ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي لهر ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. اهو سلسلو وقفي وقفي سان هلندو رهندو آهي. ملڪ ۾ جڏهن به دهشتگرديءَ جو واقعو ٿيندو آهي ته دهشتگردن کي چٿڻ ۽ دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جا بيان ايندا رهندا آهن. پر دهشتگرديءَ جي سببن تي ناهي ڳالهايو ويندو ۽ نه ئي انهن سببن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
افغانستان واري جنگ ڪنهن کٽي ڪنهن هارائي، اهو هڪ الڳ بحث آهي پر اهم ڳالهه اها آهي ته ان جنگ جي ڪري ڪير متاثر ٿيو ۽ هن وقت تائين ڪير متاثر ٿي رهيو آهي. جنگيون ته سالن ۽ مهينن ۾ ختم ٿي وينديون آهن پر انهن جا اثر صدين تائين ڀوڳڻا پوندا آهن. هن وقت جڏهن پاڪستان افغانستان واري پاسي کان دهشتگرديءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي ته يقينن ان جا محرڪ ماضي ۾ موجود آهن.
افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ کان پوءِ اهو سمجهيو پئي ويو ته اتي مڪمل امن امان ٿي ويندو ۽ جيڪي ڪجهه افغانستان آمريڪي جنگ دوران وڃايو آهي، ان جي بحالي ممڪن ٿي ويندي. پر جنهن ملڪ ۾ لاڳيتو 20 سال جنگ هلندي هجي ۽ اها ويڙهه نه رڳو افغانستان پر ان جي پاڙيسري ملڪن کي به متاثر ڪندي هجي، اتي امن جي بحالي ايتري تڪڙي نٿي ٿي سگهي.
طالبان حڪومت ته ماڻي ورتي پر ڪنهن به ملڪ کي هلائڻ لاءِ انتطامي گر ۽ جديد ترين سفارتڪاريءَ کان وٺي بهتر معاشي پاليسين جي ضرورت هوندي آهي. اهي ٽئي معاملا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. تازو طالبان حڪومت عورتن جي تعليم تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. هاڻ ملڪ ۾ ڪٿي به عورتون تعليم نٿيون پرائي سگهن. ان حوالي سان ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن افغانستان جي سرڪاري ٽي ويءَ تان اهو اعلان ڪيو ويو ته هڪ خط يونيورسٽين ۽ ڪاليج ۾ پڙهي ٻڌايو ويو ته ڇوڪريون هاڻ تعليمي ادارن ۾ اچڻ جي تڪليف نه ڪن، جنهن کان پوءِ سندن مائٽن اهڙي فيصلي خلاف احتجاج به ڪيو پر حڪومت ان کي ڪن لاٽار ڪندي انهن تي پوليس هٿان لٺيون وسايون.
تازو ئي افغانستان کان وٺي پاڪستان ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جون ڪارروايون زور وٺي رهيون آهن. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ هڪٻئي پٺيان دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ٿيون آهن. جن ۾ آپگهاتي بم حملي کان وٺي گوليون وسائڻ جون ڪارروايون شامل آهن. بنون ڪينٺ وارو واقعو به ان سلسلي ج يڪڙي آهي. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ پاڪستان جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آپگهاتي بم حملي سوڌو ٻيا واقعا به ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهن ته هڪ ڀيرو وري دهشتگرد منظم ٿي رهيا آهن ۽ انهن پنهنجو پاڻ کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي.
اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي کان پوءِ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) نه رڳو ان حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي پر ملڪ جي دهشت ۾ ورتل صوبي بلوچستان جي علائقي مڪران جي هڪ ويڙهاڪ ٽولي جو ٽي ٽي پي تي بيعت ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه ليکي پئي وڃي ته بلوچستان مان ڪهڙا ٽولا آهن، جيڪي ٽي ٽي پيءَ سان گڏجي ڪارروايون ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن. جڏهن ته امن امان جي حوالي سان بلوچستان جون حالتون به اڳ ڪي ايتريون بهتر ڪونه آهن. بلوچ ويڙهاڪ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪارروايون ڪندا رهيا آهن. گذريل سال ڪراچيءَ ۾ چيني عملدارن تي هڪ بلوچ ويڙهاڪ ڇوڪريءَ پاران آپگهاتي حملي کان پوءِ ادارن لاءِ اها ڇرڪائيندڙ ڳالهه هئي ته بلوچ ويڙهاڪ به آپگهاتي حملو ڪري سگهن ٿا.
