ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئون سال پر سياست پراڻي

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

ڪمال جي منافقي ڏسون پيا سمورين سياسي پارٽين جي مکيه اڳواڻن جي ڦرندڙ گھرندڙ پاليسين ۽ ڪروڙين ماڻهن کي بيوقوف ٺاهڻ وارين چالبازين ۾ جن جي 2008 ۾ ٿيل عام چونڊن کان پوءِ ھڪدم شروعات سڄي ملڪ ۾ ٿي ويئي ۽ ان جا ڀوائتا نتيجا ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۽ سنڌين وڌيڪ ڀوڳيا آهن. جنرل پرويز مشرف جي صدارت ۾ ڪرايل انھي اليڪشن تي به ڌانڌليءَ جو الزام نه لڳو جيئن 1970 ۾ تڏهوڪي فوجي ڊڪٽيٽر جنرل يحيٰ خان جي ڪرايل چونڊن کي بي داغ ۽ شفاف ٺھرايو ويو ھو. سال 2008 ڌاري ٿيل انھيءَ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سڀني کان گھڻيون سيٽون حاصل ٿيون ھيون جنهن جو بنيادي ڪارڻ محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ اندر پيدا ٿيل انساني ھمدردي واري سياسي لھر ھئي. ڪنھن به پارٽيءَ چونڊن جي نتيجن تي آڱر نه کنئي جيئن 1970 واري اليڪشن ۾ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ کي حاصل ٿيل سوڀ تي ڪوبه اعتراض نه ٿيو ھو. تاريخ لکندڙ عالمي تاريخ نويسن به انھن چونڊن کي ئي سڀ کان صاف شفاف اليڪشن قرار ڏنو ھو ۽ اڄ ڏينهن تائين اھا حقيقت مڃين ٿا.
اڄڪلھه جي منافقت واري دور ۾ جيڪي سياسي قلابازيون ڏسون پيا انھن جو محور شدت پسند لساني تنظيم ايم ڪيو ايم آھي جيڪا ھاڻي سنڌ جي گورنر ھائوس جون رونقون وڌائي رھي آھي. ظاهر آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائي بنا نه ھي تڪراري شخص ڪامران ٽيسوري گورنر مقرر ٿيو ھوندو ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم جي ليڊرن جون گڏجاڻيون سڏائي سگهجن ٿيون. اھو ساڳيو ئي گورنر ھائوس 2008 وارين عام چونڊن کان پوءِ چونڊيل صدر آصف علي زرداريءَ الطاف حسين سان سياسي اتحاد ڪيو، جنهن جي اشاري تي سالن جا سال تڏهوڪي گورنر عشرت العباد جي آشيرواد سان دھشتگردن جي پناھه گاھه بڻيل ھو. پڙھندڙن کي ياد ڏياري ڇڏيان ته انھيءَ لساني تنظيم جي ھٿياربند جٿن کي چٿڻ لاءِ 2014 ۾ تڏھوڪي فوجي سربراهه جنرل راحيل شريف ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي ھيڊ ڪوارٽر نائين زيرو تي آپريشن ڪرائي گھڻن ئي قاتلن ۽ دھشتگردن کي گرفتار ڪيو ۽ سندن راڪيٽ لانچر ۽ ٻيا موتمار ھٿيار به ضبط ڪيا ھئا.
