ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سال 2022 جي پڄاڻي ۽ سنڌ جا درد

معشوق شر
وقت تيزي سان پنهنجا پر پکيڙي نه ڄاڻ ڪهڙي اڄاتي منزل ڏانهن روان دوان آهي، جت نه پکيءَ پير جيان انسان به ساڻس گڏ ان وقت جي چيچ پڪڙي سندس منزل ڏانهن گهلبو پيو وڃي پر جيستائين وقت پنهنجي منزل کي پهچي، تيستائين انسان کي ڪيتريون وِهَه وٽيون پيئڻيون پونديون؟ تنهن جي ڪا خبر ناهي. هاڻ ان ئي وقت جي ڪئلينڊر مان نيٺ وڌيڪ هڪڙي سال 2022 جو گل ڇڻڻ پيو وڃي، جنهن لاءِ اهو نٿو چئي سگهجي ته خيرن سان هي سال به اچي پڄاڻي پهتو، ڇو ته وقت جا گهاءَ ڏاڍا ناسُور ٿيندا آهن، جيڪي وقت سان گڏوگڏ تن اندر جي اذيتن کي وڌائيندا ئي ويندا آهن، سال 2022ع به ڪيترن ئي انسانن لاءِ اهڙو ئي رهيو هوندو. ان لاءِ سڄي دنيا جي گهاوَن جي جيڪڏهن اکين آڏو رکجي ته هوند اکيون پاڻ ئي آليون ٿي وڃن، ان لاءِ پاڻ رڳو سنڌ جي ئي ڳالهه ڪريون ٿا، جتي دردن جا انبار اڳ ئي ديرا ڄمايو ويٺا هئا وري جو هن سال بارشون زحمت بڻايون ويون، تنهن هوند مارو ماڻهن جا اهنج نه رڳو وڌايا پر ناسُورن جا اهڙا گهاوَ لوڪ کي سيني ۾ ڏنا آهن، جو هن سال دربدر ٿيندڙ انهن ماڻهن کان حياتي سڄي ۾ ڪڏهن وسري نه سگهندا. جيتوڻيڪ برساتن سبب نقصان ٿيڻ هتي هڪڙي عام رواجي ڳالهه آهي پر 2010 واري مهاٻوڏ ۽ 2011 وارين برساتن کانپوءِ هاڻ ته هر سال برسات جي ٿوري وڌيڪ وسڪاري سبب به ماڻهو خوف ۾ مبتلا ٿيو وڃن ته نه ڄاڻ هاڻ اسان جا اجها باقي رهندا الائي نه!؟ تنهن هوندي به هاڻوڪين سانوڻين جيڪي راڱا ڪيا سي سڀني جي آڏو آهن پر ان بهاني جيڪا ماڻهن کي دربدري ملي آهي، سا ڪڏهن به سندن مقدر نه هئي. اها سنڌ حڪومت جي بي حسي هئي جنهن پنهنجن ئي ووٽرن کي مارڻ جا سڀ سانباها ڪيا، راتين جي اونداهين ۾ واهن شاخن کي هٿرادو گهارا هنيا ويا، پاڻي جي کپت نه هوندي به انهن مڙني واهن ۾ پاڻي ڇڏيو ويو، جن جي پڇڙي جي آبادگارن هميشه پئي پاڻي لاءِ ٻاڏايو آهي، روڊن رستن کي ڪٽ هڻي ماڻهن لاءِ سرڪاري طور موت جا کوهه تيار ڪيا ويا ۽ وري انهن ڪٽن کي بند ڏيڻ لاءِ ڪو جوڳو بندوبست به نه ڪيو ويو، جنهن ڪري سيوهڻ جهڙا واقعا پيش آيا جو هڪ ئي رات خيرپور جي هڪ ئي ڳوٺ جا 20 لاش ڌرتيءَ کي پنهنجي هنج وٺڻا پيا. اڄ به اهڙا ڪيترائي ڪٽ مختلف علائقن ۾ ڄڻ ته ماڻهن کي تڪڙو موت ڏيڻ لاءِ سانڍي رکيا ويا آهن، انهن کي بند نه ڪرڻ لاءِ به وري انتظاميائن پاران الڳ الڳ بهانا ٻڌايا وڃن پيا.
