اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان کي للڪاريندڙن کي ڀرپور سگهه سان جواب ڏنو ويندو:قومي سلامتي ڪميٽي

قومي سلامتي ڪميٽي چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي قومي مفادن تي ڪا آنچ اچڻ نه ڏني ويندي، پاڪستان جي بقاءَ، سلامتي ۽ ترقي جي بنيادي مفادن جو انتهائي جرئت، بهادري، مستقل مزاجي ۽ ثابت قدمي سان تحفظ ڪيو ويندو، پوري قوم دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي خلاف هڪ بيانيي تي متحد آهي، پاڪستان کي للڪاريندڙن کي پوري قوت سان جواب ملندو. قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) جو اهم اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس وفاقي وزيرن، سروسز چيفس ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ملڪي معيشت ۽ امن امان جو تفصيلي جائزو ورتو. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ چئلينجز کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڏس ۾ حڪومت پاران اختيار ڪيل معاشي حڪمت عملي ۽ قدمن بابت شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني. انٽيليجنس ادارن ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني ۽ دهشتگردي جي تازي لهر جي سببن ۽ انهن جي خاتمي جي قدمن کان اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر افغانستان جي صورتحال تي اجلاس کي بريفنگ ڏني ۽ پاڪستان جي افغانستان جي عبوري حڪومت سان ٿيندڙ رابطن کان آگاهه ڪيو. اجلاس واضح راءِ جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي قومي مفادن تي ڪا آنچ اچڻ نه ڏني ويندي ۽ نه ئي ڪنهن کي به قومي سلامتي جي اهم تصور کي نقصان پهچائڻ جي اجازت ڏينداسين. پاڪستان جي بقاءَ، سلامتي ۽ ترقي جي بنيادي مفادن جو انتهائي جرئت ۽ بهادري، مستقل مزاجي ۽ ثابت قدمي سان تحفظ ڪيو ويندو. اجلاس دهشتگردي جي خلاف شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي گهرڀاتين سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي بلند درجن جي لاءِ گڏيل دعا ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پوري قوم دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي خلاف هڪ بيانيي تي متحد آهي، پاڪستان کي للڪاريندڙن کي پوري قوت سان جواب ملندو. نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي (اين ايس سي) جو اجلاس 2 جنوري 2023ع تي جاري رهندو جنهن ۾ سامهون ايندڙ تجويزن جي روشني ۾ وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف ڀرپور عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهنداسين، ملڪي سلامتي چئلينج ڪندڙن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. هن چيو ته قوم جون دعائون پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهن، پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ امن بحال ڪرايو ويندو. ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ اهم فيصلن بابت پڌرائي جاري ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button