ان زماني ۾ عمران خان ۽ سندس ٺاهيل سياسي پارٽي تحريڪ انصاف اڃا بانبڙا پائيندڙ ھئي ۽ اسٽيبلشمينٽ سندس ڇپر ڇانوَ بڻجڻ جو فيصلو نه ڪيو ھو. منهنجا گذريل ٽن چئن سالن ۾ لکيل آرٽيڪل شاهد آهن ته 2018 واري اليڪشن کان اڳ پراڻين سياسي پارٽين خاص ڪري پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جي ڀيٽ ۾ تحريڪ انصاف کي بھتر آپشن سمجهي عمران خان جي حق ۾ لکندو رهيس. پر اقتدار ۾ اچڻ شرط ھن جنهن بدترين حڪمرانيءَ جو کيل رچايو ته سمجهي ورتم ھي شخص به پ پ ۽ مسلم ليگ جي اڳواڻن جيان ڪرپشن ۾ ڪاھي پيو آهي. عوام جي ڀلائيءَ لاءِ عمران خان سان جيڪي اميدون لڳايون ھيون سي ڀور ڀور ٿي ويون. سندس حڪمرانيءَ ۾ ھر وقت ھرھڪ قومي مسئلي تي کيس رڳو يوٽرن کائيندي ڏٺم ته باقي اڍائي سال پنهنجي ھر لکڻيءَ ۾ يوٽرن خان تي سخت تنقيد ڪندو رهيس. اھي اڳڪٿيون به ڪيم ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجي لاڏلي کي ھٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. تحريڪ انصاف جي سرڪار ۾ مھانگائي جي راڪاس ماڻھن جو ساھه سڪائي ڇڏيو هو. اتفاق اهڙو ٿيو جو چائنا مان ان زماني ۾ پھريون ڀيرو ڪورونا وائرس جو موذي مرض دنيا جي گھڻن ملڪن جيان پاڪستان ۾ به ماڻهن کي مارڻ شروع ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي چئني صوبن ۾ لاڪ ڊائون ٿيڻ لڳو. اسٽيبلشمينٽ خراب حالتون ڏسندي عمران خان کي ھٽائڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو. اھو ئي زمانو هو جڏهن عمران خان بار بار بيان ڏيندو هو ته سندس حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ھڪ پيج تي آھن. اسان جي وچ ۾ اختلافن جون خبرون مخالف ڌر جون افواهه ساز فيڪٽريون ٺاھين پيون. پر هاڻي اقتدار مان ٿڏجڻ کان پوءِ ھو سمورن غلط ڪمن لاءِ اڳوڻي فوجي سربراه جنرل باجوه ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ٺھرائي رهيو آهي.
پڙھندڙن کي ياد ڪرائي ڇڏيان ته مون ڪيترائي دفعا اھو به لکيو ته عمران خان ڪرڪيٽ جي ميدان جو وڏو کلاڙي آهي پر سياسي ميدان ۾ بنھه اناڙي ثابت ٿيو آهي. عوامي ڀلائيءَ جون رڳون ٺلهيون ڳالهيون ڪري ڄاڻي ٿو.
رٽائرڊ جنرل باجوہ عمران خان جي لڳاتار ناڪامين جو ذڪر ڪندي مٿس في الحال ھلڪي لاٺي چارج ڪئي آهي ۽ گڏوگڏ کيس چتاءُ به ڏنو اٿس ته جيڪڏهن الزام ھڻڻ بند نه ڪندين ته اھڙيون ڳجھيون سچائيون کولي ٻڌائيندس جو ڪنھن کي منهن ڏيکارڻ لائق نه رهندين! سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پاڪستان ۾ دفاع، پرڏيهي پاليسي ۽ ٻيا اھم ڪم ڪڏهن به ڪنهن سياسي حڪمران حوالي ڪيا ويا آهن؟ جواب آهي ته ھرگز نه! انھيءَ ڪري جو جنرل ايوب خان جي مڙھيل 1958 واري مارشل لا کان وٺي اڄ ڏينهن تائين پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ بدران سيڪيورٽي اسٽيٽ ٺاھيو ويو آهي. شيخ مجيب الرحمان جي اڪثريت کي جنرل يحيٰ خان جي اسٽيبلشمينٽ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پاڪستان ٽٽي ٻه ٽڪرا ٿي ويو. ويندي ويندي جنرل باجوه پاڪستان کي ٽوڙڻ جو جوابدار ان دور جي سياسي اڳواڻن کي قرار ڏيئي ڇڏيو جيڪو حقيقت جي ابتڙ آهي. ساڳي ريت جنرل ضياءُ الحق غير جماعتي چونڊن کان پوءِ پنهنجي استخارہ (چلو ڪاٽڻ) ذريعي محمد خان جوڻيجو صاحب جھڙي بنهھ اشراف ۽ اصول پرست سياسي اڳواڻ کي سندس پنج سال پورا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ھٽائي، مٿس ڪوڙا بھتان به ھڻي ڇڏيائين. محترمه بينظير ڀٽو جي ڊسمبر 1988 ۾ قائم ٿيل پهرين حڪومت کي اڃا پوڻا ٻه سال مس ٿيا هئا ته جنرل اسلم بيگ جي سازش تي عمل ڪندي صدر غلام اسحاق خان گھر ڀيڙو ڪري ڇڏيو. صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار جنرل ضياءَ پاڻ ڏنو جنهن لاءِ آئين ۾ ترميم ڪري ۽ ان ۾ آرٽيڪل 58 ٽو بي زوريءَ شامل ڪرائي ڇڏيو ھئائين. انھيءَ قانون کي نه رڳو جنرل ضياءَ پر صدر غلام اسحاق خان کان پوءِ صدر فاروق لغاريءَ به ڪتب آندو بينظير ڀٽو توڙي نوازشريف جي حڪومتن کي انھيءَ قانون ذريعي بار بار ڊاٺو ويو. جيتوڻيڪ 2009 ڌاري صدر آصف زرداري آئين ۾ ترميم ڪرائي اھو قانون ختم ڪري ڇڏيو پر عمران خان جي حڪومت ھٽائڻ مھل آرٽيڪل 58 ٽو بي ته ختم ٿي چڪو هو پوءِ ان کي ڪيئن ۽ ڪنھن برطرف ڪرايو، ان بابت ملڪ جي ٻچي ٻچي کي ڄاڻ آهي.