بي بي سيءَ جي هڪ رپورٽ موجب پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ترجمان محمد خراساني موجب بلوچستان جي مڪران ڊويزن سان تعلق رکندڙ شدت پسندن ٽي ٽي پي جي امير ابو منصور عاصم مفتي نور ولي جي هٿ تي هجرت ۽ جهاد جي بيعت ڪئي آهي. ٽي ٽي پي مڪران جي حوالي سان بيعت ڪندڙن جي باري ۾ جيڪو بيان جاري ڪيو ويو آهي، ان ۾ چيو ويو آهي ته مزار بلوچ جي اڳواڻي ۾ بيعت ڪندڙ هي جماعت هاڪاري موٽ چاهي ٿي.
ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي مامرن جي ماهر ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پيس اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر محمد عامر راڻا چيو ته اهي ايترا ڄاتل سڃاتل ماڻهو ڪونه آهن، جن ماڻهن جو ٽي ٽي پي ذڪر ڪيو آهي. اهي اڳ ڪنهن سرگرميءَ ۾ ملوٽ ڪونه رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته جيتوڻيڪ اڳ به طالبان سپورٽ نيٽ ورڪ هو پر اهي ان سان باقاعده لاڳايپل ڪونه رهيا آهن.
بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيئر تجزيي نگار شهزاده ذوالفقار جو چوڻ هو ته اهي کي ايڏا مشهور ماڻهو ڪونه آهن. مڪران ۾ مذهبي ماڻهن ۽ اڳواڻ آهن پر ڪنهن مذهبي جماعت مڪران مان ڪنهن چونڊ ۾ هيستائين ڪاميابي ڪونهي ماڻي. هو چوي ٿو ته ايڪڙ ٻيڪڙ مذهبي لاڙو رکندڙ ماڻهو انفرادي طور چونڊ ۾ ڪاميابي ماڻيندا آهن پر ڪنهن مذهبي تنظيم کي هتي ڪا ڪاميابي ناهي ملي.
ٽي ٽي پي جيڪا هن وقت پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪرڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهي آهي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته افغانستان ۾ هاڻ آمريڪا ڪونهي رهيو ۽ ان کان سواءِ طالبان يا ٽي ٽي پي خلاف ڪاررواين جو سلسلو به بند ٿي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته ان دوران اهي شدت پسند پنهنجي مرضيءَ سان ڪارروايون ڪونه پئي ڪري سگهيا. ڊورن حملن وسيلي ڪيترائي ٽي ٽي پي اڳواڻ مارجي چڪا هئا ۽ جيڪي بچي ويا هئا، انهن هڪ اهڙي وقت جو انتظار پئي ڪيو، جڏهن اهي هڪ وري ڀيرو نروار ٿي ڪارروايون ڪري سگهن. شايد انهن لاءِ اهو وقت هاڻي آيو آهي،
ڪي تجزيي نگار سمجهن ٿا ته ٽي ٽي پيءَ جو خيال آهي ته جيڪڏهن اها آمريڪا جهڙي اجگر ملڪ کي شڪست ڏئي سگهي ٿي ته ان جي آڏو پاڪستان جون فورسز ته ڪجهه به ڪونه آهن. پر هڪ غلطي ٽي ٽي پي اها ڪري رهي آهي ته آمريڪا سان ويڙهه دوران اها انهن جي اتحادي هئي، جن خلاف هاڻ اها ويڙهه ڪري رهي آهي. تنهنڪري هي معاملو دوست کي دشمن بڻائڻ جو آهي.
امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جا امڪان ان ڪري به آهن جو ٽي ٽي پيءَ جا سليپر سيلز ڪنهن وقت به سرگرم ٿي سگهن ٿا ۽ ممڪن آهي ته اهي هاڻوڪين ڪاررواين کان پوءِ سرگرم ٿي به ويا هجن. تنهنڪري انهن ڪاررواين کي ڪهڙي ريت منهن ڏنو ويندو ۽ ملڪي امن امان کي ڪيئن بحال رکيو ويندو؟ اهو حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ هڪ کليل چيلينج آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button