ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تباهه حال معيشت

Editorial

ملڪي معيشت هن وقت ڄڻ ته وينٽيليٽر آهي. گذريل ڪجهه مهينن کان معيشت جي جيڪا حالت ٿي آهي، ان ۾ اڳوڻي حڪومت ۽ عمران خان جو حصو پتي ته آهي پر هاڻوڪي حڪومت به وسان ڪين گهٽايو آهي. هڪ پاسي مهانگائي آهي، ٻئي پاسي ضرورت جي شين جي کوٽ آهي. ماڻهو بجلي، گئس ۽ ٻين بنيادي ضرورتن لاءِ پريشان لڳا پيا آهن. ڊالر جي ڊوڙ به جاري آهي ۽ ٻئي پاسي وري حڪومت جو چوڻ آهي ته اندازو نه هو ته معيشت ايتري تباهه ٿي چڪي آهي. جڏهن ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي عمران خان جي حڪومتي دور ۾ معيشت جي بدحاليءَ جو ذڪر ڪنديون رهيون آهن. انهن مهانگائي ۽ ٻڏندڙ معيشت خلاف احتجاجن جو سلسلو ان وقت جاري رکيو هو، جڏهن ٻئي پارٽيون اپوزيشن ۾ هيون پر اڄ جڏهن عوام تي مهانگائي جو بار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ته هاڻ انهن کي مهانگائي نظر ڪونه ٿي اچي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حلف کڻڻ وقت مون کي خبر نه هئي ته پاڪستان جي معيشت ايڏي تباهه ٿي چڪي آهي ۽ پاڪستان جو ڏيوالو ٿي رهيو آهي پر حڪومتي ڪوششن سان ملڪ کي ڏيوالي کان بچائي ورتو. ڊيرا اسماعيل خان ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪيترائي چئلينج هئا ۽ پوءِ ٻوڏ تباهي آندي، خاطري ٿو ڪرايان ته جيستائين ٻوڏ متاثر پنهنجي گهرن ۾ واپس نٿا وڃن سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته گذريل حڪومت پاڪستاني معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، عمران خان پاڪستان جي عزت خاڪ ۾ ملائي، پاڪستان جي جيتري بي توقيري گذريل حڪومت ڪئي، اڄ تائين ڪنهن نه ڪئي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي واقعن کي روڪڻ ۽ ان ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل اجلاس گهرائي رهيو آهيان ۽ سمورا وسيلا استعمال ڪندي دهشتگردي جو مقابلو ڪنداسين ته جيئن پاڪستان ۾ ٻيهر امن قائم ٿئي. هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ 2017 تائين ترقياتي ڪم ٿيا ۽ ان کان پوءِ جي حڪومت هر شي تي غلاف رکي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته ڊيرا اسماعيل خان تائين الهندي روٽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه رٿا جو حصو آهي ۽ 2017 تائين ان جو مڪمل منصوبو بڻجي چڪو هو پر بعد ۾ جيڪا حڪومت آئي ان معيشت جو ٻيڙو ٻوڙڻ سان گڏوگڏ انهن منصوبن کي به سرد خاني ۾ اڇلائي ڇڏيو جنهن کان پوءِ ترقي ۽ خوشحالي جي ڳالهه ختم ٿي وئي. هن چيو ته چيني حڪومت ۽ ٻين ملڪن کي ان وقت جي حڪومت جي سربراهه عمران نيازي ايڏو ناراض ڪري ڇڏيو هو جو هڪ جيڪڏهن ان مان ڪو هڪ واقعو ٻڌائي ڇڏيان ته سڀ حيران ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ سان معاهدو ختم ٿي چڪو هو ۽ پاڪستان جو ڏيوالو نڪرندو پئي ويو پر گڏيل حڪومت جي ڪوششن پاڪستان کي بچائي ورتو. شهباز شريف چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪيترائي چيئلينجز هئا ۽ پوءِ ٻوڏ تباهي آڻي ڇڏي ۽ پاڪستان جو خزانو خالي هو پر اسان پنهنجي کيسي مان 88 ارب رپيا ٻوڏ متاثرن جي حوالي ڪيا. هن چيو ته اڃا اسان جي حڪومت جا 8 مهينا آهن جنهن ۾ اسان انهن منصوبن تي ڪم ڪنداسين. عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪعبته الله جي ماڊل سان ٺهيل گهڙي وڪرو ڪندڙ کي ووٽ ڏيڻو آهي يا ان کي جيڪو عوام جو حقيقي خدمتگار آهي.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت کي اها خبر هجي يا نه هجي ته معيشت ڪيتري تباهه حال آهي پر ان جو اصل ڪم اهو آهي ته اها معيشت کي ڪيئن ٿي اڀاري، معيشت کي ڪهڙي ريت وري سهارو ٿي ڏئي ۽ عوام تان مهانگائيءَ جو بار ٿي لاهي. ڇاڪاڻ ته اهي معاملا عوام نٿو ٺيڪ ڪري پر حڪومت جي وس ۾ آهي ته اها ملڪي معيشت کي بهتر ڪري. رڳو اهو چوڻ ڪافي ڪونهي ته معيشت جي تباهيءَ جي خبر ڪونه هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button