مون مٿي سنڌ جي گورنر ھائوس ۾ ٿيندڙ سياسي سرگرمين بابت جيڪا حقيقت لکي آهي اھو عمل ٽڪرا ٿي ويل متحده قومي موومينٽ کي ٻيهر جوڙڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. انھيءَ مقصد خاطر ئي پيپلزپارٽي جي سرواڻ آصف زرداريءَ کان ڪامران ٽيسوري کي گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ورتي ويئي. ڪي باخبر ڌريون ته اھا ڳالھه چون ٿيون ته نئون گورنر زرداري صاحب جي فرمائش تي ئي مقرر ڪرايو ويو. سندس نالو ايم ڪيو ايم کي به مڃايو ويو ھو ڇاڪاڻ ته انھيءَ تنظيم گورنر جي عهدي واسطي پنهنجن ٻن سينئر ساٿين جا نالا وزير اعظم شھباز شريف کي لکت ۾ ڏنا ھئا. اصل ۾ ھي تنظيم ھاڻي مھاجرن جو اعتماد وڃائي ويٺي آهي ۽ ايم ڪيو ايم جو باني جلاوطن اڳواڻ الطاف حسين به پاڻ تي داخل ٿيل ڪيسن مان آزاد ٿي واپس وطن اچڻ گهري ٿو. اھا ئي تنظيم ھر ڀيري حڪومت ٺاهڻ ۽ ڊاھڻ ۾ ھرھڪ اسٽيبلشمينٽ جي ڪم ايندي آهي. ڪمال جي ڳالهه آهي ته 1990 ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت ڊاھڻ کان وٺي 2022 ۾ عمران خان کي گھر اماڻڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جا ئي ووٽ ٽوڙيا ويا. ھي سلسلو مستقبل ۾ گھڻو ڪري جاري رھندو جنهن جي گهرج جو اندازو گورنر جي ڏينهن رات ڪوششن مان لڳائي سگھجي ٿو.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آئي جي پارلياماني اڳواڻ خرم شير زمان انھن سرگرمين تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي حيثيت ھاڻي ڪراچي شهر جي گھٽي گھٽيءَ ۾ پکڙيل گند ڪچرو ٿي ويئي آهي. ڪراچيءَ ۾ رهندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ باشعور ماڻهو ھاڻي آزمايل سياسي پارٽين ۽ لساني تنظيم بدران سڀ کان وڏي قومي جماعت تحريڪ انصاف کي موقعو ڏيڻ گهرن ٿا. منهنجي ذاتي راءِ ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، آئون اھا ڳالھه چٽي نموني لکي ٿو ڇڏيان ته ڪراچيءَ جي اردو اسپيڪنگ دانشورن سان جڏھن به ملاقات ٿيندي آهي ته اھي چوندا آهن ته الطاف حسين جي خونخوار پاليسين ۽ دھشتگردي جي ڪري مھاجرن جا ٽي نسل تعليم کان وانجھيل آهن ان ڪري پنهنجي گڏجاڻين ۾ اسان سندن نئين ٽهيءَ کي اھو باور ڪرائيندا آهيون ته جيسين اوھان قومي سطح جي Mainstream سياسي پارٽيءَ سان پاڻ کي نه سلھاڙيندا ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ ڌڻين خلاف ايم ڪيو ايم جي پکيڙيل نفرتن جو سلو نه ساڙيندا تيسين اوھان کي امن امان نصيب نه ٿيندو ۽ نه ئي اوهان جي ٻچڙن جو مستقبل آسودو ٿي سگهندو. آئون ڪيترن سالن کان ھر ھفتي ڏھين ڏينهن ڪراچيءَ ويندو آهيان جتي سنڌ ھائي ڪورٽ ۾ اردو ڳالهائيندڙ وڪيلن سان ۽ سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن سان ملندو آهيان. سنڌ تي 15 سالن کان راڄ ڪندڙ پيپلزپارٽيءَ کان ھو ڪاوڙيل آهن ۽ پ پ سان ٺاھه ڪرڻ وارن ايم ڪيو ايم جي ليڊرن مان به جند ڇڏائڻ گھرن ٿا. ڇو؟ ان ڪري ته ھنن ٻنهي جماعتن ڪراچيءَ کي سڌارڻ بجاءِ گدلو ڪري ڇڏيو آھي. نوڪرين ۾ رڳو پنهنجن کي نوازيندا رهندا آهن جنهن ڪري ميرٽ جي لتاڙ حقدارن جو حق کسي کين باغي بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن مان انھن کي دليل ڏيندو آهيان ته منهنجي شھر حيدرآباد توڙي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ساڳيو ظلم زورآوري آهي ته ھو چوندا آهن اھا ڄاڻ اسان کي به آهي ته سنڌ جا حاڪم رڳو ڪرپشن ڪري رهيا آهن. اوھان جا ھزارين ڳوٺ ۽ ننڍا شھر اڃا به ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ بيوس ۽ بي سھارا ٿي، مڇرن ۽ نانگن جو کاڄ بڻجي رهيا آهن پر حڪمران طبقي کي غريب سنڌين جو ڪوبه احساس ڪونهي. ھنن کي اھا به ڳڻتي آهي ته جنرل ضياءُ الحق جي زماني کان وٺي لکين افغاني پناهگير ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪاروبار ڄمائي ويٺا آهن ۽ سندن مٽ مائٽ روزگار جي ڳولھا ۾ روزانو ھتي اچن ٿا جن کي ڪابه جھل پل نه آهي. آئون کين ورنديءَ ۾ ٻڌائيندو آهيان حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، ٺٽو ، گھارو، ڪوٽڙي ۽ ٻين شهرن ۾ به ساڳي حالت آهي. جيڪي دولتمند افغاني پنھنجي ملڪ مان پرڏيهي ناڻو چورائي ھتي پھتا آهن تن سھراب ڳوٺ کان وٺي داداڀائي سيمينٽ فيڪٽري نوري آباد تائين وڏيون شاھي ھوٽلون، گاڏين ۽ بلڊوزرن جا شوروم ۽ سپر ھاءِ وي تي ڏينھن رات اڏجندڙ ھائوسنگ سوسائٽين ۾ بنگلا خريد ڪري ورتا آهن. مقامي سنڌين کي روزگار ڏيڻ بدران پنهنجن ئي افغان پورھيتن کي لڳائين ٿا. اھڙي ريت سنڌ جي ڊيموگرافي ڏاڍي تيزيءَ سان ماٺ ميٺ ۾ ڌارين جي حق ۾ ٿيندي رهي ٿي. سنڌ جا حڪمران زمينون وڪڻي ڪروڙين رپيا روزانو ميڙين پيا. لڳي ٿو ته کين سنڌين کي اقليت بنائڻ جو ڪم سونپيو ويو آهي. ھو پنھنجي ذاتي ۽ گروھي مفادن کان اڳتي سوچيندا ئي نه آهن. ڌن دولت جي پوڄاري نيو بورجوا طبقي جي پوڍاون سنڌين کي ناڻو ڪمائڻ ۽ پرڏيهي بئنڪن ۾ گڏ ڪرڻ جو ڇتو مرض آهي. نيٺ ڇا ڪجي؟
جڏهن ھڪ خوفناڪ پلاننگ سان پ پ سرڪار جي چڱن مڙسن سنڌ جي مائرن ۽ ڀينرن کي سال 2008 کان وٺي بينظير ڪارڊ ذريعي پنڻ تي ھيرايو ته مون ان دور ۾ ئي هڪ سنڌي اخبار ۾ لکيو ھو ته،
“اڻ ھيرين کي نه ھيريو، متان ھري نه وڃن “
اڄ نتيجو ڏسون پيا ته ھزارين ڳوٺن مان چئن مهينن ۾ به پاڻي ڪونه ڪڍي سگهيا آهن ۽ ماڻھن کي ڊٺل گھر ٺاھي ڏيڻ جا واعدا به بينظير ھائوسنگ اسڪيم وانگر اختيار ڌڻين رولڙي ۾ وجهي ڇڏيا آهن. ھنن پنهنجي ٻنين ۾ سرڪاري مشينري ۽ تيل استعمال ڪري پنهنجا فصل ۽ ڳوٺ بچائي ورتا آهن. مون کي لڳي ٿو ته سنڌ واسين لاءِ گذريل سال جي مصيبتن جيان هي نئون سال به سڻائو ثابت نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته سال نئون آھي پر سياست ساڳي پراڻي ۽ انسان دشمن!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button