بي عمل ۽ سست قومن جي لاءِ ڪھڙو نئون سال ۽ ڪھڙو پراڻو سال؟ پر جيڪي قومون تمام گھڻيون چست ۽ باعمل آھن. جيڪي قومون ھڪ ھڪ گھڙي غور ۽ ويچار سان گذارينديون آھن. انھن جي لاءِ نئون سال ڪنھن وڏي موقعي کان گھٽ نھ ھوندو آھي. ڇو تھ نئين سال جي موقعي تي ھو نھ صرف نئين سال جي ڀرپور آجيان ڪندا آھن پر پراڻي سال جي باري ۾ تمام گھڻي احتياط ۽ ڀرپور قسم جي خيال سان سوچيندا ۽ جاچيندا آھن. ھو ھر طرح سان ڏسندا آھن تھ انھن پويون سال ڪيئن گذاريو؟ انھن ڪھڙيون غلطيون ڪيون؟ انھن ڪھڙا سٺا ڪم ڪيا ۽ اھي اڌورا ڇڏيا؟ انھن ڪھڙا ڪتاب پڙھيا؟ ڪھڙا شھر ۽ ملڪ گھميا؟ ڪھڙن ماڻھن سان ملاقات ڪئي؟ ان سموري صورتحال جو ڀرپور جائزو وٺڻ کان پوءِ ھو نئين سال جي لاءِ ڪا نئين پلاننگ ڪندا آھن. انھن جي پلاننگ ۾ شامل ھوندو آھي تھ ھن سال انھن کي ڇا ڇا ڪرڻو آھي؟ ساڳي طرح سان ڇا ڇا ڏسڻو آھي؟ ڪٿي ڪٿي وڃڻو آھي؟ ڇا گھمڻو آھي؟ ڪھڙا ڪتاب پڙھڻا آھن؟ ڪھڙن ماڻھن سان ملاقاتون ڪرڻيون آھن؟ اھي سوال انھن جا ڪيترائي ٻيا اھم سوال ھو پنھنجي ذھن ۾ اٿاري، انھن جا جواب لکي، ھڪ قسم جو فيصلو ڪندا آھن تھ انھن کي ڪھڙي طرح سان ايندڙ سال پنھنجي فائدي ۾ گذارڻو آھي. ان قسم جي سوچ ۽ ان قسم جو لاڙو رکندڙ ماڻھن کي اھو حق حاصل آھي تھ ھو نئين سال کي نھ رڳو ملھائين پر ڀرپور انداز سان ملھائين؟
اھي قومون جن جي ھر رات نئين سال جي نئين رات ھوندي آھي. جيڪي سدائين سوچن ۾ رھندا آھن. جن وٽ عمل جو ڪو تصور بھ نھ ھوندو آھي. جن جي جيون ۾ ڪا پلاننگ نھ ھوندي آھي. ھو ڪجھھ بھ سوچي، سمجھي نھ ڪندا آھن. ھو صرف ۽ صرف پنھنجن عادتن جا اسير ھوندا آھن. انھن کي اھو خيال بھ نھ ھوندو آھي تھ ماڻھو تڪليف برداشت ڪري خوشيون ڪيئن حاصل ڪندو آھي؟ انھن کي پورھئي جي تصور سان ڪو تعلق نھ وڻندو آھي. ھو بنيادي طور تي بنھھ ڪاھل ھوندا آھن. انھن ماڻھن کي اصولي ۽ اخلاقي طور تي ڪو حق نھ ٿو پھچي تھ ھو نئين سال جي لاءِ ڪا محفل مچائين؟ ڪا اھڙي پارٽي منعقد ڪن، جنھن پارٽيءَ ۾ انھن کي واقعي بھ سڪون وارو مزو اچي. جنھن پارٽيءَ ۾ ھو سڀ کان وڌيڪ سولا ھجن. جنھن پارٽيءَ ۾ ھو سوچي سگھن تھ پويون سال يعني گذريل سال ڪيئن گذريو ۽ نئون سال ڪئين گذارڻ گھرجي؟ جنھن پارٽيءَ يا جنھن تقريب ۾ ان قسم جا سوال ۽ ان قسم جا جواب پيدا نھ ٿا ٿين، اھا پارٽي اسان ماڻھن کي ڪنھن بھ طور تي ملھائڻ جو ڪو حق ناھي.
