اسلام آبادپاڪستان

نه عملو آهي نه انتظام،مڪاني چونڊون نٿا ڪرائي سگهون:حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جو جواب

وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ اڄ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لا هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. هن ٻڌايو ته اسلام آباد ها ڪورٽ جي ڏنل فيصلي جي تصديقي ڪاپي ملي وئي آهي، انٽرا ڪورٽ اپيل جي تياري ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته انٽرا ڪورٽ اپيل تي اڄ ئي ٻڌڻي جي درخواست ڪئي ويندي. ٻئي طرف وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب اڄ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جا امڪان گهٽجي ويا آهن. ان حوالي سان گهرو وزير راڻا ثنا الله چيو آهي ته اسلام آباد ۾ 31 ڊسمبر تي مڪاني چونڊون نه ٿينديون، عدالت جو فيصلو عمل جوڳو ناهي، اسان ها ڪورٽ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪنداسين. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ ووٽرن کي پنهنجي داخلا بابت ڪيترائي اعتراض آهن، جڏهن ته قانون مطابق تڪبنديون به ٿيڻيون آهن، تنهن ڪري مڪاني چونڊ ڪرائڻ ۾ 4 کان 5 مهينا لڳي ويندا. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ عدالتي فيصلي تي غور ويچار ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي نوٽيس تي چونڊون نٿا ڪرائي سگهون، چونڊ ڪرائڻ وارو عملو موڪلن سبب شهر کان ٻاهر ويل آهي، رات وچ ۾ لاڳاپيل سامان پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائڻ به ممڪن ناهي، تڪڙ ڪئي وئي ته اليڪشن جي شفافيت تي سوال اٿي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button