سال 2022ع پڄاڻيءَ تي پهتو آهي. هن سال تيز برساتن سبب سال جي وچ ۾ باقي ڪمن جيان ادبي سرگرمين تي به اثر پيا. ان سان گڏ مهانگائيءَ جي پيدا ٿيل لهر سبب ڪتابن جي ڇپائيءَ تي به اثر پئجي ويا. پر سال جي آخري مهيني ۾ تيزيءَ سان ججها ڪتاب اچي ويا، جن ۾ ناولن جو به چڱو تعداد شامل ٿي ويو، جن ۾ اختر حفيظ جو ناول “ڪيفي ادب” پڻ شامل آهي. اختر حفيظ جو هيءَ ٻيو ناول آهي، ان کان اڳ سندس ناول “ڪووڊ 19” پڻ چڱي موٽ ماڻي چڪو آهي.
خيال:
ناول ۾ طنز ۽ مزاح جو عنصر به آهي ته سماجي حقيت نگاريءَ جو به. وجوديت به آهي ته بي معنويت به. جڏهن ته سماجي حقيقت نگاريءَ سان گڏ جادوئي حقيقت نگاري پڻ پيش ڪيل آهي. اديبن ۾ موجود ساڙ ۽ مخالفت، ڌڙابندي ڪري پاڻ کي اڳتي ڪرڻ ۽ لائق ليکڪن کي پوئتي ڌڪڻ وارن عملن کي سٺي طريقي اظهاريو ويو آهي. ادبي اسٽيبلشمينٽ، ٽڻي ٽامڻي، حادثاتي ليکڪ، جڳاڙي ليکڪ وغيره جهڙا اصطلاح طنز ۽ مزاح سان گڏ سماجي حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي به ڪن ٿا. آدرش جي پريشاني، مونجھه، هيڪلائپ، نراسائي ۽ ويڳاڻپ ناول ۾ بي معنويت ۽ وجوديت جي عنصر کي اظهارڻ جو اهم ذريعو آهي. ٻئي پاسي مرحوم ڪهاڻيڪار ماڻڪ جو آدرش جي خوابن ۽ روبرو سامهون اچڻ جادوئي حقيت نگاريءَ جي زمري ۾ اچي وڃي ٿو. ان ريت ڏسجي ته ناول ۾ مختلف خيالن themes جي رنگن جو امتزاج موجود آهي، جيڪو ناول کي گهڻ رخي خيالن multiple themes وارو بڻائي پڙهندڙن کي الڳ الڳ وهڪرن ۽ دنيائن ۾ وٺي ويندو رهي ٿو.
ڪردار:
مکيه ڪردار آدرش غربت ۽ مفلسيءَ جو شڪار آهي. هو پنهنجي دور جي اديبن ۾ سڀ کان ڀلو ڪهاڻيڪار ۽ جديد ادبي روايتن ۽ تحريڪن جو ڄاڻو آهي. هن جي عالمي ادب تي گهري نظر آهي ۽ گهڻو مطالعو ڪندڙ هجڻ سبب ذهين ۽ بهترين نقاد پڻ آهي. هو پختو ۽ معياري ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس آهي. سندس مخالف اديب کيس پوئتي ڌڪڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ کان وسان ڪين ٿا گهٽائين. غربت، گهريلو ذميوارين، ماءُ جي بيماري، ۽ ادبي سرڪل ۾ نظرانداز ٿيندو رهڻ سبب هو هيڪلو بڻجي مايوسين جي ور چڙهي ويو آهي. سندس هيڪلائي ۽ مايوسين ۾ ڀرجهلا ٿيڻ وارا ٽي اهم ڪردار آهن. هڪ سندس دوست دلبر ۽ ٻيو سينيئر اديب ڊاڪٽر رجب. جڏهن ته سندس پسند جو ليکڪ مرحوم ڪهاڻيڪار ماڻڪ ڪڏهن سندس خوابن ۾ ته ڪڏهن سامهون اچي کيس همٿ، حوصلي ۽ پختگيءَ سان زماني کان بيپرواهه ٿي ڪهاڻيون سرجندو رهڻ جي هدايت ڪندو رهي ٿو. آدرش ۽ ڊاڪٽر رجب جا ادب تي ٿيل بحث به ڏاڍا تعريفي ۽ لاڀائتا آهن.