سنڌ جو نصيب شال ئي سڻائو ٿئي، جو سنڌ جي ڪامورا شاهي به سنڌ سرڪار کان به ٻه هٿ اڳتي آهي، غفلت جي ننڊ ستل پيپلز پارٽي جي هيءَ 14 سالن واري سنڌ حڪومت جا اڳواڻ اڄ به اسٽيجن تي بيهي اهو ٿا چون ته اسان عوام کي سهولتون ڏينداسين، نه ڄاڻ اهي سهولتون ڪڏهن عوام کي ملنديون، شايد جڏهن عوام ئي مري ويندو! پر هتي ته هاڻ مرڻ به هڪڙي تعدي آهي جو هاڻ قبرستانن ۾ به پاڻي بيٺل نظر ٿو اچي، مارو ماڻهن جون ته هاڻ قبرون به ميسارجڻ لڳيون آهن، نه ڄاڻ ڪيترا قبرن جا قطبا هيلوڪين تباهين جي ور چڙهي ويا ۽ نه ڄاڻ ڪيترن ماڻهن کي پنهنجي وڏڙن جون پنهنجي پيارن جون، دوستن يارن جون قبرون وري هٿ اينديون به الائي نه!؟ تنهن هوندي به سنڌ سرڪار چوي ٿي ته اسان سهولتون ڏينداسين، اهو عجيب منطق سمجهه کان ٻاهر آهي، 18 هين ترميم کان پوءِ ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها جو سنڌ حڪومت کي پنهنجي ووٽرن جي عزت رکي پنهنجي ڌرتي جي حفاظت لاءِ وڌيڪ اُپاءَ وٺڻ گهرجن ها، پر اتحادي حڪومت جي بهاني ان ئي سنڌ سرڪار ٻٽي نظام کانپوءِ وري هاڻ سنڌ جي ٽڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ صوبا ڪاميٽي ٺاهي آهي، مطلب ڪنهن به ريت موجوده سنڌ حڪومت سنڌ لاءِ سڄڻ ٿيڻ جو ڪردار ادا نه ڪندي، اهو طئه ٿيل آهي. حالت اها آهي جو هتي جڏهن به ڪو مسئلو ٿئي ٿو ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ بجاءِ سنڌ حڪومت جا عجيب عجيب منطق ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، بلال ڪاڪا جي مسئلي ۾ به ائين ٿيو جو هڪ صحافي کي جواب ڏيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو “ايئن ته اسين سيد به ٻاهران آيل آهيون، اسين سڀ ڌاريا ئي ته آهيون”، مطلب ڌاري آبادڪاري کي هٿ سان هٿي ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت ئي سهولتڪار بڻيل آهي پر هي جيڪي سنڌ جا ماروئڙا اڄ روڊن رستن تي پنهنجي ٻچڙن سان گڏ سخت سردين ۾ گهاري لاش ڪلهن تي کڻڻ تي مجبور آهن، انهن لاءِ رڳو اعلان رڳو ڳالهيون ئي آهن. منهنجي پنهنجي ڳوٺ وجود علي ۽ ڀرپاسي ۾ به اهڙي ئي حالت آهي، جو چونڊيل نمائندن جيڪا سار لڌي آهي سا اٽي ۾ لوڻ برابر ئي آهي، اڪثر ماڻهو پري پري وڃي واريءَ جي دڙن تي ويٺا آهن، يا وري شهرن ۾ ڪِرائي جون جڳهيون وٺي ويٺا آهن. اها ئي حالت حقيقت ۾ سڄي سنڌ جي آهي، ڇو ته هتي رڳو ٺري ميرواهه ۽ ڪي اين شاهه ئي نه ٻڏا آهن، جهڏو به ٻڏو ته اهڙي ريت ٻيا به ڪيترائي شهرن جا شهر ٻوڙي امداد جي لاءِ اها نعريبازي ڪئي وئي ته “اسان جي امداد دراصل امداد نه پر موسمياتي انصاف آهي، ڇو ته موسمياتي تبديلي سبب اسان تمام گهڻا ٻڏا آهيون”، گوگل سنڌ جي 100 ڪلوميٽرن جي بڻيل ڍنڍ جو نقشو جاري ڪيو ته هنن کي روئڻ پٽڻ جو اڃا ئي وڌيڪ بهانو ملي ويو، جنهن تي اهي وزير مشير اڄ به ڪاربند آهن ۽ اهڙي ريت سنڌ جي ٻڏي ويل علائقن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن، جنهن ڪري تمام وڏي ايراضي پوک جي لائق نه ٿي سگهي آهي، جنهن جا به اڳرا نتيجا سنڌ جي عوام کي اڃان ايندڙ سال ڏسڻا پوندا، جو هن سال ئي جڏهن وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ خراب ٿي آهي يا واپارين هٿرادو طور ڪڻڪ لڪائي مهانگي ڪئي آهي، تڏهن غريب ماڻهو اٽي جي لپ لاءِ پريشان ٿي ويو آهي. اهڙي صورت ۾ جڏهن ايندڙ سال خوراڪ کاتو ڪڻڪ جي خريد وارو ٽارگيٽ ئي پورو نه ڪري سگهندو، جيڪو اڳ به پورو نه ڪيو هئائين ته پوءِ يقينن