سنڌ کي جھڙي طرح سان مون سمجھيو آھي يا مان اھو چوان تھ وڌيڪ بھتر ٿيندو تھ سنڌ کي جھڙي طرح ھڪ ذھين شخص ۽ منھنجي استاد جھڙي دوست نور احمد کوجي مون کي سمجھايو ھو، اھي نقطا ھن مھل بھ منھنجي ذھن ۾ موتين کان جرڪي رھيا آھن. نوراحمد سنڌ ۽ سنڌي قوم سان تمام گھڻي محبت بھ ڪندو ھو. ھن جي محبت مٿان ڪنھن کي بھ شڪ جو حق حاصل ڪونھي. پر ھو سنڌي قوم جي مٿان تنقيد بھ ڪندو ھو ۽ ھن جي ان تنقيد جو سبب بھ ھن جي محبت ھئي. ھو سنڌي قوم جو خيرخواھه ھو. ھو سنڌي قوم سان پيار ڪندو ھو. ھو چاھيندو ھو تھ سنڌي قوم تمام گھڻي ترقي ڪري. ھو سنڌي قوم ۾ اھي گڻ ڏسڻ چاھيندو ھو، جيڪي گڻ ۽ جيڪ وصفون جن قومن ۾ ھونديون آھن، اھي قومون ترقيءَ جي آسمانن تي اڏامنديون آھن. پر جڏھن نور احمد ڏسندو ھو تھ سنڌي ماڻھو سوچ ۽ عمل جي حساب سان تمام گھڻو پوئتي پيل آھن ۽ نھ صرف پوئتي پيل آھن پر ھو اڳتي بھ اچڻ نھ ٿا چاھين تھ ھن کي تمام گھڻي تڪليف محسوس ٿيندي ھئي ۽ ان تڪليف ۾ ھو جيڪا تنقيد ڪندو ھو، ان تنقيد جو ھن کي اخلاقي ۽ اصولي حق حاصل ھو. ڇو تھ ھر عمل جي پويان موجود نيت جو عمل دخل تمام گھڻو ھوندو آھي. اھو ئي سبب آھي تھ دنيا ۾ اھا حقيقت تسليم ڪئي ويندي آھي تھ ڪوئي بھ عمل سدائين نيت جي حوالي سان ڏسڻ گھرجي.
نور احمد جي باري ۾ ڪوئي ڪجھھ بھ چوي پر اھا حقيقت ھن جو ھرڪوئي واقفڪار تسليم ڪندو تھ ھو ڪنھن بھ صورت ۾ بدنيت ماڻھو نھ ھو. ھو نيڪ نيت انسان ھو. ھن جي دل ۾ عام ماڻھن جي لاءِ بھ تمام گھڻي بھتر سوچ ھوندي ھئي. ھو انھن جو ڀلو چاھيندو ھو. جڏھن تھ دوستن جي مٿان تھ ھو جان نڇاور ڪرڻ وارو ماڻھو ھوندو ھو. ھو جھڙي تھڙي حال ۾ دوستن جي مٿان پاڻ لٽائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو ھو. ھن سان جڏھن ڪو دوست واعدو ڪندو ھو تھ ھو ھن سان ملڻ جي لاءِ ايندو تھ ھو ان وقت کان وٺي ھن جو انتظار ڪرڻ لڳندو ھو. ھن کي شديد انتظار ھوندو ھو تھ دوست اچي ۽ ھڪ بھترين قسم جي ڪچھري ٿئي ۽ ان ڪچھريءَ ۾ ڇا ڇا ھجي يا ڇا ڇا ڳالھائجي؟ ھو ھڪ ھو ڳالھھ بلڪھ ھڪ ھڪ لفظ سوچي رکندو ھو. ان حوالي سان مان سمجھان ٿو تھ سنڌ ۾ جيڪڏھن ڪنھن شخص کي نئين سال جي تقريب ملھائڻ جي حق سان قبول ڪيو وڃي تھ اھو شخص نور احمد کوجو ھو. پر افسوس جي ڳالھھ اھا آھي تھ سنڌ جي سماج ۽ ھن جي مزاج ھن کي محدود ڪري ڇڏيو ھو. ھو مجبور ٿي پيو ھو تھ ماڻھن سان لھھ وچڙ ۾ نھ اچي. جڏھن تھ ھن وٽ وڏي تمنا ھوندي ھئي تھ ھو ماڻھن سان ملي.
