سنڌ

لاڙڪاڻي ٽراما سينٽر ۾ بلوچستان ۽ پنجاب جا به ماڻهو اچن ٿا:بلاول ڀٽو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ نئين ٺهندڙ ٽراما سينٽر جو دورو ڪيو، جتي چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تونيو ۽ ٻين کيس بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ نه صرف لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد پر بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ڪجهه ضلعن جا مريض هتي پهچندا هئا، اها بار کڻندي کڻندي ان سان اسپتال جي معيار کي نقصان پهتو. ان لاءِ لاڙڪاڻي واسي سنڌ حڪومت، وڏي وزير ۽ صحت کاتي جا شڪر گذار آهن جو لاڙڪاڻي ۾ اسان جو ٽراما سينٽر ۽ ايمرجنسي فيسلٽيٽيشن سروس آهي، ان کي بين الاقوامي معيار موجب فعال ڪيو، لاڙڪاڻي واري ٽراما سينٽر کي ڪراچي واري ٽراما سينٽر سان لنڪ ڪيو ويندو، ان سان گڏ لاڙڪاڻي ۾ 1122 ايمبولينس سروس به شروع ڪيو ويندو. ان سان هتان جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون ملنديون، اسان وٽ نه صرف ايمبولينس پر فائر سروس به آهي، اسان چاهيون ٿا ته لاڙڪاڻي واري 1122 سروس کي سينٽرلائيز ڪري ايمبولينسن جي تعداد کي به وڌايو ويندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ هي سروس شروع آهي ۽ مان چاهيان ٿو ته سنڌ جا ٻيا وڏا شهر لاڙڪاڻو، سکر ۽ حيدرآباد اتي به اها سروس شروع ڪيون ۽ اين آءِ سي وي ڊي جي طرز تي لاڙڪاڻي واري ٽراما سينٽر کي هر ڊويزن ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ بين الاقوامي معيار جو بڻائينداسين. هن چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته اسان وٽ وسيلا گهٽ ۽ مشڪلاتون گهڻيون آهن ۽ آهستي آهستي اسان گڏجي نه صرف صحت پر تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ به ڪم ڪنداسين پر اسان جا ٻيا به پروگرام آهن انهن تي ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته اسپتالن ۾ سڀ کان وڌيڪ ايمرجنسي سروس جي ضرورت هوندي آهي، اڳ عورتن ۽ ٻارن جي موت جي شرح وارا انگ اکر پريشان ڪندڙ هئا ان کي نظر ۾ رکندي ان ڪري اسان چائلڊ لائيف فائونڊيشن سان ملي ڪري هر ضلعي ۾ ٻارن جي ايمرجنسي جا وارڊ قائم ڪيا آهن ۽ اهڙي طرح بين الاقوامي معيار موجب سنڌ جي هر ضلعي ۾ چائلڊ لائيف فائونڊيشن سان گڏجي ٻارن جي ايمرجنسي جي سروس فراهم ڪئي ويندي، اسان جي ڪوشش آهي ته صحت جي سمورن شعبن کي بين الاقوامي معيار جو بڻايون. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ٽراما سينٽر ۾ نه صرف سنڌ پر بلوچستان ۽ پنجاب صوبي جا ماڻهو به هتي ايندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button