اهو اٽو بنهه مهانگو ٿيندو، پنج هزار جو جيڪو مڻ هن وقت ملي پيو، اهو ئي مڻ اٽي جو اَٺَن هزارن ۾ به ملڻ مشڪل ٿي ويندو، ايئن کڻي چئجي ته هي ويندڙ هڪڙو سال حياتي جو کٽو ضرور آهي پر اهنجن ۾ واڌ هڪ ئي سال ۾ ڏهوڻ تي ضرور ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ هونئن ته ٻيون کوڙ مصيبتون ڏٺيون ۽ سَٺيون پر اهو شايد پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو عام لوڪ اٽي جي لاءِ پريشان آهي. زرعي سنڌ جهڙو خطو جنهن وٽ يقيني طور ڪنهن به ريت اها کوٽ نه ٿيڻي هئي پر نااهل حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ لالچ جي جهان عوام کي اهي به ڏينهن به ڏيکاريا جو پورهيت طبقو سوچڻ تي مجبور آهي ته هڪ ڏينهن جي ڏهاڙِي مان ڇا ڇا ڪجي؟ اٽو وٺجي، عام واهپي جو ڪو ٻيو سامان وٺجي يا وري ضرورت جون ڪي ٻيون شيون پوريون ڪجن. ان ڪري اهي سڀ ڳالهيون ذهن ۾ رکي سوچجي ٿو ته واقعي هي سال گذريل سال کان ڏکيو پيو، ان کان به اڳ وارو سال 2021 ته مڙئي جيئن تيئن گذري ويو ۽ 2020 وارو سال به شايد ايترو ڏکيو نه هو جو محدود وقت لاءِ ئي سهي ڪورونا وبا سبب زندگي تي پابندي ته هئي، پوءِ به اها گذري وئي، پر هيءُ جيڪو اٽي جو بحران پيدا ٿيو آهي اهو وڃڻ ۾ وقت وٺندو. هونئن به اٽي جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن به حڪومت کي 3 کان چار سالن جو وقت لڳي سگهي ٿو، اهو به ان صورت ۾ جو ان جا حڪمران ڪم ڪرڻ وارا هجن ۽ ڪامورا شاهي پنهنجا ٺٺ ڇڏي عوام جي سوچ رکي عملي طور ميدان ۾ لٿل هجي.
سال جي آخر ۾ هن وقت آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ جاپان ۾ سخت سردي جي لهر آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي فوتگين جا اطلاع آهن پر ان ڳالهه کان ڪو به انڪار ناهي ته اهي ٽئي ملڪ ان آفت کي مُنهن ڏيڻ جي لائق آهن، هنن وقت سان گڏوگڏ مشينري نه رڳو ٺاهي پر عملي طور ادارن کي مضبوط ڪري اهڙن وقتن جي لاءِ پنهنجي قوت به سنڀالي رکي آهي جيڪا عوام جي حفاظت ڪري سگهي ۽ اسان ان جي ڀيٽ ۾ ڪٿي بيٺل آهيون، ان جو احساس ته ان ماڻهوءَ کي اڃان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، جنهن جو هنن برساتن ۽ هٿرادو ٻوڏن ۾ گهر بار لڙهي ويو ۽ هاڻ کين واپسي ۾ رڳو آسرا ئي ملن پيا ته اوهان جي سروي ڪريون پيا، يا فلاڻي کي هيترا هزار ملي ويا توکي به ملندا، پر سچ اهو آهي ته زندگي سڄي جي محنت سان جڏهن ڪا جهُڳي جوڙجي ٿي، اُها ڪنهن به امداد وسيلي ٻيهر نٿي جڙي سگهي، اهو ڀڳي هڏ جو سُور هاڻ ايندڙ سال ته ڇا پر ورهين تائين سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ زندهه رهندو ۽ ڪيترائي ماڻهو حقيقت ۾ دربدر ٿي ويندا، تنهن ڪري ضروري اهو آهي ته پورهيت مزاحمت تحريڪن کي هٿي وٺرائجي، پورهيت طبقي ۾ ساڃاهه شعور پيدا ڪجي، جيڪو هن وقت به تمام گهٽ نظر اچي ٿو، جيستائين عوام ۾ سجاڳي ناهي تيستائين اهڙين حالتن جو پيدا ٿيڻ فطري آهي، جنهن مان سنڌ جي عوام تڪڙي جند نه ڇڏائي ته ڌرتي جا وارث ڪجهه وقت کانپوءِ اڳ ۾ اقليت ۾ ايندا ۽ پوءِ ڳوليا ڪونه لڀندا پر اهو سڀ ڪجهه روڪي سگهجي ٿو. ان لاءِ ساڃاهه وندن جي ڊگهي فهرست کي دراصل مفادن کي پاسي تي رکي حقيقي طور لوڪ جي سجاڳي لاءِ پتوڙڻو پوندو، ٻي صورت ۾ سال 2022 جيان 2023 به گذري ويندو ۽ اهي سُور صدما هميشه جيان پيا وڌندا، جن جي کٽڻ جي ڪا ڪهاڻي نه هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button