آدرش جو نوجوان ۽ امير ناري ملوڪان جي محبت کي موٽ نه ڏيڻ ۽ اڳتي هلي لاجواب جي محبت کي قبول ڪرڻ بحث طلب آهي. اتي ڏسجي ٿو ته آدرش ڪچي ذهن ۽ ننڍي عمر واري ملوڪان جي جذبات سان کيڏڻ بدران هن کي سندس جيون بهتر بڻائڻ لاءِ تعليم جاري رکڻ جي صلاح ڏئي ٿو. جڏهن ته لاجواب کي مضبوط ذهن هجڻ ۽ زماني کي سمجهندڙ ناري هجڻ سبب سندس آڇ کي قبول ڪرڻ ۾ هٻڪ نه ٿو ڪري. ائين چئي سگهجي ٿو ته هو ذاتي مفادن بدران عورت جي ذهني پختگيءَ کي ڏسندي حالتن جي سچائيءَ کي قبول ڪندي فيصلو ڪري ٿو. جيڪڏهن لاجواب جي پيار کي قبول ڪرڻ ۾ دولت ۽ اسٽيٽس کي ڏسندي قبول ڪرڻ وارو منطق آڻجي ته اهو ذهن ۾ رکجي ته هو ان کان اڳ اهو فائدو ملوڪان واري آڇ مان ماڻي سگهي پيو پر آدرش پاران هتي دولت، شهرت، اثر رسوخ بدران ذهني پختگي ۽ سگهارن احساسن واري ناريءَ جي فيصلي کي وڌيڪ اهميت ڏنل آهي. آخري صفحي تي سندس حالتون بدلجي خوشگوار پڄاڻيءَ تي پهچن ٿيون. ڪردار جي اها اوسر يا تبديلي شڪست کائي ٿڪجڻ بدران مسلسل ويڙهه ڪري سوڀ ماڻڻ، نراسائيءَ بدران اميد ۽ بي معنويت بدران بامقصديت جو پيغام ڏئي ٿي.
لاجواب جو ڪردار شروع ۾ ناڪاري آهي پر اڳتي هلي سندس ڪردار ۾ تعمير ٿيندي وڃي ٿي ۽ هوءَ هاڪاري بڻجي آدرش جي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڏي خوشيءَ جو سبب بڻجي وڃي ٿي. هي هڪ جوان، سهڻي، ذميوار ۽ حساس ناريءَ جو ڪردار آهي جنهن جي چوڌاري لست جي چڪر ۾ پيل کوڙ اديب موجود رهن ٿا. لاجواب مضبوط ارادي واري نيڪ دل عورت آهي. پر هوءَ ادبي حلقي ۾ اثر رسوخ ماڻڻ خاطر ڌڙابندي ٺاهڻ واري بي اصولائپ وارا طريقا استعمال ڪري ٿي. هوءَ آدرش جا ڪالم ڇپجڻ کان روڪرائي سندس پيڙاءَ ۽ مونجهارن کي وڌائڻ جو سبب بڻجي ٿي پر انت ۾ هوءَ ئي آهي، جيڪا آدرش کي مايوسين ۽ نراسائين مان ڪڍي ناول جي خوشگوار پڄاڻيءَ جو سبب بڻجي ٿي.
