ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اٽي جا وڌندڙ اگهه ۽ عوامي ردعمل

Editorial

کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ ادارا قائم آهن، پر تنهن هوندي به عوام کي نه سستو اٽو ملي ٿو ۽ نه ئي کاڌي پيتي جا ٻيا اسم سستي اگهه تي ملي رهيا آهن. نتيجي ۾ عوام سستي اٽي لاءِ روڊن تي دربدر ٿي رهيو آهي، اهو احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ رڙي دانهون ڪري رهيو آهي ته اٽو سستو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اٽو ئي هڪ اهڙو اسم آهي، جيڪو هر ماڻهو کائي پنهنجو پيٽ ڀريندو آهي. پر جيڪڏهن اهو اسم ايترو مهانگو ٿي وڃي جو ماڻهو وٺڻ کان لاچار ٿي وڃن ته حڪمرانن کي اهي دعوائون نه ڪرڻ گهرجن ته اهي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اقتدار ۾ آيا آهن. جڏهن ته دنيا ۾ کاڌي پيتي جي شين کي ان ڪري سستو ڪيو ويندو آهي ته جيئن عوام جي رسائي انهن شين تائين سولي هجي. انهن کي ڪا تڪليف نه پهچي پر پاڪستان ۾ صورتحال بنهه خراب نظر اچي رهي آهي. ڪڻڪ ۾ پاڻڀرو رهندڙ ملڪ ۽ زرعي ملڪ طور سڃاڻپ رکندڙ پاڪستان ۾ اڄڪلهه اٽي جو بحران لڳو پيو آهي. ڪالهه به جيڪي خبرون رپورٽ ٿيون آهن. انهن موجب ڪٿي عوام احتجاج ڪيو آهي ته ڪٿي وري مهانگو اٽو وٺي پنهنجي پيٽ جي باهه وسائي آهي.

خبر موجب لطيف آباد نمبر 12 جي رهواسي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن اٽي جي قيمتن ۾ اضافي خلاف چنگي ناڪه ويجهو آٽوڀان روڊ تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته حيدرآباد ۾ دڪانن تي ڪڻڪ جو في ڪلو اٽو 140 روپين کان 150 روپين تائين وڪرو ڪيو پيو وڃي، حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا طرفان اٽي جي وڌندڙ قيمتن تي ضابطو نه آڻڻ سبب پورهيت طبقو ٻن ويلن جي مانيءَ لا پريشان آهي. هنن چيو ته چڪي ۽ فلور ملز مالڪن طرفان ڪڻڪ جو هٿرادو بحران ڏيکاري قيمتون وڌائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لا حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا جي ڪابه رٽ نظر نٿي اچي. هنن مطالبو ڪيو ته اٽي جي وڌندڙ قيمتن تي ضابطو آڻي فوري طور قيمتن کي گهٽائي عوام کي رليف مهيا ڪيو وڃي. هوڏانهن مسلسل ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو جاري رهڻ سبب پوڻا 7 نمبر پل کان وٺي محمدي چوڪ تائين آٽُوڀان جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ ٽريفڪ پڻ شديد ڄام ٿي ويو، اهڙي صورتحال کانپو ٽريفڪ اهلڪارن پهچي ٽريفڪ کي معمول موجب روان ڪيو. ٽنڊو محمد خان ۾ اٽو نه ملڻ ۽ مهانگائي خلاف محنت ڪش عوام پاران اسٽيشن چوڪ کان درجنين عورتن ۽ مردن احتجاجي ريلي ڪڊي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. دادو ۾ شهري روڊن تي نڪري آيا، جڏهن ته ٿاڻو بولا خان ۾ اٽو غريب جي پهچ کان پري ٿي ويو، اٽو 140 کان 150 رپيا ڪلو وڪامجڻ لڳو.
مٿي ڄاڻايل صورتحال رڳو سنڌ جي ڪجهه شهرن ڪونهي پر سڄي سنڌ ۾ ساڳي صورتحال آهي. اٽو نه ملڻ ڪري ماڻهو پريشان لڳا پيا آهن. حڪومت جيڪڏهن اٽي جي بحران کي حل نٿي ڪري سگهي ته اها عوام جي ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ جي صلاحيت نٿي رکي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اٽي جي وڌندڙ قيمتن کي گهٽايو وڃي. ڪيئن به ڪري عوام کي سستو اٽو فراهم ڪري ڏنو وڃي ته جيئن عوام پنهنجي ٻارن کي ٻه ويلا ماني کارائي سگهي.

ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ جا واقعا
گذريل ڪجهه عرصي کان ڪراچيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري ڦرن ۽ دهستگرديءَ جي واقعن ۾ واڌ اچي وئي آهي، جنهن ڪري عوام خوف ۾ ورتل نظر اچي پيو. ڪراچي جهڙي شهر ۾ امن امان بحال رکڻ جو مطلب اهو آهي ته اتي وڏي آباديءَ کي اهو احساس ڏيارجي ته اها ڦوروئن ۽ دهشتگردن کان محفوظ آهي. پر جيڪڏهن صورتحال اهڙي ئي رهي ٿي جهڙي هن وقت آهي ته پوءِ ڪراچي واسين لاءِ امن ڄڻ هڪ خواب ئي بڻجي رهجي ويندو.
ڪراچيءَ ۾ ڦر دوران مزاحت ڪرڻ تي هٿياربندن هٿان هڪ ٻيو نوجوان شاگرد مارجي ويو. جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات نارٿ ڪراچي سيڪٽر 8 جي گهر نمبر آر 179 سر سيد ٿاڻي جي ويجهو نامعلوم هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي عباسي ۽ بعد ۾ اسٽيڊيم روڊ تي واقع نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي نوجوان علاج دوران فوت ٿي ويو. مقتول نوجوان جي سڃاڻپ 30 ورهين جي جهانگير سهيل جي نالي سان ٿي آهي، مارجي ويل نوجوان گهر نمبر آر 179 سيڪٽر 8 نارٿ ڪراچيءَ جو رهواسي هو ۽ اقراءَ يونيورسٽي ۾ بي بي اي ڇهين سيمسٽر جو شاگرد هو ۽ شادين جي تقريبن ۾فوٽوگرافي پڻ ڪندو هو. ان حوالي سان ايس ايڇ او شاهد تاج جو چوڻ هو ته مقتول نوجوان هڪ تقريب مان تصويرون ڪڍي گهر واپس وڃي رهيو هو، جڏهن هو گهر جي چوڪ تي پهتو ته هٿياربند جوابدار به سندس تعاقب ۾ اچي ويا ۽ هٿياربند مقتول نوجوان کان ٿيلهو ڦري ويا. بيگ ۾ ڪيمرا ۽ ٻيو قيمتي سامان هو، جنهن تي نوجوان مزاحمت ڪندي زمين تي پيل پٿر کڻي هٿياربندن کي هنيا جنهن تي جوابدارن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.
اسين سمجهون ٿا ته ڪراچيءَ ۾ هن نوعيت جا واقعا ڪراچي واسين لاءِ خطري جي گهنٽي آهن، تنهنڪري اتي نه رڳو پوليس کي ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪي به ڦورو بنا خوف جي ماڻهن تي گوليون وسائي رهيا آهن يا تشدد ڪري رهيا آهن، انهن خلاف ترت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رهي ۽ شهري پنهنجي روزمره جون سرگرميون بنا ڪنهن خوف جي جاري رکي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button