب علي بروهي، فقير راهب علي، عامر فقير پيادو لاهوتي، مير محمد بروهي، نانگو فقير عرف مسڪان علي چانڊيو، ياسين سولنگي، سعيد، اصغر کوسو، عبدالرشيد لاشاري استاد ۽ صحافي، بورچي استاد جمن، ڪاسائي تونگر فقير سوڍر ۽ بنده علي هڪ ئي وقت 15-15 ڇيلن کي سيرون وجهي ڪهندا ويندا آهن ۽ بورچي حوالي ڪندا ويندا آهن. سچ پڇ ته عقيدت ۽ عشق جو اهو انداز حيران ڪندڙ آهي. جيڪو 179 سالن کان هلندو پيو اچي.