ڊاڪٽر رجب رٽائرڊ ميڊيڪل ڊاڪٽر آهي. هو هڪ مهذب، بااصول، سٺو نقاد ۽ گهڻ پڙهيو شخص آهي. هو ڪيفي ادب هوٽل تي ويهندڙ اديبن منجهان اهم شخصيت آهي. ادبي حلقن ۾ ايتري اهميت رکندڙ آهي جو ڪنهن به ڪتاب جي مهورت هن کانسواءِ نه ٿي ڪئي وڃي. هو ڌڙابندي ۽ تعلقن بدران اهليت ۽ معيار کي مڃتا ڏيڻ وارو بااصول فرد آهي. شروع ۾ آدرش سندس ادبي هڪ هٺيءَ سبب کانئس ناراض رهي ٿو. پر وقت گذرڻ سان آدرش محسوس ڪري ٿو ته رجب هڪ بااصول ۽ نيڪ نيت انسان آهي. ان ريت هو ڊاڪٽر رجب جي ويجهو ٿي وڃي ٿو ۽ سندن ڪچهريءَ ۾ مختلف ادبي موضوعن تي بحث ٿيندا رهن ٿا، اهي بحث هن ناول جي ڪهاڻيءَ جا اثرائتا جزا بڻيل آهن. ڊاڪٽر رجب کي ڌڙابندي بدران اهليت ۽ معيار کي مڃتا ڏيندي ايوارڊ ڏيڻ سبب ايوارڊ ڪاميٽي مان به ڪڍيو وڃي ٿو. آدرش جو رجب کان پري رهندي ڪاوڙيل رهڻ ۽ پوءِ ويجهو ٿي سندس ڪچهريءَ مان سڪون ماڻڻ ان ڳالھه ڏانهن به اشارو ڪري ٿو ته ويجهو اچڻ سان فردن کي هڪٻئي کي سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ اختلاف ختم ٿي سگهن ٿا.
ڪهاڻيڪار ڪمال علي سڳن ڀائرن جي ظلم جو شڪار ٿيل ۽ اديبن جي ساڙ ۽ ڌڙابنديءَ سبب هيڪلائپ جي ور چڙهي ذهني توازن وڃائي موت جي ور چڙهي ويل ڪردار آهي. هي رشتن جي بي قدرائپ، نراسائي ۽ زندگيءَ جي بي معنويت جي عڪاسي ڪندڙ ڪردار آهي. هي اهڙو ڪردار آهي جنهن جي زندگيءَ ۾ ته کيس نام نهاد اديب ڪا اهميت نه ٿا ڏين پر سندس موت کانپوءِ هر ڪو سندس ويجهو دوست هجڻ جي دعويٰ ڪندي نظر اچي ٿو. ان مان ادبي دنيا منجھه موجود منافقي ۽ ٻهروپ جي عڪاسي پڻ اظهاريل آهي. اهڙي ريت ڪريمان ۽ قادر بخش به رشتن جي بي قدرائپ جي ور چڙهيل ڪردار آهن. پر هي ٻئي زال مڙس هڪٻئي جا ڀرجهلا ٿي پاڻ کي سنڀاليون ويٺا آهن. ڪمال علي جو ڀائرن پاران ملڪيت ڦٻائڻ ۽ ڪريمان ۽ قادر بخش جو اولاد پاران نظرانداز ٿي هيڪلو رهجي وڃڻ سنڌ جي تهذيب جي تباهه ٿيندڙ اخلاقي روايتن جي عڪاسي آهي.
ليکڪ بهار باغيچو جو ڪردار اهڙي اديب کي اظهاري ٿو جنهن جي لکڻين ۾ ڪا سگھه ۽ دم ڪونهي. هو ادبي ڌڙابندي جو حصو بڻجي ايوارڊ ماڻڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي پر ادبي ڌڙن جي ڪرتا ڌرتائن پاران کيس ڪا اهميت نه ٿي ڏني وڃي پر هو ٺلهي ڪنگريءَ جيان ساڻن سلهاڙيل رهڻ ۾ ئي بهتري سمجهي ٿو. هو عورت اديبائن جي ڀر ۾ ويهي لست وٺڻ جي آسيس پوري ڪندو رهي ٿو. هو سندس ادبي ڌڙي کان پاسو ڪندڙ اديبن تي طنز ۽ ٺٺول ڪندو رهي ٿو ۽ پنهنجي لاءِ ڪيل ڪوڙي تعريف مان خوشي ۽ اطمينان ماڻي ٿو. اهڙي ريت ادبي دنيا جي اندر ۽ ان کان ٻاهر جا ٻيا به ڪردار آهن جيڪي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيندا ڪهاڻيءَ کي وڌائيندا رهن ٿا.
(هلندڙ)