مرزا غالب ڇا تھ شعر لکيو آھي:
”ھي ڪھان تمنا ڪا دوسرا قدم يا رب“
اسان تمنائن جي طوفانن ۾ اڏامندڙ ڪک پن آھيون. اسان جي دل ۾ جيئڻ جو ڪو وڏو جواز بھ ناھي. اسان جيئن تيئن ڪري ھٿ پير ھڻي مڙوئي جيئڻ جو ڪو نھ ڪو وسيلو جوڙيون ٿا ۽ پوءِ ان وسيلي جي حوالي سان مني زندگي لوڙيون ٿا. جڏھن اسان ان ڪم جي قابل بھ ٿا رھون تھ اسان وٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪو ڪم نھ ھوندو آھي ۽ اسان کي سمجھڻ گھرجي تھ جنھن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪم نھ ھجي، ان وٽ جيئڻ لاءِ زندگي نھ ھوندي آھي.
سنڌي قوم وٽ سور آھن. تمام گھڻا سور آھن. اڃان تھ سنڌي قوم ھٿرادو ٻوڏ مان بھ پوري طرح سان اٿي نھ سگھي آھي. اڃان تائين سنڌ ۾ پاڻي بيٺل آھي ۽ ماڻھو بکن ۾ پاھھ ٿي رھيا آھن. سنڌي قوم کي ان حال ۾ بھ جڏھن مان ميلا ملھائيندي ڏسان ٿو. سنڌي قوم کي ھن حال ۾ بھ مان جڏھن ناچ ڪندي ڏسان ٿو. تڏھن مون کي حيرت ٿئي ٿي. ان وقت منھنجي ذھن ۾ سوال پيدا ٿين ٿا تھ ھي جيڪي اياز جھڙن عظيم اديبن ۽ شاعرن جي نالي ۾ پنھنجا نالا چمڪائن ٿا ۽ پنھنجا وسيلا وڌائن ٿا. انھن کي اھو خيال ڇو نھ ٿو اچي تھ سنڌي قوم جي لاءِ پويون سال ڪئين گذريو ۽ ايندڙ سال انھن جي لاءِ ڪئين ھوندو؟
سنڌ جو ساڃاھه وند طبقو ان سلسلي ۾ ڪجھھ بھ سوچڻ جي لاءِ تيار ناھي. اھو ئي سبب آھي تھ ان اڻھوند واري ماحول ۾ مون کي پنھنجي ادبي استاد جي سار تمام گھڻي ايندي آھي. مان سوچيندو آھيان تھ نور احمد ڪيترو نھ مختلف ھو. ھو حيدرآباد ۾ رھندي بھ حيدرآباد جي اديبن جھڙو نھ ھو. ھو خواجھ ھوندي بھ انھن خوجن مان نھ ھو، جيڪي بقول ھن جي زال سان ڀاڪرن ۽ چمين جو بھ حساب رکندا آھن. ھو تھ تمام گھڻو نيارو ۽ انتھائي پيارو ماڻھو ھو.
نوراحمد نئين مستقبل جي باري ۾ نوان خيال پيش ڪندو ھو. ھن جو خيال ھو تھ ھو ڪنھن بھ طرح سان سنڌ جي سماج ۾ ذھني طور تي اھو پوکي، جيڪو فصل جي صورت تيار ٿئي تھ ماڻھن جو موجون ٿي وڃن. ھن وٽ نوان تصور ھوندا ھئا. پر نور احمد کي نگاھھ ۾ رکي مان جڏھن سنڌي قوم جي اديبن ۽ شاعرن جو حال ڏسان ٿو، تڏھن مون کي تڪليف ٿئي ٿي ۽ مون کي اھو خيال اچي ٿو تھ ڇا ان مخلوق کي نئين سال جو پيگ پيئڻ جو حق حاصل آھي؟ ڇا انھن انسانن کي جام ڀرڻ جو حق ملڻ گھرجي؟
ھيءَ دنيا انتشار جي حد تائين آزاد آھي. ھن دنيا ۾ ڪير بھ ڪنھن کي نھ ٿو روڪي. پر جيڪڏھن ڪا روڪ ٽوڪ ھجي ۽ جيڪڏھن ڪي اصول ۽ قانون ھجن تھ انھن ماڻھن کي نئين سال ملھائڻ جو حق نھ ملڻ گھرجي، جن جي تصور ۾ نئين لفظ جي ڪا گنجائش ئي ناھي. انھن کي معلوم ئي ناھي تھ ”نئون سال“ ڪھڙي جانور جو نالو آھي؟