سنڌ

بلاول ڀٽو ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري

پرڏيهي وزير ۽ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي پنهنجي امڙ شهيد راڻي بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي گل نڇاور ڪرڻ بعد دعا گهري. جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجي ما جي مزار سامهون ويهي پاڪ ڪتاب جو ورد ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جمهوريت جي شهيدن جي مزار تي ملڪ جي سلامتي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بالادستي لاءِ دعائون پڻ گهريون. جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ڳڙهي خدابخش ڀٽو آمد کان اڳ مزار کي عام ماڻهن کان مڪمل طور خالي ڪرايو ويو ۽ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button