ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سال 2022ع ۾ ٿيل رڪارڊ ٽوڙ مهانگائي

جيڪڏهن ڪا حڪومت عوام جي بنيادي ضرورتن کي پورو نه ڪري سگهي ۽ اها دعويٰ ڪري ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي ته سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته حڪومت عوام کي گمراهه ڪري رهي آهي. هن سال جنهن مهانگائيءَ کي عوام منهن ڏنو سا عوام کي خبر آهي، جيڪو اڄ به ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان لڳو پيو آهي. ان وٽ هاڻ اٽي خريد ڪرڻ جي به سگهه ناهي رهي، ڇاڪاڻ ته اٽي جهڙو عام اسم به عوام جي پهچ کان پري پيو ٿيندو وڃي. ڇا عوام نانگ آهي، جو مٽي کائيندو ۽ جيئڻ جا جتن ڪندو. هن سال مهانگائيءَ جا سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا. ڪو اهڙُو اسم ڪا اهڙي شيءِ ڪونه هئي، جيڪا مهانگي نه ٿي هجي ۽ عوام ان مهانگائيءَ تي دانهون نه ڪيون هجن. ڪالهه جيڪا رپورٽ مهانگائيءَ جي حوالي سان آئي آهي، سا ڇرڪائيندڙ آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب 2022ع ۾ مهانگائي عروج تي هئي ۽ نوان رڪارڊ قائم ڪندي رهي. هلندڙ سال اڍائي نمبر اٽي جي قيمت ۾ 46 رپيا في ڪلو ۽ فائن اٽي جي قيمت ۾ 41 رپيا في ڪلو واڌ ٿي، هول سيل تي اڍائي نمبر اٽي جو اگهه 67 رپيا في ڪلو مان وڌي 114 رپيا ٿي ويو. فائن اٽي جو اگهه 74 رپين مان وڌي 115 رپيا ٿي ويو هو. شهر ۾ پرچون سطح تي اڍائي نمبر جو اٽو 130 رپيا في ڪلو، فائن فلور 150 رپيا. جڏهن ته ننڍي چڪي جو اٽو 140 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. هول سيل تي ڪڻڪ جو اگهه 103 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي ۽ مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مشڪل ٿيندي پئي وڃي. ڪراچي هول سيل گروسر گروپ جي انگن اکرن موجب جنوري 2022ع کان ڊسمبر جي آخر تائين دال، چانور، ڪڻڪ جي اٽي جي قيمت ۾ هول سيل سطح تي نمايان اضافو ٿيو آهي. دال ماش پهرئين درجي جو اگهه 77 رپيا مهانگي ٿي 335 رپيا في ڪلو ۽ ٻئي درجي جو اگهه 325 رپيا في ڪلو ٿي وئي. ماش دال ڇلڪي واري جو اگهه 77 رپيا وڌي 315 رپيا ۽ ثابت ماش 305 رپيا في ڪلو جي سطح تي اچي ويو. دال مڱ پهرئين درجي جو اگهه 97 رپيا وڌي 255 رپيا في ڪلو، ٻئي درجي جو اگهه 92 رپيا وڌي 240 رپيا في ڪلو ٿي ويو. ڇلڪي واري مڱن جي دال جو اگهه 42 رپيا وڌي 215 رپيا ۽ ثابت مڱ 215 رپيا في ڪلو ٿي ويا آهن. پهرين درجي جي ڪابلي چڻي جي دال جو اگهه 410 رپيا في ڪلو، ٻئي درجي جي ڪابلي چڻي جي دال جو اگهه 107 رپيا وڌي 330 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. ننڍو چڻو 77 رپيا مهانگو ٿي في ڪلو 260 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو. ڪارو چڻو پهرئين درجي جو اگهه 42 رپيا واڌ سان 180 رپيا، ڪارو چڻو ٻئي درجي جو اگهه 44 رپيا وڌي 175 رپيا في ڪلو، جڏهن ته بيسڻ جو اگهه 37 رپيا وڌي 185 رپيا ٿي ويو آهي. هن سال باسمتي چانورن جي قيمت ۾ 70 کان 135 رپيا في ڪلو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
ان رپورٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪي اسم مٿي بيان ڪيا ويا آهن، اهي ڪي عياشي وارا اسم ڪونه آهن پر عام واهپي جا اسم آهن، جيڪي روزمره استعمال جا آهن. جيڪڏهن اهي به ايترا مهانگا ٿي وڃن ته پوءِ عوام جو جيئڻ ڪيترو ڏکيو ٿي سگهي ٿو، ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي. پر حڪومت جي ڪن تي جونءِ به ڪونه ٿي سري. هي سال ته گذري ويو ۽ عوام جيئن تي تيئن ڪري گذاري ورتو پر ڇا ايندڙ سال به عوام لاءِ ايترو ئي خراب هوندو. حڪومت وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪو رليف ڪونه هوندو. حڪومت کي گهرجي ته اها مهانگائيءَ جو عذاب عوام مٿان گهٽائي ته جيئن عوام گهٽ ۾ گهٽ روزمره جون شيون خريد ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button